Saturday, 2 June 2018

ڏک جي خبر


ڊاڪٽر عبدالستار سومرو فوت ٿي ويو
مريضن جو علاج ڪندي ڪندي خود مرضن جي ور چڙهي ويو. وڃڻ جي وهي ڪانه هيس. پڄي آيس ته ڪُمهلو ڪوچ ڪيائين. شل! ڌڻي مغفرت ڪريس، سهڻو سيبتو انسان هو.
هن هڱورجا ۾ محمد ڇتل سومري جي گھر جنم ورتو ۽ هڱورجا ۾ ئي مٽيءَ هنج ۾ سمهي پيو. اسان ڳوٺائي هئاسي. سومرن جي پاڙي ۾ گھر گھر سان گڏ هو. پرائمريءَ کان هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهياسي. کانئم هڪ سال سينيئر هو. اورچ انسان هو. ڊاڪٽر ٿيڻ تائين وڏا ڪشالا ڪڍيائين. ميمڻن مان شادي ڪيائين. هاڻ اولاد ۾ جيئندو! جو اولاد ئي وڏڙن جو پاڇو هوندو آهي.