Sunday 26 April 2015

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي تنقيدي ويهڪ سنڌ جي نامياي شاعر ۽ نقاد نصير سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري

ڪراچي(ڪلچر رپوٽ) سنڌي ادبي سنگت  شاخ ڪراچي جي تنقيدي ويهڪ  سنڌ جي نامياي شاعر ۽

 نقاد نصير سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري.  هن ويهڪ  ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار مقبول سنديلي پنهنجي ڪهاڻي “ڳوٺ جي عزت” پيش ڪئي. تنقيدي راءِ  ڏيندي نصير سومري چيو ته ڪهاڻي سادي اسلوب م لکيل آهي، جديد ڪهاڻي جي بجاءِ رپورتاز محسوس ٿئي ٿي. ڪردارن جي وچ ۾ اها ڇڪتاڻ ۽ ولوڙ جي اپٽار نظر نٿي اچي، جا تبديلي جو برعڪس روپ  اختيار ڪرڻ جوباعث بڻجي. مهڙ ۾ وڏيري جي اوطاق جو ذڪر ڪري ڪهاڻي جو سسپينس تي منڌيئڙ ڦيريو ويو آهي. البت مقبول سنديلي ۾ تخليقي صلاحيت موجود آهي. تاج بلوچ چيو ته بياني يا نيراشن واري انداز کان سنڌي ڪهاڻي گھڻو اڳتي طرف اوسر ڪري چڪي آهي. مقبول جي ڪهاڻي، ڪهاڻي گھٽ داستان وڌيڪ لڳي. سنڌي ٻولي ۾لکيل  مختصر ڪهاڻيون جيڪڏهن  انگريزي ۾ ترجمو ٿين ته اهي عالمي معيار جي شارٽ فڪشن کان ڪنهن به طرح گھٽ ڪونهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته ڪهاڻي، ڪهاني جي فني ٻولي ۾ لکيل ڪانهي. ڪهاڻي جي وارتا جي جهڙي طرح اپٽار ڪئي وئي آهي تنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته مقبول ڪڏهن اوطاقن ۾ جرڳائي فيصلن جو اکين ڏٺو مشاهدو نه ڪيو آهي جڏهن ته ڪهاڻي سان انصاف اهو تخليقڪار ڪري سگھي ٿو جنهن جو مشاهدو پڪو ۽ پختو هجي. گڏجاڻي ۾ واحد سومري ڪهاڻي ، مصطفيٰ انڙ نظم، ۽ حامد گبول چوسٽو تنقيد لاءِ پيش ڪيو.

Wednesday 15 April 2015

جماليات تي ليڪچر_ نيوز رپورٽ

KSE 100
You are here:Homeسنڌڪراچيجماليات جي متفقه مڃيل وصف اڃا بيان نه ٿي سگهي آهي: ڊاڪٽر شير مهراڻي

جماليات جي متفقه مڃيل وصف اڃا بيان نه ٿي سگهي آهي: ڊاڪٽر شير مهراڻي Featured

Written by  Published in ڪراچياربع , 15 اپريل 2015 6:38 PM
جماليات جي متفقه مڃيل وصف اڃا بيان نه ٿي سگهي آهي: ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڪراچي (رپورٽ: نصير سومرو) ”جماليات جي مڃيل ۽ گڏيل وصف اڃا تائين بيان نه ٿي سگهي آهي. مغرب ۾ جماليات جي اڀياس لاءِ الڳ سان ادارا قائم ڪيا ويا آهن.“ اُهي ڳالهيون ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ جماليات تي ليڪچر ڏيندي ڪيون. ليڪچر جو انعقاد سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ طرفان ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان ڪيو ويو. ڊاڪٽر شير مهراڻي جو پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي چيو ته جماليات جا ڪيترائي قسم آهن. فطرتي جماليات فني يا شعري جماليات، نقل ڪيل غير نامياتي جماليات، جنسي ۽ نفسياتي جماليات وغيره مشهور قسم آهن. انهن قسمن جي جماليات ۾ هڪ طرف ڪلاسيڪي جماليات آهي ته جنهن ۾ قديم يونان جي فيلسوفن مان سقراط جو اهو چوڻ هو ته ”جماليات نيڪي آهي.“ سقراط جي شاگردن مان افلاطون جماليات جي داخلي ۽ روحاني پهلوئن کي اجاگر ڪيو. هن سان سندس شاگرد ۽ سڪندر اعظم جي عظيم استاد ارسطو اختلاف ڪيو ۽ جماليات جي خارجي پهلوئن جي داخليت تي فوقيت ڏني. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪمپيوٽر سلائيڊ جي مدد سان ليڪچر ڏيندي مغربي فيلسوفن جي نظرين جا حوالا ڏنا. سقراط جي قول جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب چيو ته نيڪي جي ڏات بابت سمجهيو پئي ويو آهي ته اها ديوتائن يا مافوق الفطرت قوت طرفان پئدائشي مليل هوندي آهي، ڪانٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته جماليات سان مُدرڪ جي طرز فڪر ۾ لطافت ۽ هم آهنگي جنم وٺندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر شير چيو ته لطيف فنن ۾ جڏهن تخليقڪار ۽ سامعين يا قارئين ساڳئي سطح تي پهچي وڃن ته اُهو پورڻتا يا مڪملتا جو تجربو آهي. صارتي ڪلمقات ۾ رئوف نظامڻيءَ چيو ته جماليات جو موضوع نهايت ڳوڙهو ۽ ڳتيل آهي ۽ منهنجي جهڙوڪ سکڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر مهراڻي جو اُهو چوڻ بنهه درست آهي ته هر شي پنهنجي رد يا ضد سان سڃاتي ويندي آهي. ۽ جماليات لاءِ انگريزي ۾ استعمال يندڙ لفظ ايسٿٽڪس جو ضد ”اينسٿيشيا“ يعني بي حسي يا بيهوشي آهي. ليڪچر پروگرام جي سهولتڪار اڪبر لغاري چيو ته ادب ۽ فن سگهارين روايت سان زنده رهندو آهي ۽ هي ليڪچر اهڙين روايتن جي هڪ ڪڙي آهي ۽ آئينده جون جي مهيني ۾ ليڪچر منعقد ڪبو. تاج بلوچ چيو ته جماليات جو احساس انسان جي اندر مان وجدان جي سبب جنم وٺندو آهي جيڪو انساني تجربو چئبو نه ڪي الهام. غوث پيرزادي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، نصير سومرو، منصور قادر جوڻيجي ۽ ٻين ليڪچر ڏيندڙ ڊاڪٽر شير کان جماليات بابت سوال پڇيا. سنڌي ادبي سنگت جي سڪريٽري باري منگي آجياڻي جا ٻه اکر ڳالهائيندي سامعين جا ٿورا مڃيا. ليڪچر ۾ عورتن جو خاص ڳاڻاٽو ڏسڻ ۾ آيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، خادم حسين، پروفيسر اعجاز قريشي، رحمت پيرزادو، ابراهيم صالح، ڌڻي بخش اوڍو، غني ميمڻ، مختيار ابڙو، قدير، واحد، نورمحمد شيخ، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، ممتاز مهر، رکيل مورائي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. 
- See more at: http://sindhnewsonline.com/index.php/sindh/karachi/item/8126-2015-04-15-13-39-11#sthash.nyy4CtCp.2gD8ri8R.dpuf

Sunday 5 April 2015

پروس پکي اوپرو

پروس پکي اوپرو

نصير سومرو

پکي اڏامڻ جو استعارو آهي. هڪڙا پکي آکيري ۾ بسيرو ڪندا، ۽ ٻيا سفر ڪندا آهن. پکي، پکي آهن، مرغ پکي لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي ۽ کائڻ ۾اهو لذيذ ٿئي ٿو. گهڻي ڀاڱي مرغ  يا مرغي ڪڪڙ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جڏهن ته ڪهڙي به پکي کي مرغ چئبو آهي. شتر مرغ(اٺ پکي  اڏامندو نه آهي. حياتيات جي شعبي ۾ انسان، جانور، پکي ۽ جيت جڻا ۽ آبي جيوت جو وسيع جهان اچي وڃي ٿو. آبهوا جي موافقت ۾ ئي پکي ۽ جانور پنهنجو وجود بچائي سگهندا آهن.  هي جياپو آهي جياپي خاطر پکي سياري جي مند ۾ سائبيريا، منگوليا، يورپ ۽ ڄمون ڪشمير مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ ايندا آهن. ناهموار حالتن ۾ جيئن پکي سنڌو ماٿري جي ميدانن ۽ آبي ذخيرن ۾ اچي بسيرو ڪندا آهن، تيئن اترين ۽ اولهندي جي پري پري علائقن مان پناهگير، مسافر، ڀڳوڙا صدين کان هت ايندا رهيا آهن، ماڻهن ۽ پکين ۾ لڏپلاڻ جي جبلت جو قدر هڪجهڙو آهي.
پکي ڀلوڙ سر ۾ ڳائڻ جو استعارو به آهي. بلبل (ڀوري) ۽ ڪوئل جو آواز سريلو آهي. هنن پکين جي خاصيتن موجب انيڪ چوڻيون، پهاڪا ۽ ورجيسون مشهور آهن، اٺ پکي، اٺ وانگر ڳرو بار نه کڻندو آهي ۽ نه پکي وانگر آزاد هوا ۾ اڏامندو آهي. آهي مرغ- آفريڪا ۾ سياح شتر مرغ تي سواري ڪندا آهن. ۽ ممڪن آهي ته اتان جا رهاڪو کانئس سواري جو پورهيو به وٺندا هجن. شتر مرغ به ڪڪڙ جيان آنا ڏيندو آهي، ڪمي جي آنن وانگر اهي کاڌي ۾ استعمال ٿيندا آهن. آنا ڏيندڙ سڀئي پکي ڪونهن.  واڳون خونخوار جانور آهي، جيڪو. خشڪي تي به رهي ۽ پاڻي ۾ به رهي، آنا ڏيندو آهي.. اٺ کي چار ڄنگهون ۽ شتر مرغ کي ٻه ڄگهون هونديون آهن. اٺ ۽ گهوڙي وانگر شتر مرغ جي سواري ڪارگر ڪانهي. شتر مرغ جو گوشت ۽ چمڙو مهانگو آهي. جانور هجي يا پکي زولاجي شعبي ۾ طرحين طرحين قسمن جي جيوت جو پنهنجو گروھ آهي. جانورن جا ڌڻ ۽ پکين جا ولر،  لڳ جي نبست ۾ هڪٻئي سان ويجهڙائپ يا ڇڊائپ رکندا آهن.
ڀٽائيءَ هنج کي ڳايو آهي. مور کي ساراهيو آهي، ڪانگ کان قاصد جو ڪم ورتو اٿائين هنج ته ديو مالائي پکي آهي، جيڪو سونهن ۽ اوچي اڏام جي علامت آهي، انگريزي نظم جون سٽون آهن.
The Himalayan legend says
There are beautiful white birds
That lives completely in flight
They are born in the air
پکين جو شڪار گوشت خاطر ۽ پڃرن ۽ زولاجيڪل گارڊن ۾ تحقيقي ۽ وندر لاءِ واڙي رکڻ ثقافت ۾ شامل ٿي ويو آهي. تتر، بٽير، تلور، بلبل مور وغيره پالتو پکي آهن. ڪوئل ۽ طوطي جهڙا پکي سريلا (Song birds) آهن ڪڪڙ، تتر ۽ ٻيا پکي ويڙهائي وندر جا وسيلا پيدا ڪيا ويندا آهن. پکي جو سماجي ڪارج آهي.
کاڻ اندر معدنيات جو پتو ٻاهر بيهي ليب،  ۽ مشينري سان لڳائبو آهي. کوٽائي ۽ وڌيڪ طريقڪار مان معدنيات گذارڻ ۽ گھربلڌات، تيل، ۽ گيس ٺيٺ حالت ۾حاصل ڪرڻ جي مڪمل صنعت آهي.انسان جو سينو به و0ي کاڻ آهي، جنهن ۾ دوئي جا سڀ اولڙا انيڪ اولڙن ۾ بدلبا رهندا آهن.. آتم ڪٿا، ڊائري ۽ ٻين ادبي گهاڙيٽن جا تجربا ڪرڻ ۾ سار جو وڏو دخل آهي. اندر مان تحريڪ جنم وٺي ته اهو گهاڙيٽو پاڻ کنيو ايندو آهي. اهو اسم اڪلائڻ ۽ دير نه لڳندي. تحرڪ يا تحريڪ Impulse جو تسلسل آهي. هي تسلسل مشق جاري رکڻ سان فني پختگيءَ جو سبب آهي.
  ادب ۾ زباني ۽ لکت جون ٻئي روايتون سگهاريون رهيون آهن. خاص ڪري، شاعري جنهن شاعر کي شهرت ۽ مڃتا جي معراج تي پهچايو، سو زباني(Oral) آهي. هن وقت شاعري لکجي ٿي.، لکجڻ واري شاعريءَ ۾ زباني شاعري واري اڇل، جيئن ٻلهڻ پاڻيءَ مان مٿي بُل ڏيندي آهي، ڪانهي شايد، اهو ڪارڻ آهي، جو جيتري شاعري لکجي ٿي، ڇپجي ٿي. اوتري پڙهي نه ٿي وڃي. سار، شخصي تجربي سان گڏ، گڏيل لاشعور جو روپ ڌاري جڏهن مروج ٻولي ۽ ثقافتي اصطلاحن ۽ ورجيسن ۾ شاعرائڻو، اظهار بڻجي ٿي، تڏهن اتهاس شاعر جي واتان ڳالهائيندو آهي. هن اوچي پد جي شاعري کي آفاقي قدرن واري تخليق سمجهيو ويندو آهي.
مند جو ڦيرو پنهنجا اثر سار جي شڪل ۾ ڇڏي ويندو آهي. وقت گذّرڻ سان گڏ گڏ يادگيري وجدان جو روپ ڌاريندي وڻڻ لڳندي آهي، ايتريقدر جو تلخ تجربي جي يادگيري به پنهنجي ذات سان نسبت رکڻ ڪري وڻندي آهي پت جهڙ ۾ ڇا ته وڻڪار جو وايو منڊل آهي. وڻن مان ڇڻيل پن ڳارها، پيلا ايراني قالين وانگر زمين تي وڇايل هوندا آهن ڇڻيل پنن جو رنگ آهستي آهستي مٽجڻ لڳندو آهي. واءُ جي جهوٽي تي سڪل پنن ۾ مڌر موسيقي جي سُرن وانگر کڙڪو ٻڌڻ ڪاڻ به بيهڻو پوندو آهي. کڙڪي سان گڏ پکين جون لاتيون به شامل ٿي وڃن  ته موھ ۾ ويتر اضافو ٿيو پئي. ابهم ٻارن وانگر ساروڻيون وڻن هيٺيان  ڇڻيل رنگ برنگي پنن سان کيڏي رهيون آهن ڪپر ساروڻيون سار جو جمع صيغو آهي. سانگي پکي ولر جي شڪل ۾ سفر ڪندا آهن کين جياپي جي آس وحداني قوت جا سهاري موافق مند ۽ ماحول ۾ وٺي ايندي آهي. هزارين پرڏيهي پکي سياري ۾ سنڌ اچي لهندا آهن. هي به سار جا سانگي پکي ڀاسندا آهن شعر به سانگي پکي آهن جئريون آتم ڪهاڻيون، ڪهاڻيون وغيره ڪل تخيل جو عڪس سار جو اٿلڻ آهي.
پت جهڙ گذري وئي، پوھ موڪلايو يک ٿڌين هوائن اعتدال اختيار ڪيو. ٺوڙهن وڻن ۾ پن ڦٽڻ شروع ٿيا، گونچ ۾ گل ڌيري ڌيري  ڦوٽهڙي ۾ ڪنوار جي سينگار جو ڏيک ڏيڻ لڳا. هي مند جو ڦيرو آهي. حالتون ڦريون، انساني ڪيفيتون ڦريون زندگي ۽ موت پڻ ٻه حالتون. ٻه ڪيفيتون، جانورن ڏينهن جي پڄاڻي کان پوءِ رات کي موت سمجهندا هوندا، ڪهڙي خبر ته اهي ڏينهن رات جي ڦيري ۾ ڇا سوچيندا  هوندا مند جو اثر ضرور مٿن پوندو هوندو، پر آئيندي جي فڪر کان آجا آهن ته مرڻ کانپوءِ ڇا هڪ نئين حياتي اوسيئڙي ۾ آهي يا سڪل پن واءُ ۾ وکري ويا ته وسري ويا انسان تخليق جي مدد سان رات جو پڻ ڏينهن وارو معمول جاري رکڻ ۽ چوويهه ڪلاڪ ڪارخانن جي چمنين مان دونهون خارج ڪري پورهيو پيداوار ۾ بدلائي رهيو آهي. نفسياتي مونجهارا، ايترا ئي وڌندا ۽ ٻيڻا ٽيڻا ٿي رهيا آهن، جيترا ترقي جا امڪان نت نوان جنم وٺندا رهن پيا جانورن آهن، مونجهارن کان بچيل آهن. موجهارا پڙهيل لکيل ماڻهو اشتهارن وانگر منتقل ڪندا آهن. ڪن ڏاهن جو ايتريقدر چوڻ آهي ته پڙهيل لکيل ماڻهو برابر انسانذات کي فائدو پهچايو آهي. پر ان فائدي کان وڌيڪ هاڃو رسايو آهي. ڄاڻ يا علم گهڻن جي آڏو نقصانڪار ۽ گهڻن جي اڳيان فائديمند آهي. هو ڪير آهي هٿ ۾ عصا اٿس. مٿو اگهاڙو ۽ چمڪندڙ چهرو. اڇي ڏاڙهي قداور مڙس جبو پهريل ڪجهه چئي رهيو آهي…………
Ignorance is bliss
”اڻڄائيءَ ۾ آنند آهي“
گيڙو رتل گودڙيءَ واري هن ساڌوءَ جي آڏو هڪ نوجوان  اچي ٿو. هن ڪلين شيو، پينٽ شرٽ پهريل، هٿ ۾ ڪارو بيگ اٿس، بيگ ۾ قلم، پنا، موبائيل ۽ ليپ ٽاپ رکيل آهن. نهايت ادب ۽ احترام چويس ٿو.
I beg to differ
”توهان جو چيو مونکي ان سان اختلاف آهي“
ڄاڻ ۾ آنند آهي ڄاڻ مڪملتا جي متقاضي آهي، اڌوري ڄاڻ، ڄاڻ ڪانهي.
هڪ ٽيون همراھ اچي ٿو، اڌيڙ عمر جو نقاد آهي……. هي ٻنهي کي چئي رهيو آهي.
Ignorance is bliss
I think knowledge can be bliss
As well, and both can be harmful
توهان ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو پر اڻڄاڻائي هجي يا ڄاڻ، ٻئي هاڃيڪار آهن.
ساڌو ۽ نوجوان ٻئي ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا. ٻنهي وچان وهي وڇوٽي ختم ٿي وئي هاڻ هنن جو مخالف ٽيون شخص آهي ٻئي هن کان پڇن ٿا ته جيڪڏهن ڄاڻ ۽ اڻڄاڻي پئي هاڃيڪار آهن ته فائديمند شي ڪهڙي آهي؟
Kindness is bliss
”ٻاجهه ۾ آنند آهي
ٻاجهارا بڻجو
اگهن تي ٻاجهه ڪيو
ته سگهارا توهان تي ٻاجھه ڪن“
پکي اڏامڻ ۾ معراج ماڻي ٿو. هن کي اڏامڻو آهي اڏامڻ جي دوران پکين جو انسان شڪار ڪندو آهي پکي ان جي باوجود اڏامڻ ڇڏي نه ڏيندو آهي. سياري جا پرڏيهي پکي شڪار ٿي وڃڻ جي خطري باوجود به هجرت ڪندا آهن. هجرت موسمي هلچل آهي. هلچل انتهائي مجبوري ۾ گڏيل شڪل اختيار ڪندي آهي. ماڻهو به هجرت ڪري ٿو زمين تي رهندي هڪ ديس مان ٻي ديس اچي وڃي ٿو. طاقت جي زور تي ڏاڍو هيڻي کي ٻانهون بڻائي مٿس راڄ ڪري ٿو. زندگي مان موت جو لقاءُ به هجرت آهي. اڻ ڏٺل ڏيهه ڏانهن سفر
A few species stay where they rested
سڀ پکي ساڳي طرح هڪ هنڌ نه رهندا آهن جتي بچا ڪن سياري ۾ اڏامي اهڙن هنڌن تي اچي بسيرو ڪندا آهن، جتي کين مند جي سختي کان بچاءُ ٿئي. لڏپلاڻ، ”ٻڏندڙ“ ٻوڙن ۾ ڪي هاتڪ هٿ وجهن” بي مصداق جياپي جي جستجو آهي.
A better chance of survival رڳو پکي ڇو ماڻهو لڏي پاڻ بچائيندا رهيا آهن ايران ۾ جڏهن بابي تحريڪ جي مڃيندڙن مان قرت العين طاهرا کي”موت جي سزا ڏني وئي ته لکين ايراني سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪراچي ۾ پارسي حب الوطني جي جذبي تحت شهر کي ترقي وٺرائڻ ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. شادي وهانءُ پنهنجي جاتيءَ مان ڪرڻ جي پابنديءَ جي سبب هنن جي آبادي گهٽجي رهي آهي.
جيوت (Species)مان ڪن ساهوارن جو نسل معدوم ٿي ويو. ڊائناسور بابت خيال آهي ته هنن جي جياپي کي خطرو لاحق ٿيو ته پکين جي شڪل اختيار ڪري ورتائون.
اسان وٽ استعاري طور مک پکي طوطو آهي طوطي کي مٺو به چئبو آهي. ميان مٺو مان مراد ٻولڙو آهي. ڪبوتر پاليو ويندو آهي. ڪبوتر جي اڏام جي شرط لڳندي آهي. تتر، ۽ بٽير، ڪڪڙ جي ميل ٿيندي آهي. ”مرغ“ پکي لاءِ ڪتب ايندڙ اصطلاح ڪڪڙ لاءِ مخصوص ٿي ويو آهي ڪڪڙيون اڏامن نٿيون. توڙي اهي پکين ۾ شمار ٿينديون آهن. هنن ۾ ولر ڪري رهڻ جو لاڙو اڏامندڙ پکين وانگر آهي.
بڙ، نم ۽ پپر جا گهاٽا وڻ پکين جون پناھ گاهون آهن. ڪراچي وانگر وڻ جي واڍي ڳوٺن ۾ به ٿي رهي آهي،  ڀٽائي سچل ۽ قلندر جي ميلن ۾ ياتري وڻ جي ڇانوَ لاءِ سڪندا آهن.
شاعرن فطرت کي ڳايو، فطرت جي حسناڪيءَ سان پاڻ جوڙي رکيو ۽ انهن جي مزارن تي لڳندڙ ميلن ملاکڙن جي دوران وڻن کان محروم رکڻ افسوسناڪ آهي وڻ هوندا ته پکين جا نامياتي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، ۽ ڪَنَ رَسَ ڏيندا.  غير نامياتي آواز ڦاٽل دهل وانگر جماليات  کان عاري ڪڏهن رڪشي ته ڪڏهين ٽريڪٽر جي دونهين گاڏڙ آلودگيءَ ۾ اضافو ڪندڙ آهن.
پکي داڻي جي قلت سبب هڪ هنڌان ٻي هنڌ لڏپلاڻ ڪن ٿا. اها به اهڙي هنڌ جتي کين رڳو داڻو پاڻي ئي نه ملي پر آبهوا پڻ موافق هجي. اچرج جي ڳالهه اها ته مند هموار ۽ کاڌ خوارڪ جي دستيابيءَ باوجود پکي اتان لڏپلاڻ ڪري واپس پنهنجن ماڳن مڪانن ڏانهن ورندا آهن. ڇو؟ جواب ڏيڻ مشڪل آهي
ڪن ڏاهن جو خيال آهي ته آنن ڏيڻ واري هنڌ يعني زمين تي وڌيڪ رهندا ته سانگي پکي مري ويندا. ان ڪري خطرو  اکين سان ڏسندي به کين اڏامڻو آهي ۽ اهو به ولر جي شڪل ۾
Migration usually demands
Lots of energy and can be dangerous,
But for, many birds the benefits
Outweigh the costs, because if they
Stay on the breeding grounds,
They would almost certainly die.


پڃري جو پکي اڏامڻ کان لاچار آهي پڃري جو در کليو به ته ڇا! نه کليو به ته ڇا، هاڻ هن کان اڏرڻ نه پڄندو. سَنَڌَ هڪ هنڌ رهي رهي سُڪي ويا اٿس. جيتوڻيڪ داڻو پاڻي وقت سر ملندو اٿس. ڪڏهن ڪڏهن هن جو پاليندڙ باغ ۾ پڃري کان ٻاهر گاھ ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. پيرن سان هلندو آهي ماڪ ڀنل گاھ مان لطف وٺندو آهي. هن تي پاليندڙ نظر رکندو آهي، جو. باغ ۾ گوشت خور جانور به آهن،. ڪٿي تتر کي چيري ڦاڙي ذريون ذريون نه ڪري ڇڏين..
هري مري وڃن ته، مرغي جي دڪان ٻاهران ڪتا ۽ ٻليون گڏ ڪٺا نظر ايندا. چڙيا گهر ۾ چيتو ۽ هرڻ گڏ هڪڙي هنڌ بيٺل آهن. ڪتي کي هڏي ملي ٿي ته ٻليءَ کي ڇو کائي، چيتي کي گوشت جام ٿو ملي، هرڻ کي ڇا لاءِ ماري. هيءَ فطرت ۾ تبديلي گهڻن سوالن جا جواب لهڻ جي دعوت ڏيندڙ آهي ته جيڪڏهن انسان،  انسان جو گوشت به نٿو کائي ته ماريس ڇو ٿو؟ بک جو معاملو ڪونهي، ورڇ ۾ ناانصافي جو معاملو آهي. حرص آهي. بدلي جي باھ جو ڀڙڪو آهي. تتر، طوطي، بٽير، بلبل، ڪبوتر ۽ ٻين پالتو پکيئڙن کي پنهنجو بچاءُ ته ڪرڻ اچي ٿو، پر اُهي شڪاري پکين وانگر ۽ سو به پڃري ۾ ڊگهو عرصو رهندي هري وڃڻ کانپوءِ حملو ڪري نٿا سگهن. سماج اندر قانون جي تحت زندگي گذاريندڙ شهرين کي طرح طرح جو اذيتون سهڻيو پون ٿيون. ليکڪ پڻ اهڙين حالتن مان لنگهي رهيو آهي.
اڳرائي ۽ مزاحمتي فطرت جي جڙڻ ۽ ٽٽڻ ۾ مدت لڳي ٿي. يڪا يڪ ڪا تبديلي نٿي اچي. ڦيرو اچي به ته اهو جٽادار نه رهندو وايو منڊل ئي اهڙو آهي، پنهنجي مرضي هجي تڏهن به تبديلي اچڻي آهي ۽ هٿ هٿ تي ڏئي ويهر رهجي تڏهن به ڦيرو اچڻو آهي. بنا ارادي گهارڻ کان اردي واري حياتي چڱي آهي.
آزاديءَ ۽ غلامي جي ٻنهي طرحن جي انسان امرتا جو آرزومند آهي. امرت رس ڪٿان اچي، جو پيئڻ سان انسان امر ٿي وڃي. آئيندي جو ڀو ڀلائي ٿو. لوڀ ۽ لالچ ۽ ڦاسائي ٿو ڀئو ۽ الڪا ساري ڄمار پيڇو ڪندا رهن ٿا. انهن مان جند ڇڏائڻ  ۽ اڳواٽ بندوبست ڪرڻ خاطر لالچ ۾پيو ته پوءِ نڪرڻ ڏکيو آهي. ”حرص هزارين هٿ“ جي مصداق ايتري ڊگهي حياتي ڪانهي، جيتري ميڙ ميڙان جي طلب بيچين ڪندي رهي ٿي. منشي ابراهيم جو تخيل آهي:
نيئن ڪاڪ اڏبي، نوا ايندا راڻا
مان هوندس نه هوندس سو پاڻ نه ڄاڻان
ماڻهو ويچارو ڄاڻ هوندي اڻڄاڻو اُئيندي جي ڀو ۾ ڀليل ۽ ڀٽيڪل قسمين قسمين آشائن جا ديپ جلائي ٿو. هن روشني مان دڳ مان پئي مٽي اندر ڪهڙو ديپ ٻرندو اياز موت جي ٻي ڀر لهڻ ۾ وڏي هلچل ڪئي. پوءِ به ائين ئي چوڻو پيس
شفق، پاڻي گڻگن ۾ نيلوفر جا گل،
ويندا اونداھ ۾ ٻڏي، سارا اُڙين هل،
يا هيءَ منهنجي ڀل، ٻيهر اچڻو اُن تون
پکي اڏامي ڪا ڏي ٿو وڃي؟
پکيءَ کي خبر! هي خبر ٻين پکين کي نٿو ڏئي سگهي. ٻنهي جي وچ ۾ پردو آهي. زنده پکي پردي  جي هڪ پاسي ۽ الوپ پکي پردي جي ٻي پاسي ٻنهي جو ميلاپ ممڪن ڪونهي. پروس ته پروس آهي ئي، وس وارو به بيوس آهي. ٻئي الڳ الڳ دنيائن ۾ هجڻ ڪري اوپرا آهن. اڏامي ويل پکي خواب ۾ اچي ته ٺيڪ، نه ته جو ويو سو وريو ڪونهي. پر هي ڳالهيون ڇو ٿو ڪيان. ڇا آخري اڏام جي تياري اٿم،. تياري ته آهي تيستائين وقت گذاريان ٿو. ڪيئن ٿو گذي سٺو يا خراب ڏسڻو ڪونهي. قلم ۽ ڪاغذ ساڻ آهن. جڏهن تڏهن وٿي ملڻ تي لکندو آهيان. لکندو ڇا آهيان اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
اجائي رهي زندگي!
سجائي رهي زندگي؟
رڳو نانءُ پنهنجو نصير،
پراڻي رهي زندگي!
ٻڌايان پيو جابجا،
فسانوالائي ته ڇو ؟
ڪڏهن ڪو نه پنهنجو لڳو.
زمانو الائي ته ڇو؟

فلم ”پکي“ جو تذڪرو موضوع سان ٺهڪندڙ ۽ بنهه وقتائتو آهي  فلم ڏسڻ کان پوء  اها ساروڻين ۾ محفوظ ٿي وئي.
هزارين جي تعداد ۾ پکين کي ڪمال فن ۽ همٿ سان فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي تجسس سان ڀرپور فلمن مان هن فلم کي ڳڻتيءَ ڀريي ڳجهه ۽ ڳڻ واري  The master of suspense  چيو ويو. ”پکين جو حملو“ اهڙي مهارت سان ڏيکاريل آهي جو فلم من گهڙت نٿي لڳي.
فلم پکي/The Birds سن 1963 ۾ ٺهي تيار ٿي. سائنسي فڪشن، هارر  موويز، ۽ ٻي فينٽيسي جي سلسلي ۾ وڏا وڏا تجربا ڪيا ويا آهن. ۽ عالمگير سطح جي وشال خيال ۽ نظريي کي فني اُڻت ۾ آڻن جي صلاحيت به درڪار آهي. فقط خواهش ڪرڻ ڪافي ڪانهي. گهربل ڪردار نڀائڻ خاطر تعليم ۽ سکيا ۽ وسيلن جي دستيابي جا امڪان پيدا ڪرڻا ٿا پون. ”شهڪار“ پورهيو سامهون اچي ٿو ته مڃتا جا سرٽيفڪيٽ ملڻ شروع ٿين ٿا. پکين کي سوشلائيز بڻائڻ ۽ انهن کان ڪم وٺڻ ۽ اهو به اهڙو جو ڏندين آڱريون اچي وڃن مذڪوره فلم جي ڊائريڪٽر ايلفرڊ هچ ڪاڪ جو ڪمال آهي. هيءَ انگريزي فلم (پکي) آمريڪا ۾ 28 مارچ1963ع تي رليز ٿي.( هڪ سال ليکڪ جي ڄمڻ جي تاريخ کان پهريون جو واقعو). فلم تي ٽي ڏهائي ٽي ملين، يا ٽيٽيهه لک ڊالر لاڳت آئي.
”دي برڊس“ سال ٿيندا ڏٺي هئي. ان جو اثر سانڀر ۾ اڃا جاءِ والاري ويٺو آهي،. خوفائتيون فلمون هجن، يا ٻيا منظر،  جيڪي زندگيءَ ۾ حادثاتي طور سان ڏسڻا پون ٿا، اهي جلدي نٿا وسرن،شرابي بود ۾ اچي روح کي جنجهوڙيندڙ تجربن جي ڪڙي سار اٿل کائڻ تي وڦلندڙ آهي. خوفائيتون فلمون نه ڏسندو آهيان.  مفروضن تي ٻڌل فلم ۾ حقيقي منظر نگاري نه ٿيل هجي ته ٻه ڪلاڪ اڍائي  اسڪرين اڳيان پارڪ ٿي ويهڻ ڏکيو آهي. ”پکي“ نالي فلم انسان جو ٽاڪرو پکين سان ڏيکاريو ويو آهي. سٺ هزار پکي فلم ٺهڻ ۾ استعمال ٿيا.
اُهي پکي جهرڪي(اسپيئرو) جي نسل مان ها، اسپيرو جنهن نسل جو آهي، اهو بچاءُ يا پٺي هٽڻ واري پکين جي گورھ مان آهي گهرن ۾ رهندڙ جهرڪي (هائوس اسپيئرو) ڏاڍي ڦڙتيلي ۽ ٽاھ کائيندڙ پر مقابلو ڪندڙ آهي. گاھ جون جهرڪيون به آهن جي اڏامڻ سان گڏ، پٽ تي هلنديون آهن. جهرڪين مان هڪ نسل باز، شاهين، يا شڪري جو ڦيري لڳائڻ وارو به آهي. يعني هڪ نسل جي پکي (جيوت) ۾ ڪو ڪاھ ڪندڙ آهي ته ڪو وري پٺتي هٽڻ وارو آهي. هيءَ فطرت آهي. ان فطرت کي نفسيات چئون ته غلط نه آهي. ڊڄڻي شخص يا ترت گهٻرائجي ويندڙ کي جهرڪيءَ جي دل رکندڙ چيو ويندو آهي پر سڀئي جهرڪيون ڊڄڻيون ڪونهن. اڪيلي رهڻ، ڳائڻ (يا چون چون ڪرڻ) ۽ هڪڙي هنڌ نه ٽڪڻ جي خاصيتن واري پکيءَ ۾ ٻيون به گهڻيو خوبيون آهن. لڳ جي مند ۾ نر پکي (جهرڪ) آواز ڪڍي پنهنجي صحتمدن ۽ سگهاري هجڻ جو اشارو ڏيندو آهي.
جهرڪي سوٻٽ (جيت) کائيندي آهي. ٻج به کائي. جهرڪيون (مادي ۽ نر) عمومن ڏسڻ ۾ هڪجهڙيون آهن. جهرڪيءَ جو رنگ ميٽائون ۽ جهرڪ جو قدرتي ڳاڙهسرو ٿيندو آهي. ڪن هنڌ تي، جهرڪيءَ جي چهنب طوطي جي چهنب وانگر سخت هوندي آهي. ماحولياتي اثرن هيٺ ساڳي نسل جي پکي جي وصفن ۾ ڪيتري قدر ڦيرو به ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
گهريلو جهرڪي لڳ جي معاملي ۾ اڳرائي ڪندڙ آهي.
باربار لڳ ڪرڻ جي خاصيت سبب شوقين مڙس کي جهرڪ سان تشبيهه ڏني ويندي آهي.