Sunday, 11 April 2021

مضمون: شاعريءَ جو رومانس نصير سومرو

 

  

شاعري جو رومانس

نصيرسومرو

ادب جون تخليقي صنفون شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ئي شمارجن ٿيون پر ناٽڪ، سفرنامو، آتم ڪٿا، خاڪه نويسي، تنقيد آهن. ڪالم نويسي به ادبي ڪاوش آهي. البت ڪالم نويسي، تحقيق ۽ تنقيد کي ثانوي ادب چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ مرتب ڪيل، يا سهيڙيل ادب سڌار ۽ اوک ڊوک جي مرحلن مان گذري، هڪ عمدو ۽ اثرائتو گھاڙيٽو اختياري ٿو، پر اهو ناشر طرفان چپجڻ سبب هڪ طئه ٿيل نڪتي نظر جو ترجمان رهي ٿو. تخليقي ادب آزادي سان لکجي ٿو، جيڪو فڪري سطحن تي انسانيت جي آفاقي قدرن ڏانهن لاڙو رکي ٿو. هن وقت شاعري به لکجي ٿي، جڏهن ته اوائل ۾ شعر چئبو هو. شعر گوئي وارو اصطلاح زباني شعر چوڻ جي روايت (Oral Tradition) جو ساکي آهي. لوڪ ادب ۾ شعر گوئي توڻي داستان گوئي جي روايت جو تسلسل اڄ سوڌو ملي ٿو. جنگيون هجن، يا قدرتي آفتون، رسمون رواج هجن، يا اوزارن ۽ پيداواري وکرن جا وڻج واپار هجن، هر ننڍي وڏي ياداشت کي لوڪ ادب ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو. داستان شعري گھاڙيٽي ۾ لکيا ويا، انهن کي وڏي پذيرائي ملي ۽ اح انهن دستانن جا ڪردار ضرب المثل جو درجو رکن ٿا. هي ادب جو سگھارو ۽ ديرپا اثر ئي آهي جنهن سان قومن جي ثقافتي سڃاڻپ ٿئي ٿي. سو ادب احساس جي لسانياتي تخليق آهي ۽ تخليق جو سپر اسٽرڪچر جذبن جي انفرا اسٽرڪچر تي قائم دائم رهي ٿو. دليل، نقطي نظر ۽ فڪري سٽاءَ جي اپٽار شعوري  هجڻ سبب خارجيت جون گھرجون پوريون ڪن ٿيون پر منجھن جذبي ۽ احساس جو فقدان رهي ٿو. جذبي ۽ احساس جي جانبدارانه، آزادانه ۽ جمالياتي اپٽار داخليت جي نت نين وادين جوسئر ڪرائي ٿي. اهوئي سبب آهي جو ادب جو ڳاڻيٽو داخليت ۾ ٿئي ٿو.

سنڌي شاعري جون ٻوليءَ جيان پاڙون گھڻيون پڪيون ۽ پختيون هونديون آهن. ڪيتري به حالتن جي ڦير گھير آئي، شاهي محل ماڙيون ڊهي پٽ ٿي ويون پر سنڌي ٻولي ۽ شاعري جون ڏياٽيون جلي ۽ جرڪي رهيون آهن. اها ساهن ۾ سانڍيل مٽي جي مهڪ آهي، جياپي جي ضمانت سنڌو جل آهي، انڊس ويلي جي تهذيب ۽ خوشحالي جو رومانس آهي جنهن جي آبياري شاعر رضاڪارانه طور ڪندارهن ٿا. جيئن بڙ، يا پپر جون پاڙون اونهيون ۽ گھڻيون پکڙيل ٿين ٿيون جنهن ڪري ٻيو ڪو وڻ انهن ويجھو اسري نه ٿو سگهي، تيئن شاعري جي چيڪي مٽي احساس جي پاڻيٺ ۾ اهڙي ته ڳوهيل آهي جو مٿس انيڪ ٻولين جو اثر پيو تڏهن به منفرد مزاج  کي برقرار رکيو. هيءَ انفراديت ئي شاعري جورومانس آهي جيڪو ادب ۽ آرٽ جي بچاءَ، ڦهلاءَ ۽ ڦلار ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.

ابلاغ جي ڊجيٽل ذريعن جي مقداري ۽ معياري واڌ ويجھ سان شاعري جي ڦهلاءَ کي به وڏي هٿي ملي آهي. هونئن شاعري ڪنهن مخزن، اخبار ۽ ڪتاب ۾ جڏهن شايع ٿئي، انتظار ڪرڻو پئي ٿو پر سوشل ميڊيا تي شاعري (ڪچي/ پڪي) اپ لوڊ ڪري فوري فيڊ بيڪ ورتو وڃي ٿو. هن وقت عام توڻي خاص ماڻهو فيس بوڪ تي ويهي ٿو. ان ڪري شاعر جي ڪلام جي پذيرائي به سرحدي بندشن کان ماورا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿئي ٿي. اشاعت ذات جورومانس تخليقڪارکي متحرڪ ۽ فعال رکي ٿو. جھٽ گھڙيءَ ۾ رابطو، ماضيءَ ۾ ممڪن هو ته اهو ڏند ڪٿائن جي اهڃاڻي ڪردارن سان منسوب هو. داستانن ۾ ڪردار گھڙي، گھربل نتيجا پئي ڪڍيا ويا، ماورائي سهي، پر تخليقي هئا. سو تخليق ايتري آڳاٽي آهي، جيترو آڳاٽو خود انسان آهي. هيءَ انساني ذهانت آهي، جنهن کي ڪتب آڻيندي، انسان هڪ ڪائنات اندرڪئين نئون ڪائناتون جوڙي ورتيون. طبيعات جا اصول دريافت ڪيائين، نت نئين ٽيڪنالاجي ذريعي پيداوار سان بازارون سجائي ڇڏيائين. سوشل ميڊيا ايڪيهين صدي جي آن لائن بازار آهي.

هن وقت گھڻو سمي آن لائن رهندي گذارڻو پئي ٿو. اڳ وقت گھڻو هو ته ڊگھا ڊگھا داستان ٻڌائڻ جو جواز هو، اڄ اهو مونجھارو درپيش ڪونهي. هڪ قلم، هڪڙو مان، ڇا لکي ڇا لکان واري حالت ۾ رهندي هڪ ئي سمي گھڻيون ذميداريون نڀائڻيون پون ٿيون. ڊجيٽل دور جو شاعر لکڻ سان گڏ ڪمپيوٽر تي ٽائيپ به ڪري ٿو. هي شعر کي ٺاهڻ (Making)، هيئت ڏيڻ (Shaping) ۽ اُڻت/ سنوار سڌار (Treatment) جو  ضمني پورهيو به خود شاعر ڪري ٿو.

انٽرنيٽ هڪ روشندان آهي. منجھانئس روشني اچي ٿي، هوا اچي ٿي ته احساس جي سوڙهه ختم ٿئي ٿي. ڪٿي به هجي، انسان ساري دنيا جي انسانن سان جڙي وڃي ٿو. اهو جوڙڻ جو ڪم اديب، شاعر، آرٽسٽ، عالم ڪري رهيو آهي. نيٽ جو روشندان ڪشادو آهي. ڪڏهن اتر لڳي ٿو، ڪڏهن ڏکڻ! جو روشندان جي ٻن پاسن مان، هڪ ٿڌن  علائقن ڏانهن کلي ٿو، ٻيو گرم علائقن ڏانهن. سائبيريا، الاسڪا جهڙن اتر قطب جي ويجھو انهن هنڌن کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو، جتان جي جاگرافيائي بيهڪ سبب ڪن مهينن تائين، سج ئي نه ٿو اڀري. اتان جي هوا مان هڳاءُ ملي ٿو. هي سائنس جي بدولت ئي هڪ هنڌ ويهي دنيا جون رونقون ڏسي سگھجن ٿيون. سائنس شعور آهي، شعور ۾ دليل آهي، دليل ۾ آفاقي سچائي آهي، پر سچائي شاعريءَ ۾ به آهي. سائنس جي سچائي ثابت ٿي چڪي تڏهن دريافت جي شڪل ۾ آڏڌ آئي، البت شاعريءَ  ۾ سچائيءَ جي ڳولا لاشعور ذريعي ٿئي ٿي. سچائي جيڪا اڃا دريافت نه ٿي هجي. ادب ۾ ٻئي شيون ملن ٿيون. شعور وارو دليل آهي ته لاشعور وارو جذبو به آهي. ادراڪ جي تڪميل ۾ ٻئي عنصر گھرجن، جو انساني دماغ جي ساخت اهڙي آهي. چئبو ته همه گيريت جي تقاضا اها آهي ته سڀ شيون گڏ گڏ کڻي هلجن. شاعري جي انڊلٺ ۾ سڀئي رنگ ملن ٿا. سڀئي رنگ ملي جڏهن باغ  جيان هڪ وحدت جونماءُ ڪن ٿا ته اهو نماءُ خارجيت ۾ ثقافتي قوت (Cultural Force) ۽ داخليت ۾ قوتِ حيات (Vitality) جو روپ ڌارين ٿا. اچو ته هاڻي شاعري جا گوناگون رنگ ڏسون! احمد سولنگي جو شعر آهي ته:

مجذوب جي پيرن جي پازيب ٿيان آئون،

درويش! نگاهن سان هڪ وار نهاري ڇڏ.

پهرئين سٽ، ”مجذوب جي پيرن جي پازيب ٿيان آئون“ ۾ خواهش (urge) اڀري ٿي ته ٻي سٽ خواهش جي تڪميل آهي. ڪڏهن هڪ سٽ به ڀرپور معنيٰ ڏيندي آهي. هي شعر ڏسو ته:

تخليق ۽ خالق ۾ تفريقَ نه آ ڪائي،

هي پانڌ پناهن جو جسمن تان اتاري ڇڏ.

مصرع اوليٰ، ”تخليق ۽ خالق ۾ تفريقَ نه آ ڪائي“ معنيٰ جي تشنگي پوري ٿي وڃي ٿي، مصرع الثاني محض تفصيل اٿس.

شعر ۾ جدت نئين حسيت سان اُڀري ٿي. جيئن سج اڀري ٿو ته باک مان تازگيءَ جو احساس جنم وٺي ٿو. رات جي اوندهه ختم ٿئي ٿي، ننڊ جاڳ ۾ بدلجي ٿي. پکي لون ٿا، مکڙيون ٽڙن ٿيون، ڀونئر گلن مان واس وٺن ٿا. چوڌاري چهچٽو ڏسي دل باغ باغ ٿئي ٿي. وايو منڊل ئي بدلجي وڃي ٿو. نئين حسيت جي شاعرا روبينه ابڙي جو تخيل آهي ته:

وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ،

نئون سنڌ ۾ ڪو ٽڙيو گُل آ۔

کڻي نيڻَ ڏسُ ڪيڏي ڦلواري آ،

وڻيو توکي هڪڙو ئي ڇو ڦُل آ؟

خُدا ڀي هُيو حيرتن ۾ ٻُڏل،

هي ڪهڙي بشَر جي نئين ڀُل آ۔

شاعريءَ جي جماليات جو هڪ عنصر حسنِ تضاد آهي. تضاد ۾ لڪل سچائيءَ تان  پردو کڄي ٿو. آثم ناٿن شاهي جا هيٺيان ٻه شعر ذڪر ڪيل خوبيءَ وارا آهن:

هرهڪ ڪاريءَ راتِ جي ڪـُـکِ مان،

بڻجي باکَ اُڀرندو آهيان.

ڏاڍن کان ڏَرُ ناهي ٿيندو،

ڏٻرن کان مان َڏرندو آهيان!

ڀل، قافيا مانوس هجن، پر اُڻت ۾ لفظ لفظ سان ٺهڪي ته سوچڻ تي مجبور ڪندو. تجنيس مان موسيقيت اُڀري ته تجربو آئڙندو. اياز گل جو غزل ٿا چڙهون، جنهن ۾ هم آواز اکرن ۽ هم قافيه لفظن جي تڪرار مان موسيقيت کي اڀاريو اٿس:

سـوچــون سـاريـون هـارايـل سـردارن جيـان،

خـواب پيـا هـا پـيـرن ۾، تـلـوارن جيـان.

کلـندا، روئندا، ٻُڌندا، ڪجهه چوندا به نيٺ،

ڇـو سمجهـو ٿا ماڻهـن کـي، ديوارن جيان.

جـيـون جـي هن مـوت سمـان خاموشيءَ ۾،

تنهـنجا نـرمـل نـيـڻ لـڳـن ٿـا نـعـرن جيان.

ڏک جـي ڪـاري رات هئـي چـوڌاري ۽،

تـنهنجا منهنجا لڙڪ ٿي ٽمڪيا تارن جيان.

رات سڄي مان جاڳي ڏينهن ڪندو آهيان،

جـڏهـن به لڳـنـدي آهـيـن، دنيـا وارن جيان.

طبيعت موزون هجي ته شعر سولائيءَ سان ٺهي ٿو. آمد چئون، يا آورد، آهي ارادي جو ڦل! رعب وجھڻ لاءِ، يا گھڻائيءَ جي ويساهه مطابق فني صلاحيت کي غيبي قوت چوندا آهيون. جڏهن ته موزونيت، ڀرپور ڪيفيت ڇانئجڻ آهي. اها  ڪيفيت ڪل وقتي به ٿئي ٿي، جزوي به. يعني، ڪيفيت ڪڏهن جھڙ ڦڙ وانگر، ڪڏهن سانوڻ جيان رهي ٿي. اسلو ٻڌائيندو ته هڪ ئي ڪيفيت ۾ شعر چيل آهي، يا الڳ الڳ ڪيفيتن ۾. ازخود ڪيفيت نه هوندي ته شعر فطري سونهن کان وانجھيل لڳندو. وزن جي گھرج ڀرتي لفظن سان به پوري ٿيندي، پر ان ۾ لئي نه هوندي. غلام نبي گل (ٻرڙو) جا هي شعر ڏسو، ته ڪيئن لفط لفط سان ٺهڪي ٿو:

هرڪو پنهنجو پتو پيو ڳولي

زندگي راند ڄڻ رمي آهي

 

ٿوري احساس جي تپش گھرجي

برف سينن تي وئي ڄمي آهي

”زندگي راند ڄڻ رمي آهي“..”برف سينن تي وئي ڄمي آهي“ ۾ نئين حسيت ملي ٿي، رچاءُ به فنڪاراڻو اٿس. فنڪاراڻو اظهار، ذات جو ئي اولڙو نه، پر منجھس ماڻهپي جي همه گيريت هوندي آهي، تڏهن ته هر مڪتبِ فڪر وارو قاري شعر ما حظ وٺي سگھندو. ڪن نقادن جو خيال آهي ته غزل جڏهن ٻُڌي واهه واهه ۽ آهه آهه از خود زبان تي اچي ته غزل ڪامياب چئبو. ٻڌندڙ کي ڪورونا هجي ته هُو غالب لاءِ به چوندو، ”غزل ايئن سهي لکبو آهي“. معنيٰ، غزل کيس ئي لکڻ اچي ٿو. اها نرگسيت چئجي، يا ٻيو ڪجھ! جيڪڏهن مير تقي مير جي لفظن ۾ چئي ته:

مستند ہے میرا فرمایا  ہوا

علامه اقبال ته پاڙ تائين پهچي ٿو ته:

تیری تعبیر میں مضمر تھی اک صورت شرابی کی

 

غلام نبي گل ٻرڙي جي لفظن ۾ ته:

ڪئي مون ڳالهه لک جي آ

نه تو سمجھي ته ڪک جي آ

گل صاحب ڪهاڻيون لکيون، ناول لکيا، اردو شاعري به ڪئي، اردو شعري مجموعو ڇپيل اٿس. تجربا گھڻا ڪيائين، پر بنيادي طور شاعر آهي. سائين جو پٽ اعجاز ٻرڙو منهنجو مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو هو. هُو اڃا پاڪستان اسٽيل ۾ آهي، مان ڇڏي آيس. هن گھڻو لکيو، سٺو لکيو. جميعت الشعرا جو ميمبر رهيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر سان به لاڳاپيل هو. اياز جاني سنگت ۾ فڪر ۾ ترقي پسنديءَ سان سلهاڙجي ويو. اياز جاني سان منهنجي ملاقات اعجاز ٻرڙي جي معرفت ٿي. 

غزل جون ڪي فني گھرجون آهن، جيڪي پوريون ڪرڻيون پون ٿيون. اهو هڪ صنفي سانچو آهي. وائي، ڪافي، نظم، گيت، هائيڪو مختلف صنفن جا سانچا آهن. رقص جا جيئن قسم آهن، راڳ جا سر آهن. چوڻ ۾ رقص - رقص آهي، راڳ - راڳ آهي. سانچي اندر رهندي فڪري گھرجون پوريون ڪرڻيون پونديون. نظم ۾ نثري نظم ۽ آزاد نظم جو صنفي تجربو آئڙي ٿو، غزل ۾ نه. جڏهن ته فڪر ”تغزل“ جي چاشني آهي. تغزل جي معاملي ۾ تجربا مختلف ملن ٿا. اهو ارتقائي سفر آهي جنهن جي منزل به سفر آهي، پر مسلسل. گھڻا عنصر آهن، جهڙوڪ وقت، هنڌ ۽ شاعراڻو مزاج، مشق سفر جا سونهان آهن. ان ڪري ڏسنداسين ته شيخ اياز جهڙي مڃيل شاعر جي غزل جا اسلوبي رنگ گھڻا نظر ايندا. صحبت بلوچ جو غزليه رنگ ساڳيو ئي آهي. کيس اڃا ارتقا جا مرحلا طئه ڪرڻا پوندا. هي به، ته غزل ۾ هر شعر الڳ معنيٰ ۽ مفهوم ۾ چئي سگھجي ٿو، پر ڪيفيتي انداز ۾. هڪ ڪيفيت ۾ جيئن غزالا، يعني هرڻي جنهن تان غزل تي نالو پيو، ٽپ ڏيندي آهي ته وک تکي، ڍري، گھٽ وڌ اونچائي جي آئوٽ لائين ڊوڙ جي ڪيفيت چئبي. خوف مان ڀڄڻو پئيس، ته وڌ ۾ وڌ رفتار سان ڊڪندي، جو جان بچائڻ لاءِ آخري حدون اورانگھي ويندي. ڪيفيت اها به آهي، آخري حد اورانگھڻ واري! صحبت جي غزل جو بند بند جدا خيال جو اظهار آڇي ٿو. حالانڪ مسلسل غزل ۾ وحدتِ اثر زبرو ٿئي ٿو. ان ڪري ته ڪيفيت جي هڪ ئي ٽڪريءَ تي چڙهندي چڙهندي، چوٽي سر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، بجاءِ ڪڏهن هڪ ٽڪريءَ ته ڪڏهن ٻئي تي.

هڪ ٽڪري جي صورت ۾ رڳو چڙهڻو پئي ٿو، هيڏي ڪڏهن ٽڪري تي چڙهڻو، ڪڏهن لهڻو پئي ٿو. ڪيفيت جي اُڀار ۾ چڙهاءُ اُتار (ascending/ descending) ۾ لهڻو تنهن کي پوندو جنهن چڙهي چڙهي چوٽي سر ڪئي هجي. صحبت بلوچ سميت اسان جهڙن اڀرندڙ شاعرن کي چڙهڻو ئي چڙهڻو آهي. چڙهڻ ئي چڙهڻ ۾ ساهي پٽي سگھجي ٿي پر بيهي رهڻو ناهي. غزل مسلسل لکڻو پئي ٿو، جيئن ڪيفيت سڀاءَ بڻجي پئي.

دادوءَ جي پياري دوست بلوچ صحبت علي جو هڪ غزل تڪ تور لاءِ مليو آهي. بلوچ صحبت رسمي تعارف جو محتاج ڪونهي. دادو ۾ وڪالت ڪري ٿو. سکيو ستابو آهي. هُو وڪالتي ڪتاب ته پروفيشنل گھرج آهر پڙهي ٿو، پر دل جي ڌڪ ڌڪ جي لئي شاعراڻي اٿس. ان ڪري شعرگوئي وندر اٿس ته ضمير جي آواز کي لفظاڻو روپ ڏيڻ به. نثر جو شٺو ليکڪ آهي. نثري ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. سرچ ڪجن ته نيٽ تي پڙهي سگھجن ٿا. وقتن بوقتن شاعري فيس بوڪ تي دوستن سان شيئر ڪندو آهي. ساڻس دوستيءَ جو مک حوالو ادبي رفاقت آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو ٻه ٽي ڀيرا سيڪريٽري رهيو، اهو نه وسرندو ته پنهنجي سيڪريٽري شپ دوران ادبي تنقيد جي موضوع تي نامياري نقاد اڪبر لغاري کان شاندار ليڪچر ڪرايو هو. پهريون مشاعرن، ڪانفرنسن ۽ تنقيدي ويهڪن جون پيرائتيون رپورٽون ڇپبيون هيون. اها ادبي تاريخ آهي، جيڪا ڇپجڻ سبب ئي لائبريريءَ جي زينت بڻجي ٿي. شاگرد، محقق، اڀرندڙ شاعر، اديب لاءِ ڇپيل مواد دستاويزي حيثيت رکي ٿو. سو بلوچ صحبت جي شخص مان شخصيت بڻجڻ ۾ ته ڀل! پروفيشنلزم جو دخل ڪليندي هجي، پر اسان لاءِ سندس ادبي سڃاڻپ مقدم آهي. هن جو غزل ٿا پڙهو:

غزل جو ذڪر ته ٿيو، اچو ته پڙهون:

زماني جا ڄڻ هُو خدا ٿي ويا هِن،

اڪيلو ڪري هُو، جُدا ٿي ويا هِن.

نه احساس هُن کي ٽڪي جو ٿيو هو.

اسان لاءِ لمحا سزا ٿي ويا هِن.

ڀلا ڪنهن کي روئي ٻڌايون ڪهاڻي،

وهي نير توتان فدا ٿي ويا هِن.

نه ڳل ڪوئي لائي هي ڳوڙهان ڪو اگھندو،

وڌي جوش جذبا صدا ٿي ويا هِن.

اسان بس نماز آ پڙهي نينهن جي ۽،

حقيقي هي سجدا قضا ٿي ويا هِن.

اص ڌرتي اوهان جا ئي مقروض آهيون،

ڀلي حق ٻين جا ادا ٿي ويا هِن.

سنڌ جي سياح الطاف شيخ جو ليک، بعنوان: ”تخلص وارا ڪجهه اسانجا شاعر“ پڙهيم ته:

اهو به ضروري ناهي ته هر شاعر لاءِ تخلص ضروري آهي. تاج بلوچ، تنوير عباسي، نعيم دريشاڻي، ريٽا شهاڻي، نند جويري، امداد حسيني، شمشير الحيدري، عنايت بلوچ ۽ هدايت بلوچ جهڙا ڪيترائي وڏا شاعر آهن، پر هنن جو ڪوبه تخلص ناهي، پر ڪي صحبت بلوچ وانگر پاڻ کي اڪيلو، مسافر، راهي ويندي سنڌي، فدا، پرديسي (بلاول)، پياسي (پيرل)، مسڪين (جهان خان کوسو)، هالائي (انور، سوز)، مورائي (راشد، بشير) سڏائين ٿا... الخ

الطاف شيخ بلوچ صحبت علي کي ”صحبت بلوچ“ لکيو آهي. تاج بلوچ، عنايت بلوچ، سميع بلوچ، هدايت بلوچ، بيخود بلوچ، بيا شاعر نالي ۽ سندن قوميت سان مشهور آهن، هُونءَ ذاتيون الڳ الڳ اٿن. هي ”بلوچ“ سڀئي نالي پٺيان لکندا آهن، ۽ صحبت صاحب نالي کان پهريون لکندو آهي. بلوچ صحبت علي واري سڃاڻپ کي ڇپيل ڪتابن ۾ برقرار رکيو اٿس. شاعري ۾ جدا نالو بطور تخلص به لکجي ٿو. جيئن شاعريءَ ۾ ”صدا لاشاري“، انثري ڪاوشن ۾ ”ي بي لاشاري“، يا شاعر ”سقراط سيتائي“، صحافي ”شبير سومرو“. شاعراڻو نالو صحبت بلوچ لکڻ کپيس. ان ڪري ته شاعراڻو نالو مختصر ئي رکجي ته ڀلو!

روايت تسلسل آهي جيڪو ماضيءَ کان منتقل ٿيندو حال تائين پهچي ٿو. جدت انهيءَ تسلسل جي تڪميل ڪري ٿي. سج ساڳيو، ايامن کان اڀري ٿو، اُلهي ٿو. اُلهي، يعني ظاهر ۾ لهي ٿو، پر لهي نٿو، اکڙين کان اوجھل ٿئي ٿو. شفق جي عالم ۾ سانجھ اداسي جا رنگ ڇٽي ٿي. اوندهه ڇانئجي ٿي، ته من به اداسيءَ جو اجرڪ اوڍي ٿو. پهر پهر جي ڪيفيت الڳ الڳ احساس اڀاري ٿي. سانجھ، انڌيرو، باک، لاٽ جا لقاءَ روز ساڳيون ڪيفيون اڀارين ٿا ته نيون ڪيفيتون به طاري ڪن ٿا. غزل جو بند بند، نئون احساس آڇي ٿو. نديون، سمنڊ، ڍنڍون، پهاڙ، گليشئر ۽ رڻ پٽ ساڳيا آهن، کين عمر جي الڳ الڳ پيٽي ۾ ڏسبو ته نئون احساس جاڳي پوندو. فڪر سان به لاڳو آهي.

فيس بوڪ تي شاعر دوستن کي گزارش ڪيم ته هو شاعريءَ مان ڪو اسم موڪلي ڏين، ته کين ”پڌرائي جا پار“ ۾ تنقيدي راءِ سان شامل ڪندس. گوهر شيخ جو غزل مليو اٿم. سو هيٺ ڏجي ٿو:

ھِتي ئي پرين، پـــاڻُ ھَيري وڃين ھان،

نئين درد جي تون نه دَيري وڃين ھان.

اسانجي ڪَنڊن سان ڪرين ھان گُذارو،

پَـــراون گُلـن جـي نه پَيـري وڃين ھان.

وڇــــوڙي مَھــل ماٺ ھونــدي مَرڪُ آ،

وضاحـت نـہ آڏو وَکيــــري وڃين ھان.

رڳـــو چيڙھ ھاڻي چَڳُــون ٿـو چٻــاڙي،

ھڻي ميٽ، ھڪڙي ته ڀَيري وڃين ھان.

اسان سينڌ جا ھُون ڪڏھن کان سوالي،

ڦڻـي ڪا اسان تي به ڦَيري وڃين ھان.

مطلع جي مصرع ثاني: ”نئين درد جي تون نه دَيري وڃين ھان“ ۾ تلميح (ڪنايو/ اشارو) ڪتب آندو اٿس. نئين درد جو ”ديرو“ اشارو ڪري ٿو ”نئون ديرو“ نالي شهر ڏانهن. رمز ۾ گھمائي ڦيرائي ڳالهه ڪبي آهي. اهو فن غير معمولي صلاحيت وارو نڀائي سگھي ٿو. ذڪر ڪيل سٽ ۾ رمزيه ڪلام جي سونهن خود ڳالهائي رهي آهي.
پڇاڙڪي بند ۾ جماليات جي عالمانه (academic) وصف ملي ٿي. شعر هن ريت آهي ته:
اسان سينڌ جا ھُون ڪڏھن کان سوالي،
ڦڻـي ڪا اسان تي به ڦَيري وڃين ھان.
ڦڻي ڏيڻ سان بي ترتيب وارن کي ترتيب ۾ آڻبو آهي. ان ڪري ته وار سهڻا لڳن. وارن مان سونهن جي شاهدي ملندي آهي. ”بي ترتيب مان ترتيب ۾ اچڻ سان جماليات جنم وٺي ٿي“. لوهه کي مقناطيسي بڻائجي ته لوهه ۾ لوهه ڏانهن ڪشش پيدا ٿيندي. گوهر شيخ پنهنجي شعر ۾ ڪشش کي اڀارڻ ۾ سوڀارو ڏسجي ٿو.
غزل جا شاهه بند به پڙهون ٿا:

وڇــــوڙي مَھــل ماٺ ھونــدي مَرڪُ آ،
وضاحـت نـہ آڏو وَکيــــري وڃين ھان.

رڳـــو چيڙھ ھاڻي چَڳُــون ٿـو چٻــاڙي،
ھڻي ميٽ، ھڪڙي ته ڀَيري وڃين ھان.

هيٺئين شعر ۾ چيڙهه، چڳون، ميٽ جهڙا لفظ هم آهنگيءَ ۾ استعمال ڪيل آهن. شهرن ۾ ميٽ جي خبر نئين ٽهيءَ کي شايد ئي هجي. ان ڪري ته هُو شيمپو استعمال ڪن ٿا. اسان ٻاراڻي وهيءَ ۾ ميٽ استعمال ڪيو هو.
وڇــــوڙي مَھــل ماٺ ھونــدي مَرڪُ آ،
هيءَ سٽ ته ضرب المثل ٿي ڀاسي. وڇوڙي مهل ماٺ ميٺ ۾ گھاءُ برداشت ڪرڻ اعليٰ ظرف جو مظاهرو آهي. فني طور، ”مَرڪُ“ ۾ ڪ تي پيش آهي جنهن سبب وزن فعولن بدرن فعو بيهي ٿو، جيڪو فعولن هئڻ گھربو هو.
بهرطور گوهر شيخ پنهنجي غزل ۾ ثقافتي ٻولي استعمال ڪئي آهي.اهو تجربو اتساهڪ چئبو. جيئن اماوس ۾ اوچتو چنڊ اڀري پئي، شعر ۾ به مانوس تشبيهن، ڪناين جي ندرت سان شعريت اڀري پئي ٿي. شعريت ئي جماليات آهي.

شڪيل احمد جو نثري نظم آهي. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات محراب پور (ضلع نواب شاهه) ۾ ٿي هئي. ٻيهر سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ملياسين. ٽيچرس هاسٽل ۾ دوست نويد سنديلي جو مهمان هيم. آءُ نثري نظم ۽ آزاد نظم جو قائل آهيان، بس! ايترو چوندس، جيڪو ڪاوش دنيا ۾ ڇپيل هڪ مضمون ۾ چئي چڪو آهيان ته:

جيڪو شاعر پابند شعر چئي ٿو، سو نثري نظم ۽ آزاد نظم به لکي ته قبوليو ويندو”.

نظم وجد ۾ آڻيندڙ ( Ecstatic) شعري صنف آهي. ڪيفيت آور خيال، ماورائي دنيا جو سئر ڪرائي ٿو. صاحبِ ادراڪ (شاعر) نظم ذريعي هڪ نئين دنيا دريافت ڪري ٿو. هن صنف جو شمار بصيرت واري فن (Visionary Art) ۾ ٿئي ٿو، جيڪو رومانوي شاعريءَ جو خاصو آهي.

نظم پڙهون ٿا:

تاريخ مدي خارج دوائن

۽ کريل گهڙيالن جا ڍير آھي

اسان جو اڄ

ڪالهہ گذري چڪو آھي

ماضي ئي اسان جو مستقبل بڻجي چُڪو آ

اسان موت وٽ مسواڙي آھيون

اسان وٽ کوٽو وقت آھي

جيڪو ڪٿي کپي ئي نه ٿو

ان ڪري اسان خريد ڪرڻ کان معذور آھيون

خدا بہ اسان کي پالي نٿو سگهي

بدقسمتي بہ اسان جو ساٿ ڇڏي وئي آ

اسان زندگيءَ کي پاراتو آھيون

جيڪا بہ اک اسان کي ڏسي ٿي

اها سڙي ٿي پئي

بُک کي بہ اسان مان ڀئو ٿو ٿئي

تہ متان اسان ان کي بہ کائي نہ وجهون

اسان اهي لاوارث آهيون

جيڪي پنهنجي پاڻ جي وارث هجڻ جي ڇڙي دعوا بہ نٿا ڪري سگهئون

اسان جي ملڪ جو منظرنامو ڪو اسان کان مختلف ناهي

وڻ اداس روح آھن

جن ۾ ويرانيءَ جا جن

واسو ڪري ويٺا آھن

انسانن جون دِليون

اٺن جي پاڇولن جيان رڙنديون ٿيون وڃن

اکين جي ڦاٽل ٻورين مان

ڳوڙھن جو ان وهندو ٿو رھي

پئي پئي خواب گُسا ٿي ويا آھن

آسمان مٿان سينور چڙھي ويو آھي

ڪيئن وسن

ڪڪر بہ زنگجي ويا آھن

ستارن کي بہ ڏندن جيان

ماڪوڙي کائي وئي آھي

چنڊ جي بدن تي ڦُرڙيون نڪري پيون آھن

سج کي اڌ رنگو ٿي پيو آھي

ماکيءَ مکيون شگر جون مريض ٿي پيون آھن

پاڻيءَ جا مجسما

صحرا ۾ جلاوطن ڪيا ويا آھن

ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڪٺورتا ٿي سگهي ٿي جو

ڦوڪڻن مان ڦُٽل ٻارن کي

معاشرو ڦاڙي ڇڏي ٿو

۽ انهن جا جيڪي والدين نہ ٿي سگهيا

انهن جي عزت بچي وڃي ٿي.

مهاڻا ٻيڙيون کپائي

اُٺ خريد ڪري رهيا آھن

وقت چريائپ جي رفتار سان اڳتي پوئتي ڊوڙي رهيو آھي

دل جي ديوار تي

وهمي ڪِرڙيون چنبڙي پيون آھن

ڪرائي جي ملڪ ۾

خيراتي قوم رهي ٿي

آدم خور نقابن

بکايل بگهڙن وانگر

انساني چهرن تي حملو ڪري ڏنو آھي

پاڇا جسمن کي چيرن ڦاڙن ٿا

جيئرن جسمن سان

مڙدن جي مهمان نوازي ڪئي وڃي ٿي

تلوارن جي طوفان ۾

وڻ منش ڪٿان بچندا

هر ڪنهن وٽ قانوني جواز آھي

تہ اهو ٻئي کي ماري سگهي ٿو

هر ڪنهن وٽ آسماني اجازت نامو آھي

تہ اڳليو واجبل قتل آ.

شڪيل جو نّظم بنا عنوان جي آهي. نظم ۾ گھڻا نظم سموهيا اٿس. اهو معلق نظم آهي. گھڻي روشنيءَ ۾ اکيون نه ڏسي سگھن، اهو اوندهه ۾ نه ڏسي سگھڻ جي برابر آهي. انگريز شاعر، وليم بلئڪ جا ٻه نظم، هڪ رڍ (The Lamb) ٻيو چيتو (The Tiger) مشهور آهن. ڇا ته ڀيٽ ڪئي اٿس. رڍ معصوميت جي علامت، چيتو چيري ڦاڙي کائڻ جي دهشت، ۽ ٻنهي جو خلقڻهار هڪڙو ئي. جانور ته ٻئي آهن، پر ٻنهي جي فطرت الڳ الڳ.

نظم ۾ ابهام، ماورائيت، اڻ چٽائي ڀل هجي پر منجھس رس هجي ته جيئن مزو اچي. ظاهري اک، يعني بصارت سان ته سڀڪو ڏسي ٿو. شاعر صاحبِ بصيرت ٿئي ٿو. بصيرت (vision) ۾ اندر جي اک سان ڏسبو آهي. شڪيل احمد ۾ اها صلاحيت آهي. بصارت به اٿس، بصير به اٿس. مثال طور:

تاريخ مدي خارج دوائن

۽ کريل گهڙيالن جو ڍير آھي

مٿيون ٻه سٽون به نثري نظم چئجي، ته وڌاءُ نه ٿيندو. جيئن هي سٽون:

اسان وٽ کوٽو وقت آھي

جيڪو ڪٿي کپي ئي نٿو

ان ڪري اسان خريد ڪرڻ کان معذور آھيون

هي ڏسو! ڪيڏيون نه احساس کي ڇهندڙ سٽون آهن:

 بُک کي بہ اسان مان ڀئو ٿو ٿئي

تہ متان اسان ان کي بہ کائي نہ وجهون

هت ”اسان“ جو ورجاءُ آئڙي نٿو. هيئن چئجي ته:

بک کي به اسان مان ڀئو ٿو ٿئي

ته متان! کيس به کائي وجھون

ٿلهي ليکي ڳڻيم ته نظم ۾ 62 سٽون آهن. پهرين سٽ هيئن آهي،”کريل گهڙيالن جا ڍير آھي“. ”جا“ جي صورت ۾، ”کريل گهڙيالن جا ڍير آھن“ لکبو، يعني، ”آهي“ بدران ”آهن“. ”جو“ جي صورت ۾ ”کريل گهڙيالن جو ڍير آھي“ لکبو.

نظم جي گھرج آهي ته فڪر شروع کان پڇاڙيءَ تائين آبشار جي هڪ ئي وهڪري وانگر ربط ۾ هجي. ربط سان وحدتِ اثر نکري پئي ٿي.

نئين شاعري، ”نئون تجربو آهي“. اهو تجربو جيسين هڻي هنڌ ڪري، انتظار رهندو ته ڪڏهن ٿو شڪيل پنهنجي حدِ ادراڪ تائين قاريءَ کي پهچڻ ۾ سهڪاري ٿئي.

نظم جي سِحر ۾ آهيان. ڪنن ۾ ڪڙڪا به ٻجھن ٿا، سهڻيءَ کي سڪ به آهي. سڪ ۾ ته نامڪن ممڪن ٿيو پئي. تارو ناهيان، تڏهن به سنڌوءَ ۾ گھڙيو آهيان. لڏندڙ لمندڙ لهرون ته پينگھي جي لوڏ ياد ڏياري اٿم. لوڏ جو هيٺ مٿي ٿيڻ سان حرڪت واري بدلجندڙ سگھ مان لئي اڀري ٿي. ڇڪيل، تاڻيل رڳون ڍريون ٿي آهنگ ۾ اچن ٿيون ته اکين جا در ٻيڪڙجي وڃن ٿا. ٻاهرين دنيا جي وٺ وٺان کان ڌيان هٽي وڃي ٿو. هي ادبي نظريو ته ادب اهڙي پناهه گاهه جو ڪارج پورو ڪري جت ڇڪ تاڻ گھٽجي، نه ڪي تهائين وڌي. خيال طرحين طرحين ته ايندا آهن، جيئن هوا ۾ برقي مقناطيسي لهرون موجود آهن، پر اهي جھٽي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ خاص مشيني اوزار گھرجن. ريڊيو تان آواز نشر ٿئي ٿو. ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ پروگرام ڏسي به سگھجي ٿو، ٻڌي به سگھجي ٿو.

شاعر ۽ عام ماڻهوءَ جي مشاهدي جي صلاحيت ۾ ايترو فرق آهي، جيترو ڪاٺ ۽ ٽامي جي پٽيءَ ۾ ٿئي ٿو. ٽامون بهترين بجليءَ جو پسرائيندڙ (conductor)جڏهن ته ڪاٺ بجلي گذرڻ کان روڪيندڙ (insulator) آهي. نفاست ۽ ڳرائپ مان چونڊ ڪبي ته شاعري نفاست سان ڀاڪرين پوندي.

مزمل سائر جي شاعري پڙهيم ته بجليءَ وارو ڪرنٽ محسوس ٿيو. نظم مخاطبانه پيرائي ۾ چئي ٿو جيڪو چٽائي سبب ڀرپور ابلاغ ٿئي ٿو. سندس هن نظم ۾ مخاطب پڌرو آهي:

ٻُري تندَ تنهنجي اَڄاتيءَ اڳن

ڀٽائي، سڄَي ڏيهه تنهنجي لڳن

... پورو ٿيو ...

                                                                                          حوالو: ڇپيل: ساليانه ادبيات پاڪستان، سنڌ

                                                                                                       پهريون شمارو 2021ع