Saturday, 16 January 2021

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان پهرئين ملاقات

 

يادگيريون

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان پهرئين ملاقات

نصير سومرو

نوي واري ڏهاڪي جا شروعاتي سال هئا، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان نشر ٿيندڙ سنڌي پروگرام شوق سان ٻڌندو هوم. توري تڪي ڳالهايل آواز جڏهن سنگيت جي لهرن تي رقص ڪندي نشر ٿئي ٿو ته طلسماتي اثر سبب ٻڌندڙ کي موهي وجھي ٿو. سنڌي پروگرام گھڻو تڻو شام جو نشر ٿيندا هئا، ڀل ڇونه خطن پڙهڻ جو ئي پروگرام هجي، اهو به وڏي شوق سان ٻڌبو هو. ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي منهنجو همنام ”نصير احمد سومرو“ پروڊيوسر هو، ساڳئي وقت نور الله ٻگھيو، محمد علي پٺاڻ، خليل چنه ۽ ٻين پروڊيوسرن سان شناسائي ٿي. غلام محمد ٻگھئي، نواز سومري ۽ ڪمال ڄامڙي کي ريڊيو کان علاوه ادبي پروگرامن ۾ به ڪمپيئرنگ ڪندي ٻڌو ۽ ساڻن سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ ٻين موقعن تي روبرو ملاقات به ٿي.

غلام محمد ٻگھئي کي خط لکيو هو، شايد اهو خط به نشر ٿيوهو. ريڊيو اسٽيشن واقع بندر روڊ ويم ۽ پهريون ڀيرو رڪارڊنگ اسٽوڊيوز ڏٺا ته دل ۾ اها آس آرس ڀڃڻ شروع ڪيا ته جيڪر مان به ريڊيو تي اچان. اسان جو فيملي فرينڊ شڪيل فاروقي هو، ڪڏهن ڪراچي ڪڏهن اسلام آباد ريڊريو سان واڳليل آفيسر هو، جنهن سان جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿئي ته سنڌي پروگرامن جي پروڊيوسرن جو تذڪرو به ضرور ٿئي. هو اسي جي ڏهاڪي دوران اسلام آباد ريڊيو تي هندڪو پروگرام ڪندو هو. ڪراچي ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر به ٿيو ۽ اڄڪلهه رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو پر روزنامه ايڪپريس ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهي ٿو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان پهرئين ملاقات ۽ ويجھڙائي، هفتيوار ادبي پروگرام ”رسالو“ ۾ مهمان شاعر جي حيثيت سان ٿي. هُو ”رسالو“ جو ميزبان هو. هن جي هوندي ڊاڪٽر ذولفقارسيال، احمد خان مدهوش، آزاد جتوئي ۽ ٻين ڪيترن مهمانن سان گڏيل ميزباني ۾ ڪچهريون به ڪيون. اسان جي پياري دوست طارق عزيز شيخ سان ملاقات به ريڊيو تي ٿي ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي طرفان پاڪستان جي صوفي شاعرن بابت لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب توڻي ٻين علمي سرگرمين ۾ ڊاڪٽر ڪمال ۽ طارق عزيز شيخ جون گڏيل خدمتون به رهيون. هن کي علم ۽ ادب سان گهرو لڳاءُ هو ۽ لکيل اسڪرپٽ کانسواءِ به ڀلو ڳالهائي سگھندو هو. ”رسالو“ جو ميزبان راز شر به رهيو، اهو پروگرام تڏهن لائيوِ نشر ٿيندو هو. هن وقت ريڊيو رڪارڊنگ ۽ براڊ ڪاسٽننگ سوڪ سينٽر ڀرسان واقع بلڊنگ مان ٿئي ٿي.

 

Friday, 29 January 2016

نظم: خبر سوئيڊن جي واقعي جي

ظم
نصير سومرو
Email: salaarnaseer@gmail.com
خبر سوئيڊن واقعي جي

هڪ خبر هئي
خبر ۾ ‘خبر’ هئي
خبر جو اثر شديد هو
اثر احساس جو روپ ڌاريو
احساس جي شدت ڪيون وايون بتال!

خبر اندر واقعو هو
هانءُ ڏاريندڙ سانحو هو
سانحو به سانحو هو
هزارين سالن کان پوءِ هڪ حادثو
هاڃن ۾ هاڃو هو
فطرت جي درٻار ۾
تاريخ دانهين پئي هاڃي خلاف
هڪ هٿين جبر هو ٻئي هٿين ارادو
ٻيئي ڌُريون آمهون سامهون
انساني ڪرتوتن جو اچو چٺو پڌرو هو
انسان، انسان جي خلاف دانهي ٿو
هزارين سالن کان آهون دانهون هيڻن جون ڏاڍن خلاف
وحدتِ انسان جو ڪثرتي آئينو_
عجب عڪس ڏيکاريندڙ آئينو
آئيني جا اولڙا سڀئي انسان آهيون
مردَ هجون جنسي_ انسان آهيون
زالون هجون_ انسان آهيون
‘انسان’ سان انساني حق لاڳو ٿين
پر زال ڪٿي انسان آهي!
زال، مرداڻي سماج اندر عزّت آهي
لڄّ آهي مرد جي مرد گھراڻي جي
مرد جي مرضي_
لڄ رکيس لڄ لُٽيس!
جئرو ڇڏيس ڪه اُڦٽ ماري ڇڏيس
وڻيس ته ڪفن ڏئيس
وڻيس اگھاڙو لَٽيس!

اوڀر هجي اولهه هجي زال ضعيف اڃا
جنهن جو مرد جي اُبتر ارادو بي معنيٰ
بي معنيٰ ارادي جي للڪار بي معنيٰ
حڪم عدولي ڏکوئي مرد کي
وحشت جاڳي پئيس
وحشت جو اولڙو الامان!
ڊاروِن چواڻي ته اوائلي انسان هياسي ڀولڙا
ايڪهوين صدي ۾ به بروبر ڀولڙا
فرق آهي ته آهي به ايترو_
اڳ وڻن جي شاخن ۾
هاڻ هندورن ۾ لڏندا آهيون
ڀولڙن ۾ به خاص ڀولڙا اسان
حرام حلال ۾ تميز ڪندا آَهيون
‘ ٻين کان پارسا آهيون_
حرام ڇڏي حلال کائيندا آهيون
نارِ ٻين جي حرام ناهي_
هٿين چڙهي حلال آهن’
ظاهر ۾ ڪيڏا نه مهذب آهيون الا!
رڌي پچائي کائڻهار
اڇا اجرا لٽا پهرڻهار
گھر اڏي رهڻهار
ڪيڏا نه اسان چالاڪ آهيون
چئون ڪجھ ڪيون ڪجھ
ٻهروپيا آهيون هلاڪ آهيون
ڪارا اڇا ڀولڙا!
اوڀر ۾ هجون يا اولهه ۾
ڇا ٿيو جيڪر اندر ٻاهر ساڳيا ناهيون
صوماليا ۾ آهيون ته قذاق آهيون!
سوئيڊن ۾ به سفاڪ آهيون

هڪ خبر هئي
خبر سوئيڊن واقعي جي
خبر_ حياتي ‘ڏينهن’ رڳو
ٻيو وڏو واقعو_ خبر بي اثر!
………