Friday 29 January 2016

نظم: خبر سوئيڊن جي واقعي جي

ظم
نصير سومرو
Email: salaarnaseer@gmail.com
خبر سوئيڊن واقعي جي

هڪ خبر هئي
خبر ۾ ‘خبر’ هئي
خبر جو اثر شديد هو
اثر احساس جو روپ ڌاريو
احساس جي شدت ڪيون وايون بتال!

خبر اندر واقعو هو
هانءُ ڏاريندڙ سانحو هو
سانحو به سانحو هو
هزارين سالن کان پوءِ هڪ حادثو
هاڃن ۾ هاڃو هو
فطرت جي درٻار ۾
تاريخ دانهين پئي هاڃي خلاف
هڪ هٿين جبر هو ٻئي هٿين ارادو
ٻيئي ڌُريون آمهون سامهون
انساني ڪرتوتن جو اچو چٺو پڌرو هو
انسان، انسان جي خلاف دانهي ٿو
هزارين سالن کان آهون دانهون هيڻن جون ڏاڍن خلاف
وحدتِ انسان جو ڪثرتي آئينو_
عجب عڪس ڏيکاريندڙ آئينو
آئيني جا اولڙا سڀئي انسان آهيون
مردَ هجون جنسي_ انسان آهيون
زالون هجون_ انسان آهيون
‘انسان’ سان انساني حق لاڳو ٿين
پر زال ڪٿي انسان آهي!
زال، مرداڻي سماج اندر عزّت آهي
لڄّ آهي مرد جي مرد گھراڻي جي
مرد جي مرضي_
لڄ رکيس لڄ لُٽيس!
جئرو ڇڏيس ڪه اُڦٽ ماري ڇڏيس
وڻيس ته ڪفن ڏئيس
وڻيس اگھاڙو لَٽيس!

اوڀر هجي اولهه هجي زال ضعيف اڃا
جنهن جو مرد جي اُبتر ارادو بي معنيٰ
بي معنيٰ ارادي جي للڪار بي معنيٰ
حڪم عدولي ڏکوئي مرد کي
وحشت جاڳي پئيس
وحشت جو اولڙو الامان!
ڊاروِن چواڻي ته اوائلي انسان هياسي ڀولڙا
ايڪهوين صدي ۾ به بروبر ڀولڙا
فرق آهي ته آهي به ايترو_
اڳ وڻن جي شاخن ۾
هاڻ هندورن ۾ لڏندا آهيون
ڀولڙن ۾ به خاص ڀولڙا اسان
حرام حلال ۾ تميز ڪندا آَهيون
‘ ٻين کان پارسا آهيون_
حرام ڇڏي حلال کائيندا آهيون
نارِ ٻين جي حرام ناهي_
هٿين چڙهي حلال آهن’
ظاهر ۾ ڪيڏا نه مهذب آهيون الا!
رڌي پچائي کائڻهار
اڇا اجرا لٽا پهرڻهار
گھر اڏي رهڻهار
ڪيڏا نه اسان چالاڪ آهيون
چئون ڪجھ ڪيون ڪجھ
ٻهروپيا آهيون هلاڪ آهيون
ڪارا اڇا ڀولڙا!
اوڀر ۾ هجون يا اولهه ۾
ڇا ٿيو جيڪر اندر ٻاهر ساڳيا ناهيون
صوماليا ۾ آهيون ته قذاق آهيون!
سوئيڊن ۾ به سفاڪ آهيون

هڪ خبر هئي
خبر سوئيڊن واقعي جي
خبر_ حياتي ‘ڏينهن’ رڳو
ٻيو وڏو واقعو_ خبر بي اثر!
………