Showing posts with label مضمون. Show all posts
Showing posts with label مضمون. Show all posts

Monday, 9 March 2015

نظريا، ادب ۽ زندگي


         
نظريا،  ادب ۽ زندگي
نصير سومرو

جديديت ۽ جديديت پڄاڻان ۽ جديد ادبي نظريا سنڌي ۽ ترجمو ڪري پڙهائيندڙ مبارڪ علي لاشاري ۽  ٻيا قلمڪار آهن. هي لکت ۾ طبعزاد، يا ترجمو سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ پوري ڪرڻ جون همٿائيندڙ ڪوششون آهن. مبارڪ لاشاري جيئن، نظريي ( Theory) ۽ ضابطي (Ideology) کي ساڳي ڳالهه سمجهڻ جي مغالطي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، تيئن ڪيترائي مغالطا باربار سماعتن سان ٽڪرائيندا آهن. مثال طور چيو ويندو آهي ته نوجوان مطالعو نٿا ڪن. هي چوڻ سو سيڪڙو صحيح به ڪونهي ۽ غلط به ڪونهي. گهوٽالو، البت ويچار جو ڏيوالو چئجي، جو اها چٿر ۽ ٺٺول ڪندڙ علمي ۽ ادبي لکت ۽ بحث کي ”اڪيڊمڪ“ چئي پنهنجي ڳالهه جي نفي ڪندا آهن ڌيان ڇڪايو ته سينيئريارٽي جي ڍال آڏو ڪري بچاءُ جون تبدبيرون اختيار ڪندا.
          مبالغو معنيٰ ”وڌاءُ“ آهي، فڪشن رائيٽر جي سڀاءُ ۾ رواجي ڳالهيون پڻ مبالغي جي ور چڙهي وڃن ٿيون. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ طرفان رسول ميمڻ جي ناول ”قالو بليٰ“ انٽيلڪچوئل گروپ ڊسڪشن جي ويهڪ منعقد ڪئي وئي. هن ناول تي ڳالهائنيدڙن جي اڪيڊمڪ پهچ جو اندازو ڀلوڙ نموني ٿيو. سنگت جا ڪارڪن سڀ برابر تنهن ڏينهن ته سڀئي ” انٽليڪچوئل“ (؟) هئا، جو انٽيليڪچوئل گروپ، ڊسڪشن ۾ شريڪ هئا. ليکڪ رسول ميمڻ صدارت فرمائي رهيو هو. هن چيو ته ناول تي بنهه ڪو نه ڳالهايو ويو، جيترو ڳالهايو ويو، اهو ويهه سيڪڙو مس آهي... ناول اڃا تائين سنڌي ۾ لکيو ئي نه ويو آهي... قالو بليٰ سرئيلسٽ ناول آهي.“
          گڏجاڻين ۾ شاعريءَ جا اسم، ڪهاڻي، مضمون ۽ ناٽڪ جي ڀيٽ ۾ تنقيد لاءِ گهڻا پيش ڪيا ويندا آهن. هر ڏهن مان هڪ شاعر آهي. شعر ۾ نواڻ ڪانهي، لفظن جي چونڊ سٺي ۽ نڀاءُ ڀلوڙ ڪونهي ته چيو ويندو ته ”غزل روايتي آهي.“ روايتي هجڻ جهڙوڪ گهٽ معيار جي ادبي ڪاوش هجي، هاڻي ڏسڻو پوندو ته روايت ڇا هي؟ راويت ڪندڙ کي ”راوي“ Story letter چئبو آهي. روايت Tradition اسم ۽ روايتي (Traditional) صفت آهي. صفت پنهنجي وصف سان لاڳو ٿي اسم جو گڻ يا اوگڻ بيان ڪندي آهي. انگريزي ۾  Conventional راويتي ۽ Un-conventional غير راويتي مفهوم ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ پڻ آهن. روايت قائم ڪرڻ پنهنجي دور جي ريافت وانگر آهي. هي وڏو ڪارنامو آهي. روايت وسيع معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي. ثقافت وانگر ادب ۽ فن جون روايتون آهن. گهوٽ ڪنوار جو لباس، ڪاڄ جو ڀت ۽ پهت وغيره رڳو روايتون نه پر قومي سڃاڻپ جو درجو رکندڙ پيرويون آهن. ڪاڄ جي موقعي تي شادمان ڪرڻ، ۽ مولود ڳائڻ، ريجو (سڪا) گهوٽ مٿان ڇٽڻ سڃاڻپ سان گڏ، موقعي جي سونهن ۽ سوڀيا پڻ آهي.
تڪبندي ۽ لفاظي Rhetoric شعري روايت آهي. تبديليون آيون. سنڌي ۾ انگريزي، هندي، بنگالي ۽ اردو وانگر نثري نظم ۽ آزاد نظم جو ٻچ پوکيو ويو. ٻج ڦٽو ضرور، پر سلو ۽ ٻوٽو بڻجي اسري نه سگهيو. جدت جي مقابلي ۾ روايت سگهاري رهي آهي. نثري نظم (Prose Poem) ۽ آزادي نظم (Free verse) بي نسبت ۾ بلينڪ روس ڪي قدر واڌ ويجهه طرف گامزن صنف آهي.شاعريءَ ۾ موسيقي جو عنصر هڪ روايت آهي. قافين، رديفن جي بندش، بحر ۽ وزن جي پابندي ۽ صلحن ۽ سليس لفظن ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل استعارن جو استعمال سميت ڪيريون ئي شعري روايتون آهن، جيڪي پڙهيون ۽ پڙهايون وڃن ٿيون. ڪنهن تحريڪ يا نظريي جي تابع ادب فن ۾ تجربن ڪرڻ جو لاڙو پڻ روايت جي ذمري ۾ اچي ٿو. نظريي کانسواءِ ادب ۾ تجربن ڪرڻ جي تحريڪ اڀري. روسي هيئتي تحريڪ شاعري کي زندگيءَ جي ڪارج سان جوڙڻ بدران ساختياتي رنگ  ۾ نون لفظن ۽ نون اندازن کي ترجيح ڏني. ساختيات (Structuralism) کان پوءِ پس ساخيات جي تحريڪ ٻوليءَ ۾ نوان تجربا ڪيا. انگريزيءَ ادب تان اثرن جي اوڌر گوپي چند اردو کي وٺي ڏني. هن جي لٽريچر جو اثر نئين نسل جي اڀرندڙ شاعر ۽ اديب قبول ڪيو. سنڌي ۾ عالمي ادب جا ترجما گهڻو تڻو اردو جي ڪتابن معرفت ڪيا ويا آهن. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جا ترجمو ٿيل ڪتاب معياري ادبي ٻوليءَ ۾ آهن. پرڏيهي ٻولين مان ادب سنڌي ۾ الٿو ڪري معياري انداز ۾ ڏيڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مترجم دستاب ڪونهن ته ڪهڙا سبب آهن، اهو هن مضمون جو محور ڪونهي البت تحريڪن جي اثرن هيٺ تنقيد جا جيترا به رجحان آڏو آيا آهن اهي تنقيدي فارم يا روايتون چئبا.
          ادب ۾ اثر جي قوت پروپيگنڊا کان طاقتور آهي. ڪيترا به مفت لکرايل يا ڪجهه ڏيئي لکرايل ڪالم روزانو اخبارن ۽ شوبز مئگزين ۾ ڇپجندا رهن، پر آخرڪار مدي خارج ٿي بي اثر ثابت ٿيندا. دل ۽ دماغ جي اپٽار ۾ لهي پنهنجي جاءِ ماڻڪن ۽ موتين وانگر ملهائتي ٺاهيندڙ ئي ادب آهي. شخص سار ۽ سانڀر جو ڀاڱو بڻجندڙ احساس قوم جي تاريخ وانگر سينن ۾ سانڍيو ويندو آهي.
          جديد ۽ جديديت بظاهر هڪجهڙا اصطلاح آهن. پر حقيقت ۾ جديديت تحريڪ جو نالو آهي، جنهن تحت سرجندڙ ادب فطرت کان پري ڄڻڪ ڪونڊي ۾ لڳايل ڇانو جو ٻوٽو آهي، ڌرتيءَ ۾ پاڙون کتل نه هونديون ۽ ثقافتي ٻوليءَ ۽ انداز جو واس نه ايندو ته اسم مڪينيڪل (جڙتو/مصنوعي) ڀاسندو، هي نه وسري ته شاعري خالص تخليقي پورهيو آهي، تخليق صرف ۽ صرف تخليق آهي. ڪوڙي ۽ سچي تخليق ڪانه ٿيندي آهي، جو چئجي ته فلاڻي شاعر سچي ۽ فلاڻي ڪوڙي آهي. فڪشن ۾ زرعي سماج وکون وڌائيندي جڏهن پير مشني دور ۾ رکيا ته ڊگهن، داستانن ۽ ڏند ڪٿائن جي جاءِ مختصر  ڪٿا ”ناول“ ۽ مختصر ڪهاڻي والاري، ناول ۽ ڪهاڻي ٻئي افسانوي ادب جون نثراڻيون صنفون آهن. صنعتي دور جي ارڙهين صديءَ دوران شاھ عبداللطيف ڀٽائي زرعي دور ۾ شعر چئي رهيو هو ۽ انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر مشيني ماحول ۾ ناٽڪ لکي رهيو هو. ٻنهي جي ڪردارن جي هڪجهڙائي ڪي قدر پنهنجي هنڌ پر دور جو فرق نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته حالتون بيان ڪرڻ کانسواءِ شاعريءَ جو ناقداڻو اڀياس ڪرڻ ممڪن ڪونهي.
          تحريڪ جو ڌاتو ”تحرڪ“ آهي. قبل مسيح کان يورپي تنقيد يونان ۽ روم کان متواتر فرانس جي انقلاب ۽ صنعتي مانڊاڻ ۾ اٿل پٿل آندي. ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري جديديت جي چڻنگ ويهين صديءَ جي شروع ۾ انقلاب جا ڀنڀٽ ٻاري اوسي پاس کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. يورپ ۾ ڪليسيا جي مذهبي اثرن هيٺ آرٽ ۽ ادب يوٽرن ورتو عقيدي جي ڄگهه عقليت  Rationalism) والاري داخليت جي جڳهه سماجي حقيقت نگاريءَ ورتي، ان طرح ”ادب جو ڪارج ڇا هي“ جهڙن سوالن نقادن کي مٿاڪٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ سماج ترقي ڪئي. نِتُ نيون ايجادون ڪارخانن جي تيار ڪيل پيداوار جي شڪل ۾ منڊي (مارڪيٽ) تائين پهتيون، دور بدليو انداز فڪر بدليو انداز عمل بدليون چونڊ جي معاملي ۾ پسند ۽ ناپسند نئين حسيت کي جنم ڏنو
          ”جديد“ جو ذڪر تيستائين نامڪمل رهندو، جيستائين پراڻ کي زير بحث ته آڻبو، بحث جدلياتي روپ ۾ ڪنڊون پاسا متعارف ڪرايا، نظرين ۽ نظرياتي تضادن جي ٻوڏ اچي وئي. ٻوڏ ڪٿي آئي؟  اولهندي سماج (Western Society) ۾ جديد ڳٺجوڙ سرد جنگ کي هوا ڏني. دنيا بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. هي چوڻ ته ادبي تحريڪون جيڪي يورپ ۾ پڄاڻيءَ تي پهتيو، سي سنڌ ۾ پڻ پويون پساھ کڻي چڪيون، ايئن هر گز ڪونهي. روسي هيئت پسندي جي تحريڪ کي وٺو. روس مان نيڪاليءَ کان پوءِ يورپ ۾ آمريڪا ۾ ٿوري گهڻي فرق سان 1910 کان 1930ع تائين پنهنجو وارو وڄايو. سنڌ ۾ هيئت تحريڪ شروع ئي نه ٿي آهي ته پڄاڻيءَ جو سوال ڪيئن ٿو اڀاري سگهجي؟ سنڌ ۾ صنعتي دور جي پري پري تائين اولهندي  جي برابريءَ وارو نشان نظر نٿو اچي. شهري رٿابندي وارو هڪ ڪراچي شهر آهي، جتي صنعتون (بيمار هالت ۾ سهي) موجود آهن. ان ڪري آباديءَ جو دٻاءُ ان شهر تي پوڻ المياتي شڪل اختيار ڪئي آهي. سنڌ جي سڀني شهرن ۽ واهڻن وستين ۾ صنعتون لڳي وڃن ها ته جديديت جي وصف جهڙي ويسٽرن سوسائٽي سان لاڳو آهي، تهڙي پنهنجي سوسائٽي ۾ پڻ ڪارگر سمجهي وڃي ها.
          شاعري جي ڏات تخليقي صلاحيت، علم به آهي ته قوت پڻ. هي ”سلطاني سهاڳ“ آهي ۽ تڏهن ملندو آهي، جڏهن ڏات، علم يا تخليقي قوت کي سجاڳ ڪبو. علم اصولي يا نظرياتي به ٿئي علمي تنقيد جا پڻ ساڳيا قسم آهن. سنگت جون گڏجاڻيون اڪيڊمي“ وانگر آهن. پيريا ڊيڪلس، سڌسماءُ جا ادارا، ۽ اخبارن جا دفتر علمي سکيا جا ادارا آهن. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون اصولي تعليم جا امتحاني مرڪز آهن. سکيا جو سرشتو، هڪ، دستوري ۽ رواجي ۽ ٻيو غير رواجي آهي. شاعر پنهنجي طريقن سان طبع آزمائي ڪرڻ جو حق رکي ٿو. هن کي اهو حق ناهي ته پاڻ جيڪڏهن اڪيڊمڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو ته هو اڪيڊمي جي اهميت کان انڪار ڪري يا اهميت گهٽائي بيان ڪري.سنڌ مان بنگال ۾ رابند ناٿ ٽئگور جي اداري شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي پرلوڪ پڌرايو، پنجانوي سالن جي عمر ۾ فاني جهان ڇڏڻ واري سياسي سڃاڻپ ”ڪميونسٽ“ ساري حياتي هلچل ۾ گذاري، هو سياسي ڪارڪن هو ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيائين. آتم ڪٿا ڪتابي شڪل ۾ جمع ڪرائي ڇپرايو ويو آهي.سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي طرفان ڪامريڊ سوڀي جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. سيڪريٽري باري منگي جي ميزبانيءَ ۾ جن اديبن ڪامريڊ کي ڀيٽا ڏني انهن ۾ رحمت پيرزادو، اظهر ڀانڀڻ، نصير سومرو، خليل انصاري، واحد سومرو، زاهد ڄامڙو، غني ميمڻ، مظفر ميمڻ ۽ عبدالفتاح شامل هئا. جيتريقدر مهان شخصيت جي باري ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، اوترا سينيئر سنگت جا ميمبر اديب ۽ ادب دوست شريڪ نه ٿيا. (هلندڙ)
ماهوار ناٽڪ ڪراچي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي ڄاتل سڃاتل ڪهاڻيڪار ۽ ماهوار سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. صدارت نامياري ناول نويس غلام نبي مغل ڪئي. بادل جمالي، مدد علي سنڌي، سميع بلوچ، عبدالغفار تبسم، اڪبر لغاري، رحمت پيرزادي ۽ راقم طارق اشرف ۽ ماهوار سهڻي جي سنڌي ادب ۾ ڪردار تي روشني وڌي. غلام نبي مغل تفصيل بيان ڪندي ماهوار سهڻي تي امر جليل جي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ جي ڇپجڻ ڪري بندش پوڻ ۽ ايڊيٽر گرفتار ٿيڻ جي پسمنظر تان پردو کنيو ۽ ٻڌايو ته سٺ، ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتون ڪهڙيون هيون.
          شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو ٿي گذريو، ڀٽ شاھ تي معمول موجب عالمي ادبي ڪانفرنس (؟) منعقد ڪئي وئي. ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي. ٻاهران ڪهڙا عالم، اسڪالر ۽ محقق آيا، جن ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهيا، ان بابت ناز سهتي جي رپورٽ هڪ نمائندا اخبار ۾ ڇپي، جنهن مان ڀاسيو ته ڀٽ شاھ ڪانفرنس جون تياريون عالمي ڪانفرنس جي انعقاد جهڙيون نه ڪيون ويون هيون، ميلي جي سلسلي ۾ ستت ئي ڪراچي ۾ لطيف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هي سرگرميون روايتي انداز ۾ ڏسڻ ۾ آيون ۽ سوال اُڀريو ته ڪلاسيڪي شاعر، جي ڀٽائي کان پهريون جا آهن انهن کي ڇو وساريو ويو آهي؟
          ادب دل جي محسوسات جو لطيف فن آهي نثراڻو فن ۽ شاعراڻو فن پڻ ..... شاعري جي لهرن جا گهڻا تجربا ٿيا آهن. قبل مسيح ۾ شاعري ۽ ان سان جڙيل فنن بابت ارسطو جو ڪتاب بوطيقا اڄ سوڌو ڪارگر آهي. يورپ ۾ شايد ئي ڪنهن ڪتاب جا ترجما ۽ تشريحون ايترا لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن جيترا بوطيقا جا ڏسڻ ۾ ايندا، فزڪس يا طبيعات تي به ارسطو لکيو ته مابعد طبيعات Meta Physics  تي پڻ لکيو. ميٽا فزڪس جي اصطلاغ جو الاهيات سان ويجهو واسطو آهي. ۽ ان جو گهاڙيٽو يعني الهامي آيات شاعري جي هيئت لکيل آهي. حواسن کان مٿانهان خيال ۽ جن جي محسوسات پڙهندڙ جي احاطي ۾ نه اچي، سريئلسٽ جي اثر هيٺ تجربا ڪيل آهن. سريئلزم جي تحريڪ ادبي هئي. جيڪا اصل ۾ ماورايت جي ميدان ۾ شمار جي ٿي. ويهين صديءَ جي هن تحريڪ جا سڀ عڪس غير منطقي هئا. ان جو گهڻو واهپو مصوري Visual Artwork ۾ ڏسڻ ۾ آيو. شعر جي وهڪري هيٺ لاشعور جي گهوڙي جا لغام ڍرا ڪري ڇيڪ ڊوڙڻ وارا لکت ۾ تجربا ناول وغيره  ۾ عام جام ڪيا ويا. سنڌي ۾ رسول ميمڻ جو ناول ”قالو بليٰ“ سريئلزم جي تجربي مان هڪ آهي.
          ادب ۾ شاعريءَ جو شمار، تصورات جي دنيا ۾ ٿئي ٿو، شاعريءَ لاءِ نوان اصطلاح ميٽا آرٽ ۽ ميٽاريئلزم ۽ ٻيا استعمال ٿي رهيا آهن. شاعري تخيل جي جمالياتي ۽ موزون انداز ۾ صوتياتي اظهار آهي. لکڻ کان وڌيڪ شعر گوئي جي زباني روايت  Oral Tradition وڌيڪ اثرائتي ۽ ڪلاسڪس ۾ ڳڻي ويندي آهي. تصوريت  Conceptual-ism جي ڪري شاعري ٻڌي ۽ پڙهي ويندي آهي. طويل نظم ڪيڏاري (رزميه/Epic) لکيا ويا داستان بيان ڪيا ويا. ڀٽائي جي ڪلام ۾ پڻ داستان تمثيلي انداز ۾ آفاقي قدرن جا عڪاس آهن.
          آفاقي قدرن واري شاعري هر دور جو ادب آهي. آفافيت جي قدرن جي مڃتا جا ڪهڙا محرڪ آهن، ۽ انهن جي ماديت يا طبعات جي معاملات سان ڪيتريقدر ويجهڙائپ  Juxtaposition آهي. ان بابت گوگل تي موجود گهڻي معلومات موجود آهي. سن 1983 ۾ نئين ٽهي جو نقاد (The young critic) جي سري هيٺ ماسڪو ۾ مباحثي (Debuted) جو بندوبست ڪيو ويو ۽ هي پهرين ڀيرو هو، جو ماديت کان هٽي ميٽارئلزم ۽ ڪنسيپچوئلزم بابت سيمينار منعقد ڪيا ويا ۽ تشهير ڪئي وئي.
          ايڪهين صديءَ ۾ ادب کي زندگيءَ جي سڀني شعبن جي عڪاسيءَ جو وسيع تر ماديتي ۽ احساساتي ڪئنواس ملي ويو آهي. اين جي اوز ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ماڻهن  Peoples جي ترجماني جون دعويدار بڻيل آهن، پراڻيون بيٺڪون مارڪيٽ جا اهڙا هنڌ آهن، جتي هر رنگ، نسل، مذهب، ۽ ٻولي وارو اجنبي ماحول برپا آهي، سنڌ ان قسم جي تجربي جي ليبارٽري آهي. ڪراچي ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ڪئي وئي آهي. سنڌي وڃائجي ويا آهن. کين ڳولڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن سياسي، ثقافتي ۽ ادبي ميڙاڪا ۽ سرگرميون منعقد ڪيون وڃن ٿيون. سڃاڻپ جو بنيادي مسئلو آهي، جنهن هر شخص کي موجوده اجنبيت جي وايو منڊل ۾ بي چين ڪري ڇڏيو آهي. ”ادب جو واءُ سواءُ“ ادبي ڪاوش جو سلسلو آهي. هن سلسلي ۾ طبيعات، مابعد الطبيعات جا فڪري موضوع به اظهاريا ويندا ته ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي وقائتي گهرج ۽ چونڊ جي آزاداڻيءَ اختيار Option تحت واءُ سواءُ به پڙهڻ لاءِ ملندو.


اوسيئڙو


اوسيئڙو
نصير سومرو  
خط جو رواج ڪونهي، ڪير خط ڏانهم لکي، خط لکڻ لاءِ پتو کپي، سڀ پتا کيڏي چڪو آهيان، هاڻ ڪو پتو ڪونهي، پاڻ ڏي پاڻ خط لکي رهيو آهيان. هي لکڻ کان اڳ خط پڙهيل آهي. ٽپال جو اوسيئڙو ڪونهي.
لسانيات: ٻين ٻولي ۾ پڙهندو ضرور آهيان پر لکندو پنهنجي ٻولي ۾ آهيان. سنڏي لکندي، سنڌي پڙهندي، سنڌي ۾ سوچيندي ۽ خواب لهندي معتبرائپ جو احساس ٿيندو اٿم، لسانيات جي مطالعي سان پنهنجي بڻ بنياد ۽ سڱ سياڪي جا پار پتا ملندا آهن. لفظن جا سانگي پکي ڪوهين ڏور ويرانن مان، چاندي جو نقاب چڙهيل پهاڙي چوٽين مان اڏامي من جي نيري ندي تي اچي لهندا آهن، عالم سڄو ڳوٺ (global village) گڏجي رهڻ جي اهڙي جڳهه آهي. جتي اوپرو اوپري سان پنهنجي يا هن جي ٻولي ۾ ڳالهائي ته معنيٰ لسانيات اڃا پنهنجو ڪارج وڃايو ڪونهي. گونگي اوپيرا ۾ ايڪشن ذريعي ڪم ٽپائڻو پوي ٿو ۽ ان گونگي اداڪاري جي سکيا به لسانيات ۾ ڏني ويندي آهي. آءٌ پنهنجي مادري ٻولي ۾ ليک لکي رهيو آهيان، وڏو ڀاڳوند آهيان.
سنسڪرتي يا پالي لفظ پُرجھڻ (Prajna) معنيٰ ڏاهپ آهي، پرجھڻ جو عمل مسلسل پنهنجي مڪملتا/پورڻتار integrity ڏانهن وڌندو آهي. هڪ هنڌ، ڍنڍ جي پاڻيءَ وانگر بيٺل ڏاهپ ڪانهي. ڇاڪاڻ ته فطرت جي متحرڪ (Dynamic) اصلت جمود سان ٺهڪندڙ بنهه ڪانهي. اڌوري ڄاڻ جو رونشو ڪندڙ نام نهاد دانشور  پرمتڙيو آهي، هڪ مت آهي ۽ ٻي پرمت، ”پر“ جي خاص معنوي تشريح آهي. لوڪ ۽ پرلوڪ، اُتما ۽ پرآتما (پرماتما) وغيره اهڙا لفظ آهن، جن کي سمجھڻ لاءِ قلب ڪشادو ڪرڻو پوندو.ڪڏهن به اڳواٽ ڀريل پيالو خلاص ڪرڻو پوندو آهي، جيئن نئين ڄاڻ کي پير کوڙڻ لاءِ وٿيون ملن. پرجھڻ سان پاڇاڙي Pazamita ملائڻ سان پورڻتا (Perfection) واري معياري (مقدار سان گڏ) معنيٰ ملي ٿي. هي لفظ سنسڪرت ۽ پالي ۾ مشترڪ رهيا آهن. ڳالهائڻ ۾ عام ڪونهن، بار بار ورجائڻ سان ٻولي ذهن ۾ مستقل جڳهه والاري ٿي، ذهن ۾ ٻولي جو مرڪز آهي.هن رستباز، نيڪ مرد، پريو مڙس، متقي، صالح، ديومالائي ڪردار، نيڪو ڪار ۽ ٻيا کوڙ لفظ هڪ تصور جي چوڌاري ڦرندا آهن. پالي ۾ پاڪ دامن شخص (Holy person) واسطي prajaparmita  (لفظ) استعمال ٿيندو هو.هن قسم جا ڪردار ”سائين بابا“ سنڌي ناٽڪن جو حصو ڪونهن. اهي زندهه ڪرڻا پوندا. سنڌ کي ان جو پنهنجو تهذيبي ورثو  ئي مهانتا ڏياريندو.
 ها! جڏهن زرعي سماج صنعي دور ۾ مڪمل طرح داخل ٿي ويو ته ان وقت مغربي ترقيءَ جي اسبابن مان لاڀ وٺي سگهڻ جي اهل بڻباسين.
پورنو : اگهاڙو ڄميل اوگهڙ ۾ پاڻ سڃاڻي وٺندو آهي. ڇويهن سالن تائين پورنو، پينٽنگ کانسواءِ اوگهڙ جي عالم ۾ پير نه رکيا هئا. ويهين ۽ ايڪيهين صدي ۾ لڄ جا لٽا لهي ويا. اوگهڙ جا وڊيو افيڪس، سئنيما، ٿيٽر، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ ذريعي پري پري تائين پهچڻ لڳا. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر جي سکيا ۽ موبائل فون جي دستيابي پورنو بت جي درشن جون واٽون سڌيون ڪري ڇڏيون. هاڻ احساس ڪنوارو نه رهيو آهي. ڪنوارپ جا کنڌا کڄي چڪا آهن. مفاصلا گهٽجي ويا آهن.ماڻهو پاڻ کان  ڀڄي رهيو آهي. لڪڻ جي کيس جاءِ نٿي ملي. پورنو ويب سائيٽون ٻانهون ڦهلائي پنهنجي پناهه ۾ وٺڻ لاءِ آيتون آهن.
واس: دنيا باغ وانگر آهي، هن باغ ۾ قسمين قسمين گل آهن، انهن جي رنگت ساڳي ڪانهي، الڳ الڳ رنگ گلدستي جي زينت آهي. هڪ رنگ مان اکڙيون ڍاپي روهه ٿي وينديون آهن. ذوق کي گهڻائپ تڪميل ڏئي ٿي. گلدستي ۾ موجود گلن جو واس لڀائيندڙ آهي. هٿرادو گلن جو ڏيک اصلي هجڻ جو گمان، ڏسڻ تائين وڻندڙ آهي. انهن مان واس ناهي اچڻو. واس بنا گلن ۾ گهارڻ تي مجبور آهي. جن جي ويجهو هجڻ گهرجي، تن کان ڏور آهيون ۽ جن کان ڏور رهڻ گهرجي تن جي قريب آهيون. ڪيڏا نه عجيب آهيون.
ٻن تهذيبن جي ڀيٽائتي مشاهدي مان گههڻيون ڳالهيون مفيد، نه رڳو بحث لاءِ ملن ٿيون پر اهي علمي ۽ فني اوسر ڪارڻ به درڪار آهن. مشرقي  (oriental) شآعري ۽ راڳداري جي اوائلي ماترڪ چند ويا جون پاڙون جديديت پڄاڻان ترقي جي باوجود وقتائتي گهرج آهر پختيون آهن. البت شاعري جو فني تجربو ۽ ان جو علم (وديا) به الڳ الڳ حقيقتون آهن. ويندي جاپاني هائيڪو جي منظوم شاعري (ordered verses) پورب (مشرق) جي ٻُڌي ڪلچر جي اثر هيٺ رهي آهي. ٻُڌي روايت ۽ برهمڻو ڪلچر ٻنهي هند، سنڌ جي شاعراڻن تجربن تي پنهنجي ڇاپ هڻي مڃتا ماڻي روتي.ڪلاسيڪي پستڪ ويدن وارو آهي. ويدن جي شاعري، زبور ۽ ٻين سامي صحيفن ۾ موجود موزن ڪلام ٻه مک ڪلاسيڪي سرچشما آهن. جن علائقن ۾ ٻڌ مذهب جو اثر رهيو انهن جو آدم  دنيا جي ڪل آباديءَ جو چوٿون حصو آهي ۽ دنيا جي غير پرچاري مذهبن ۾ سرفهرست آهي. اهڙي شاهوڪار ڪلچر جي سوترن جو لوڪ ادب تي ساڳي شدت وارو اثر برقرار آهي. هڪ سٽ وارا شاعراڻا جملا، پهاڪن، چوڻين جي گهاڙيتي  (form) ۾ گهڻو مقبول آهن.
سٽ سوتر مان ماخوذ لفظ آهي. ٽن سٽن جي هائيڪي ۾ فطرت جي عڪاسي، ساپڻ ٽه سٽا گهڙت ۾ وڏي معنيٰ رکي ٿي. ماورائي ڏاهپ (Tronscendent wisdom) جو خزانو هندي سوتر آهن. ڪانٽ ۽ ٻين مغربي دانشورن پڻ هندي پستڪن مان مخفي علوميت جي ڄاڻ اڌاري ورتي.
ڌنار : ڌڻ چاريندو آهي، ڌڻ جي هڪ هڪ جانور جي سار سنڀال لهندو آهي. جهنگ ۾ ڪهڙي ڪهڙي خطرناڪ جانور کان هن جي ڌڻ کي ڇيهو رسي سگهي ٿو. کيس خبر چار آهي. هو پنهنجي ڌڻ کان جيئن واقف آهي، تيئن ڌڻ جو هر جانور کيس به سڃاڻي ٿو.
          ڌنار اڳواڻي جي علامت آهي. هن کي ڌڻ جو اونو رات جو به رهي، متان ڪو خونخوار يا ڪو چور واڙ ۾ گهڙي اچي. چوڪس رهڻو اٿس. ڌنار کير جو واپار ڪري ٿو. مال جي پڙي ۾ اچي وڃي ٿو. لاڳاپيل مال جي چاري کان وٺي کير مکڻ، گوشت ۽گيهه جي اگهن جي پوري پوري ڄاڻ رکي ٿو. زرعي جنسن جي کوٽ ۽ واڌ جو پتو  پويس ٿو. تر جي چورن ۽ لفگن جي پروڙ اٿس. پيرن جا نشان سڃاڻيندڙ پيري پڻ آهي. ڌنار اوطاق ۾ ڪچهري ۾ به نه اچي ته هوند ڪچهري اڌوري سمجهي وڃي. کيس نڙ، بوڙينڊو ۽ چنگ وڄائڻ اچي ٿو. سگهڙ به آهي. بيتن ۾ وڏا وڏا قصا بيان ڪرڻ ۽ ڳجهارتون ڀڃڻ به ڪو کانئس سکي. ڌنار زرعي سماج جو ڪارائتو ڪردار آهي. هُو امين به آهي. آڌيارو مال به سنڀاليندو ۽ پاليندو آهي. ٻڪرار، ميهار وغيره ڌنار ئي آهن.
تهذيب جي اوسر ۾ ٽي ڳالهيون ساڳيون هلنديون اچن ٿيون. هڪ کاڌو رڌي پچائي کائون ٿا. ٻيو پوشاڪ پهري بدن ڍڪيون ٿا ۽ ٽيون چار ديواري جي اندر رهون ٿا. فيشن مان پتو پوندو آهي ته ڪهڙي دور ۾ جي رهيا آهيون. اطلاعات ۽ سڌ سماءَ سان جيترو ڪو به ويجهوآهي، کيس اپ ڊيٽ معلومات ملندي رهي ٿي.ٿورڙو عرصو به ميڊيا کان پرڀرو رهجي ته مارڪيٽ ۾هر شئي جو ملهه قدر/ ويليو) مٽيل ڏسڻ ۾ ايندو. بي خبر ۽ باخبر جي وچ ۾ ويهي ڏسبو ته پتو پوندو ته پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون. ڳوٺ ۽ شهر جي فيشن ۾ ڪيتري قدر مماثلت نظر اچي ٿي. شهري آبادي ۾ گهرن جي اڏاوت نقشي موجب ٿيندي آهي. گهر جو ليز ٿيڻ معنيٰ شهري (Urban) آبادي ۾ شامل آهي. ٻيون ڪچيون آباديون آهن. جيستائين ليز نه ٿيون ٿين، تيستائين اهي شهري ڊيزائن (Urban Design) کان ٻاهر رهنديون.
ڳوٺ ۾ ٽيليويزن جا جڏهن چويهه ڪلاڪ نشريات وارا ڊرجنن جي تعداد ۾ نه هئا. تڏهن ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊ وڏي وندر جو وسيلو هو. ڳوٺ ڊگهي عرصي کان پوءِ وڃڻ شروع ٿيڻ سان پتو پيو ته ڳوٺاڻا پڻ ڏيهي توڙي پرڏيهي واءَ سواءَ کان وقف آهن. ٽيليويزن ڄٽن کي ڄاڻو بڻائي ڇڏيو آهي. لکن ڪروڙن تائين اطلاعات ٽيليويزن ذريعي ترت پهچي وڃڻ جا فائدا به ملي رهيا آهن ۽ عبوري غير يقيني حالتن سان هنڪنار نه ٿي سگهڻ جا هاڃا پڻ رسي رهيا آهن. ان جي باوجود ڳوٺن ۾ ٽيليويزن جي هوندي به ريڊيو ٻڌڻ جو جنون ساڳئي ريت هلندڙ آهي. ڳوٺ ۾ جانڻ سان ملاقات ٿي. کانئس پڇيم، بي بي سي ٻڌندو آهين؟ جواب هائوڪار ۾ڏنائين. ساڻس ڳالهه ٻولهه جو سرسري تت هيٺ ڏجي ٿو.
جانڻ : ڪر خبر، دور ڪيئن ٿو ڀائين، (ٺڳڻ ۽ ٺڳجڻ جو دور آهي)
اهو ڪيئن؟
نقلي شين سان گڏ، ماڻهو به نج نه رهيا آهن.
سڀ ائين ڪونهن.
(نج به آهن، دنياجو هلي ٿي، ضرور الله وارا به آهن.....)
نج ناهي، معنيٰ ملاوت آهي، ڪوڙ ۽ سچ گاڏڙ خطرناڪ آهي.
مٿان کان هلندو اچي ٿو)
مٿان کان؟
(نصاب ۾ تاريخ من گهڙت (pseuds) پڙهائي وڃي ٿي، پاڻ سوچي سگهين ٿو ته اسان جو نئون نسل ڪوڙ ڏانهن مائل رهندو يا سچ ڏانهن؟)
ڳالهيون صحيح ٿو ڪرين. سچا ۽ کرا ماڻهو اقليت ۾ ايندا پيا وڃن.
(سڄي قوم اقليت ۾ بدلجي رهي آهي)سنڌين جو ڇا ٿيندو؟
(جيڪو سنڌي چاهيندا)
۽سنڌي ڇا ٿا چاهين؟
(ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڦٽاڪا ڇڏڻ، قوم تيار نه هئي ته اڳواڻ ڦٿڪندا هئا. قوم  ڦٿڪي ٿي ته اڳواڻ رلي وجهي سمهي رهيا آهن)
گرمي ۾ پگهر ٿو نڪري ۽ رلهي وجهي سمهڻ معنيٰ ته زماني جي ضرورت جي برعڪس سنڌي ستل پيا آهن.
(حاجي سڳورا حج تي پٿر جي شيطان کي پٿريون ٿا هڻن. اڙي هنن ٺڳيندڙن، چاهي سياستدان هجن، ڪامورا هجن، واپاري هجن، وڏيرا، اغوا ۽ ڪارو ڪاري جو ڪاروبار ڪندڙ هجن، جعلي قلمڪار يا ويڪائو ملا هجن. هنن مان بدڪردارن کي پٿر هڻي سنگسار ڪجي).
جذباتي نه ٿي. استاد بخاري جو ڪلام ٻڌو اٿئي. ايڏو نه ٿي جذباتي، سينو نه پوئي ڦاٽي..
(رڳو سينو.....)


Wednesday, 4 March 2015

خانه بدوش لفظن جا قافلا

سانگي پکي سار جا



خانه بدوش لفظن جا قافلا
نصير سومرو

ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ خواهش ته شاعري پڙهجي، ڪڏهن ناول ته ڪڏهن ڪهاڻي، هيءَ خواهش آهي، مڙهيل بار ڪونهي. بار فرض جي ادائگيءَ وانگر پيو ته شاعري يا ٻيو ڪو ادبي اسم پڙهڻ سان قلبي قرار نه ملندو. سو شاعريءَ جا چار مجموعا ٿورڙن ڏينهن جي اندر اعزازي طور مليام. ”سارو ڏيهه ڏکارو“ هدايت بلوچ جو شاعرائڻو ڳٽڪو آهي. منفرد، مسرور پيرزادي جو، خدائي رقص ۾ آهي“ رحمت پيرزادي جو شعري مجموعو آهي. چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ ”خانه بدوش“ وارو اصطلاح گهڻو فينٽسائيز ٿي ويو آهي. انور ابڙي جي لکڻين کان پوءِ غلام حسين رنگريز جي آتم ڪٿا جو عنوان ۽ هيئر ادل سولنگي جي شاعريءَ جو ٽائٽيل ڌيان ڇڪائي ٿو. خانه بدوش  جيڪي يورپ ۾ جپسي جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا،اهي رولاڪ قبيلا، وڻجارڪا پکي اڏي جتي وڃن ته چون :
سندو واريءَ ڪوٽ اڏي اڏبو ڪيترو
سر سامونڊي ۾ ڀٽائي فرمائي ٿو ته
وڻجاري وائي، سدا آهي سفر جي،
آيل اها ئي، مون کي ماري ڳالهڙي
ادل سولنگي ڪراچي ۾ صحافتي ڪرت سان هوندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن سانگي ساڻس ملاقات ئي ويندي هئي. هن مهل ڳوٺ  جا وڻ وسايا اٿائين. هن جو ذڪر خير رکيل مورائيءَ سان ٿيندو رهندو آهي. دوست جسماني طرح سان جتي به هجي، تذڪري ۽ سار ۾ سدا سائو رهي  ٿو. ڏوڪري جي تعلقي باڪراڻي جو ڳوٺ محراب پور آهي جتي هن اسان جي صحافي ۽ شاعر دوست اٺ مارچ اڻويهه سئو ڇاهٽ عيسويءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري محرابپور ۽ مئٽرڪ دادو جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مخدوم بلاول مان ڪئي. هن جي بقول لکڻ جي شروعات سن اڻويهه سو ٻياسي کان ڪيائين اسي جو ڏهاڪو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي حالتن جو سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن جي ون يونٽ خلاف تحريڪ جي تسلسل وارو هو. ايم آر ڊي تحريڪ ۽ قومي تحريڪ جو اهو اثر جنهن سنڌ جي تاريخ نئين سر لکي پئي. صحافتي ۽ ادبي حوالن کان علاوه ادل سولنگيءَ جو سياسي سفر به آهي. تبصري هيٺ ڪتاب ۾ مختصر تعارف ۾ ادل ڄاڻائي ٿو.
”سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران دادو ۾ ساٿين سان گڏ ٽريلر کي  ساڙڻ، ڪورٽ، ريلوي اسـٽيشن،
جيل ساڙڻ جا ڪيس داخل ٿيا ۽ ڪيترو ئي وقت روپوشيءَ ۾ گذريو.“ هي روپوشيءَ وارو دور سوچ ويچار ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ جو نهايت ئي مناسب وقت آهي، جڏهن تخليقي ويچارن جا ولرن جا ولر اچي لهن ٿا.ڏات ڌڻي انهن لمحن کي قلمبند ڪري سانڀر جي تختيءَ تي سدائين لاءِ سانڍي وٺندو آهي. قيد ۽ بند جي ڏينهن ۾ پڻ ڳوڙهي ۽ ڳتيل مطالعي ۽ گيان جو يادگار موقعو ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڏات جيستائين ڏنڀجي ۽ ڏنگجي نٿي تيستائين اها ڏانءُ (فن) جو روپ نه ٿي ڌاري سگهي. پيڙا مان پروڙ جو تجربو بنهه ذاتي هوندي به ذاتي نه هوندو آهي. جو حالتن جا اولڙا ادل جي ڪيفيتن جا روپ ڌارينديون آهن.
ادل پنهنجي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو!
”2001ع ۾ مورو باءِ پاس تي سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڊيمن خلاف هنيل جسقم جي ڌرڻي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ هفتي کان وڌيڪ مورو، گچيرو ۽ گولاڙچي ٿاڻن تي قيدي بڻائي رکيو ويو.“
                اخبار جي نوڪريءَ ۾ رات جو آڌيءَ ماڌيءَ جڏهن سنسان سڙڪن تان گذربو آهي ته الائجي ڪهڙن ڪهڙن سوالن جوابن، سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ڪارڊ ڏيکارڻ ۽ جهڙتين مان لنگهڻو پوندو آهي. سيڪيورٽي اهلڪار بيٺا هوندا آهن ته ڪو شڪار ملي. ادل سولنگي انهن تجربن جو عڪس هن ريت بيان ڪري ٿو.
 وک وک آهن ورديون
چو واٽا چونڪيون
ڪهڙي آهي زندگي
ايندي ويندي واٽ تي
ڄٽ بڻيل جهڙتيون ڪهڙي آهي زندگي ڪتاب سليقي سان ڇپيل آهي. سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري طرفان ڇپايل هي پندرهون ڪتاب اٿن وڻندڙ رنگن ۾ اڳيان پويان ادل جي تصوير کي جوڳي جڳهه ڏني وئي آهي. ڪتاب جي آخري صفحي 192 تي موصوف جو هي چوسٽو تصوير سان ڏنل آهي.
هڪ ڏينهن خبر ٿي وينداسين
ٻئي ڏينهن قبر ٿي وينداسين
ڪنهن پريم ڪٿا جي پيرا جي
ڪا زير زبر ٿي وينداسين
                ڪتاب، ” بدوش لفظن جا قافلا“ نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرجندڙ شاعري جي روايت جو امين آهي. مهاڳ رکيل مورائي جو لکيل ۽ امهاڳ غفار تبسم جو لکيل آهي. شاعر جي قلم مان ”خانه بدوشيءَ جون ساروڻيون“ ٻه اکر طور لکيل آهن. پٺئين پاٺي تي اياز گل جا تاثرات ڏنا ويا آهن اندر وچوريا فهرست ڏجي ها. ته پڙهندڙ لاءِ خاص طور تبصري نگارن لاءِ سولائي ٿئي ها ته ڪهڙيون صنفون ۽ اسم سموهيل آهن. نظم گهڻا اظهاريل آهن. غزل وايون، بيت، هائيڪا ۽ گيت اٽڪل ٽيهارو کن صفحن تي مشتمل آهن. سواءِ پارٽيشن پيپرز جي 170 صفحي تي نئين ٽهي جي شاعر ۽ آئنسٽائن جي بايو گرافي انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ نويد سنديلي جي ادل سولنگي کي ڏنل منظم ڀيٽا پڻ مجموعي جي زينت بڻيل آهي. ڪتاب جي ارپنا سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ عبدالواحد آريسر جي فڪري قافلي جي  نانءِ آهي.
                تبصري جو تت ۽ سموهيندڙ لفظن جو ست اهو آهي ته ادل سولنگيءَ پنهنجن خانه بدوش لفظن کي بي ترتيبي مان ترتيب ۾ آندو آهي گويا پنهنجي گهڻ پاسائين حياتيءَ کي شاعراڻي ڇاپ ڏني آهي. معنيٰ ادل سولنگي شاعر آهي ۽ بس.

پورهيو ادب ۽ اسلوب


پورهيو ادب ۽ اسلوب
نصير سومرو

تنقيد سان تخليقي ذهن جي سنوار سڌار ٿئي ٿي. هي تخليقي ذهن  پنهنجي شناخت ۾ هيري (الماس) وانگر آهي. هيري (Diamond) جي تراش خراش سان هيري جون اصل يعني لڪل خاصيتون اجاگر ٿي پونديون آهن. فن ادب ۾ هيءَ تراش خراش تنقيد آهي،  عڪس ذهن جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پلٿي ماري ويهي رهندا آهن. انهن عڪسن جا وري ننڍا ننڍا عڪس به آهن. جيڪي موبائيل فون جي سيٽنگ ۾ طئي ٿيل فنڪشن وانگر هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جي آهنگ ۾ هوندا آهن. فنڪشن کي هڪ هڪ ڳڻي ٻڌائڻ جي بدران موبائيل سيٽ جو رڳو ماڊل نمبر کڻبو آهي. موبائيل صحيح آهي.ان ۾ انٽرنيٽ، هلائڻ جا سڀ فڪشن موجود آهن. ٻيو ماڻهو سيٽ هلائيندو هوندو ته امڪاني صورت غلط ناهي ته سو سيڪڙو صحيح به ناهي.خبر پئي ته موبائيل سيٽ جي مالڪ کي سيٽ هلائڻ ئي نٿو اچي جو هو انٽرنيٽ جي ڪا ويب سائيٽ کولي سگهي. هاڻ هو سکي وٺي ٿو ته انٽرنيٽ ڪيئن هلندو آهي. سکيا اڌوري هوندي کائنس ڏينهن رات هڻ هڻان جي باوجود فيس بوڪ نٿو کلي، اهو ٻڌائڻ سان مبادا کيس ٺٺوليون ۽ کلون ٻڌڻيون پون ته هن جو جڏهن فيس بوڪ تي اڪائونٽ ئي کليل نه آهي ته بنا آءِ ڊي ۽ پاس ورڊ جي سائيٽ کلي سگهندي؟ ان ۾ موبائيل سيٽ جي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جو قصور ڪونهي. اصل معاملو سکڻ جو آهي سکڻ جي ڪيڏي نه افاديت آهي. سکيا ناهي ته ڌن وان به پنهنجي ڌن مان فائدو وٺي نه ٿو سگهي. تخليقي ڏات پڻ ائين آهي.
هي اعتراف ڪندي پنهنجو قد اوچو ٿو محسوس ڪريان ته منهنجي ادبي ۽ فني سکيا ۾ پرائمري کان انجنيئرنگ يونيورسٽي تائين باقائده تعليم ۽ ادبي تنقيدي ويهڪن ۾ شرڪت جو دخل آهي. سنڌي ادبي سنگت جي دستوري ويهڪن ۾ اچڻ وڃڻ  ۽ تنقيد ۾ حصو وٺڻ سان جنهن ماحول مان گذرڻو پيو، اهو محسوس باللمس آهي. چائنٺ جي اندر هڪ پير ۽ ٻيو ٻاهر هجڻ جي مصداق موڙ هو. پير اندر رکيا. پير رکڻ ۽ پير ڄمائڻ سان ئي زمان مڪان ۾ جڳهه ٺاهڻ جا امڪان پيدا ڪري ورتا. واريءَ جو ڪوٽ ڊاهڻو پيو. دل جا ٻه دوار (Valves) ساٿ نه ڏيئي رهيا هئا. ته اهي مٽائڻا پيا. امڪانن جون نيون ڳڙکيون ۽ دروازا کلي پيا،محسوسات جي هر طرح لمس سار جو روپ ڌاري ورتو. ها! ٽاڪري جو نتيجو ڏکيرو ۽ اُگري رد عمل وارو پڻ رهيو ۽ تلخ يادگيريون پڻ پلئه پيون پر اهو اُتساھ مليو ته ڪجهه ڪرڻ جو ار ادو نصب العين بڻيو.
لمس عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ  سنڌيءَ ۾ ڇهاءُ آهي. ڇهڻ پنجن حواسن  مان هڪ آهي. هيءُ حواس بدن ۾ دماغ تائين معلومات ۽ رپورٽون پهچائڻ جا  وسيلا آهن،ڇهين حس، يا ڇهون  حواس به آهي اهو مقام آهي Extra sensual perception هي تخليقي ڏات آهي. ڏات ڌڻي جيڪڏهن واقعي هجي ته اهو اسلوب ۾ ٻين کان منفرد تجربو متعارف ڪرائيندو.
اسلوب ڇا  آهي. سالن تائين ڪجهه ڳالهيون ٻڌبيون رهبيون آهن ۽ انهن بابت ذهن ۾ پنهنجي طرفان سوچي ڇڏيو هوندو آهي ته اهي هيئن هونديون يا هونءَ هونديون پر لازمي ناهي ته ائين هجن.ظاهر ۾ طرز، اسلوب ۽ لهجو، ٽي ئي لفظ هڪجهڙيون معائنون ڏيندي به الڳ الڳ معنيٰ ڏيندڙ آهن. اهڙي موقعي تي ٻن ٽن ٻولين جي ڊڪشنرين مان مدد وٺڻي پوي ٿي.لفظ ڊڪشنري ڊڪشن (Diction) مان اخذ ڪيل آهي.ڊڪشن جي معنيٰ لغت ۽ لغات آهي. اسلوب جو سڌو واسطو لفظن جي چونڊ، انهن جي استعمال جي ڏانءُ (شاعراڻو بحر ۽ وزن) ۽ ابلاغ سان آهي. لفظيات مان مراد ٻولي آهي. ٻوليءَ جو واسطو ثقافت سان آهي. ثقافت جو واسطو زمان مڪان ۾ رهندي قومن سان آهي. يعني ڪهڙي دور جا لفظ آهن ۽ ڪهڙي ڌرتيءَ جي هنڌ ۽ خطي سان لاڳاپيل آهن. ميداني علائقن،جابلو علائقن ۽ شهري وسندين ۾ ساڳيا لفظ به الڳ الڳ اچار ۽ آهنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن.هي علائقي سان جڙيل لهجو جهڙوڪ مزاج هجي. مزاج شاعراڻو به ٻين شاعرن کان نامياتي رنگ ڍنگ جي ڪري ڌار ڌار  هوندو آهي. شاعر جي هيءَ انفراديت الڳ طرح جي طرز فڪر ۽ طرز عمل جي سبب آهي. معاملات بابت شاعر جو پنهنجو انداز ڪهڙو آهي، جڏهن شعر ۾ اظهار ڪندو ته انهيءَ جو عڪس تخليق تي پوندو. غزل آهي ته سڄي غزل تي اثر هڪجهرو پوندو.

ائين ناهي ته هڪ شعر جو اسلوب هڪڙو  ۽ ٻئي شعر جو ٻيو ۽ ٽئين جو ٽيون هجي ۽ اسلوب مان مراد پوري تحرير ۽ لکڻي جي لفظيات جي رنگ ۽ ڍنگ سان آهي. نامياتي طور شخصيت جو اسلوب حيات پڻ به مڪمل پڻي جو متقاضي آهي. اهو توازن ۽ آهنگ آهي. اعتدال ۽ امتزاج آهي. نفي ۽ اثبات جو سنگم آهي، جيڪو ڪارڪردگي سان ٻٽُ آهي.
سنگت جي گڏجاڻين ۾ ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ نتيجا ڪڍڻ ۽ خاص طور ٻڌڻ جي دوران معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي صلاحيت ئي ياداشت جو اندراج (Input) ۽ اخراج (Output) آهي.
تخليق ۾ تخيل (Imagery) آهي. تخيل جا پڻ ايترا قسم آهن. جيترا حواس آهن،ساڳي ٻولي، ساڳي ثقافت ۽ ساڳيا موقعا ملڻ جي هوندي به شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر جو اسلوب همعصر شاعرن ۽ اديبن کان الڳ طرح جو آهي. اها انفراديت الڳ طرح جي انداز فڪر ۽ عمل سان مشروط آهي. ڪائنات بابت، سماج بابت،حياتي ۽ مماتيءَ بابت، مختلف معاملات جي باهمي تعلقات ۽ڪارج بابت، ادب، فن ۽ نئين تجربي بابت جيڪي موقعا شيخ اياز کي ٻين وانگر ساڳيا مليا پر انهن کي ڏسڻ جي اثر وٺڻ جي طرز ۾ ٻين کان منفرد آهي.رڳو دعويٰ  ڪرڻ جي حد تائين  نه پر لکڻيون ڏنائين ۽ اهو هن جو ڪردار يعني ڪارڪردگيءَ جي تڪ تور جو بڻ واد آهي. اياز جي اسلوب جا دور آهن. ننڍا ننڍا دور هڪ وڏي دور کي جنم ڏيندا آهن. انهن دورن ۾ شاعر ۽ اديب ارتقا جون منزلون تڏ هو ڪين حالتن ۽ امڪانن ۾ رهندي پنهنجو ويليو ايڊ ڪري ٿو. ويليو ايڊ ڪرڻ ئي پورهيو آهي. پورهيو Craftsmanship  خام مال کي تخليق ۾ بدلائڻ جي ڏات ۽ اسلوب (انداز) آرٽ آهي.
ادب آرٽ ۽ اديب ٽڪنڊائي وحدت ۾ ڏسڻ سان پتو پوي ٿو ته شيون ڳالهيون ۽ معاملات جزئيات ۾ الڳ الڳ هجڻ جي باوجود گڏيل آهن. ڪيفيت شخصي شاعر ۽ ادب جي هجي يا حالت سڄي سماج جي هجي دوئيءَ ۾ تعلق (ڳانڍاپو) هڪ ئي آهي. هي تعلق شاعر جو شاعريءَ ڏانهن، ڪهاڻيڪار جو ڪهاڻي ڏانهن، ناول نويس جو ناول ڏانهن ۽ آرٽسٽ جو آرٽ ڏانهن ڪيترو پڪو پختو ۽ مسلسل آهي ۽ ڪيترو فصلي/مندائتو/ Seasonal آهي. اڃا اڪلائڻ هن ريت به ممڪن آهي ته ڪير تخليقڪار سمنڊ جو هڪ قطرو آهي ۽ ڪير قطري اندر ڪل سمنڊ آهي، هي سڃاڻپ آهي. سڃاڻپ، فقط ۽ فقط خود کي پورهئي ڏانهن سنجيدي رويي سبب مقبوليت ۽ مڃتا ماڻڻ سان ملندي آهي. ڇاپ ڪمائڻ کانپوءِ تخليقڪار ”ناميارو“ سڏارائڻ جو حقدار بڻبوآهي. فيس بوڪ ۽ موبائيل جي ميسج ذريعي  القاب خوشامد ۽ اگهه تي پڻ الاٽ ڪيا وڃن ٿا. ان ڪارڻ، ڪيترائي مقدس ۽ حرمت ڀريا لفظ پنهنجو تقدس وڃائي چڪا آهن. شاعريءَ جي مجموعن جا لکيل مهاڳ اڃا تائين تنقيدي تڪ تور جي تارازيءَ تائين نه پهتا آهن. تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾ وٽ (معيار/Standard) ۽ ٻئي پُڙ ۾ وکر وجهي تور ڪبي آهي. تارازيءَ ۾ ڪاڻ هوندي ته هڪ ڪلو وکر ٻه ڪلو  يا اڌ ڪلو تور شمار ۾ اچي سگهيٿي. تنقيد ۾ وٽ اصول ۽ وکر تخليقي اسم آهن. اصول پنهنجي ست ۽ سُرت ۾ آفاقي نوعيت جا ٿيندا آهن. بين الاقواميت کان مڪانيت ڏانهن سفر ڪندڙ اصول هجن يا مڪانيت کان بين الاقواميت ڏانهن،ٻنهي اصولن ۾ فلسلو (نظريو) انسان جي گڏيل ميراث آهي.
سدائين ساڳيو رهڻ غير ساهدار شين جي خاصيت آهي. تخليقڪار جيئرو جاڳندو انسان آهي. جاڳ جي حالت ۾ ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ڪجهه، جيڪو کيس پتو هجي ته ڇا ڪري رهيو آهي. ڪيئن ڪري رهيو آهي. سو اسلوب آهي، ڳالهائڻ ۾ طرز ڪلام مهذب به ٿئي ته ڇڙواڳ Slang Expression پڻ.لکڻ مهل بازاري لفظن جي چونڊ ڪرڻ بدران جمالياتي، بليغ ۽ فصيح لفظن جي اڻت کي وڻندڙ ۽ برجستي گهڙت ڏبي آهي. لفظ جمالياتي چنڊ جي ٿڌڙي روشنيءَ وانگر ۽ جلالي سج جي تپش وانگر  ٻنهي قسمن وارا موجود آهن. لهجو تکو ۽ ترش آهي يا جهيڻو ۽ ڌيمو آهي، هر شاعر جي پنهنجي سڃاڻپ آهي. بي ساختگي جو اثر فطرت سان هم آهنگ هجڻ ڪري اهو انساني قدرن وارو ۽ دل کي ڇهندو ٿيندو آهي. ان کي نامياتي يا انساني قدرن سان منسوب ڪبو ۽ برعڪس قدر غير انساني ۽ سپاٽ معاشي قدر چئبا، هڪ طرف فطرت آهي ۽ ٻي طرف مارڪيٽ مشهوري معاشي قدرن جي ٽيڪ تي پلئه ضرور پوندي پر شاعري صرف ۽ صرف فطرت سان هم آهنگ اظهار آهي. شهري (Urban) رهڻي ڪهڻي ۾ فطرت سان حواسن کي جوڙي رکڻ قدري مشڪل ٿي پيوآهي. ڍنگ جو ڪو پارڪ ڪونهي، جتي ٻه گهڙيون فرصت سان گهارڻ جو موقعو ملي. تخليقي عمل  Creative Process ۽ ويچار ڌارا Thought Process ۾ رُڌل رهڻ سان ڪڏهن ڪڏهن گهڻو ڪجهه ڪرڻ به ”ڪين“ آهي ۽ ڪڏهن وري ”ڪجهه نه ڪرڻ، به ”ڪجهه ڪرڻ، آهي. ”ڪين کي ڪين ڪرڻ سان ڪجهه پلئه پوندو آهي.“
(عوامي آواز سنڊي ميگ ۾ شايع ٿيل)

salaarnaseer@gmail.com