Monday 28 March 2022

 

نصير سومري وٽ سائنس، فلسفو ۽ تخليق گڏجندا آهن

رکيل مورائي

مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ انجنيئر ۽ هنڱورجا جي مذهبي عالم الهه بخش سومري جو شاعر پٽ نصير سومرو هڪ طرف اڌ درجن ڪتابن جو ليکڪ آهي، جن ڪتابن ۾ ڪجهه نثر جا ڪتاب به آهن ته ڪجهه نظم  جا ڪتاب به آهن، پر سڀ کان اول ۽ آخر نصير اسانجو دوست آهي، سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري ته آهي ئي پر سندس نثر به اهڙو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ادبي طور نثر توڻي نظم جو هڪ جهڙو مزو هوندو آهي سنجيده پڙهندڙ لاءِ سندس هر نثري توڻي نظماڻي لکڻيءَ ۾ هڪ فلسفي، هڪ سائنسدان ۽ هڪ شاعر سان گڏ هڪ ويچارڪ هر وقت موجود رهندو آهي. اهڙو مشاهدو اسان ڪيترائي ڀيرا ماڻي چڪا آهيون.

ٻئي طرف نصير سومري کي پڙهڻ جو پنهنجو مزو آهي ڇاڪاڻ ته سندس لکڻ لڪير کي ڪٽڻ نه آهي، هن جو لکڻ ادب جي انهن قدرن وارو لکڻ آهي جن قدرن کي عالمي ادبي قدر ڪوٺي سگهجي ٿو. هونئن هر ليکڪ پنهنجي هڪ نجي/شخصي سڃاڻپ سان گڏ هڪ مقامي سڃاڻپ به رکندو آهي، اهو پهرين ان ٻوليءَ جو ليکڪ هوندو آهي، جنهن ٻوليءَ ۾ سندس پهريون لکڻ هوندو آهي، ان ڌرتي جو هوندو آهي، جيڪا سندس جنم ڀومي هوندي آهي. ان جي تهذيب، ثقافت، تاريخ، ريتون رسمون ان جي  لکڻ مان ظاهر ٿينديون آهن ايئن انهن مڙني ڌرتين ۽ ٻولين جي دائري ۾ لکيو ويندڙ ادب اڳتي هلي عالمي ادب بڻبو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سموري لکڻ جا قدر جڏهن مڪانيت رکندي به هڪ جهڙو اظهاريندا آهن ته اهو گڏيل ادب هوندو آهي جيڪو انساني قدرن کي الڳ الڳ حوالن ۾ جوڙيندڙ هوندو آهي ۽ اهائي ان ذات جي گڏيل ميراث آهي.

اها ته پڪ آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به رهندڙ ڪوبه لکندڙ يا هڪ وڌيڪ لکندڙ هڪ جهڙو سوچي سگهندا آهن، ڇاڪاڻ ته انساني ڏک توڻي سک مسئلا توڻي مونجهارا، محبتون توڻي نفرتون ويڙهيون توڻي مصلحتون سڀني انسانن جون هڪ جهڙيون هونديون آهن،  اهي اظهار الڳ الڳ ماڻينديون آهن. ڇو ته اهي اظهار ئي اڳتي هلي اسلوب جو درجو حاصل ڪندا آهن ۽ ڪنهن به ليکڪ کي هڪ نجو مرتبو ڏياريندا آهن،  جيئن انسانن جا رنگ نسل، ٻوليون، مذهب ۽ وطن ته الڳ هوندا آهن پر کين لڳل گهاءَ مان ٽمندڙ رت جو رنگ مڙني جو ساڳيو ڳاڙهو هوندو آهي بلڪل ايئن ليکڪن جي ٻولي ڀلي ڪهڙي به هجي پر سندن الميا حاصلاتون ۽ حادثا هڪجهڙائي هوندا آهن جن سڀني معاملن کان نصير سومرو واقف آهي. هڪ سائنس جي شاگرد طور به هڪ محسوس ڪندڙ ليکڪ طور به!

ان ڪري نصير سومري جي لکڻ ۾ ڪڏهن به هڪجهڙائي نه هوندي آهي، جڏهن به سندس لکڻي پڙهبي آهي ته اها پنهنجو ساءُ توڻي ساڃاهه کڻي ايندي آهي، ساڳي وقت پنهنجو ويچار توڻي آواز کڻي ايندي آهي، هڪ اهڙو ويچار ۽ اسلوب پنهنجي نجي ملڪيت آهي اهو اسلوب جيڪو سندس همعصرن کان ڪوهين ڏور آهي ممڪن آهي ته اهڙو اسلوب سندس گهڻي مطالعي ڪري هجي ان ڪري مونکي آهي ته هو سنڌ جو اڪثر نوجوان لکندڙ وانگر عطائي ليکڪ بنهه نه آهي پر اهو طئي آهي ته ڪو به ليکڪ جيستائين پنهنجو نجپڻو لکڻ ۾ پيدا نٿو ڪري تيستائين هو ڪو ٽيبل ليکڪ نٿو ٿي سگهي نصير سومرو ان معاملي ۾ خوشحال آهي ڇو ته هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي سگهندو آهي ۽ اها تخليقي انداز واري انگريزي!.

نصير جڏهن به لکيو آهي ته اهو سندس پڙهندڙ لاءِ ڏکيو پل محسوس ڪيو ويندو هجي پر اهو نجو سندس آهي ۽ هر نجو تجربو ڏکيو هوندو آهي. سولو فقط اهو هوندو آهي جڪو سمورو هڪجهڙو لکيو ويندو آهي، ان ڪري نصير کي جنهن به سنجيده پڙهندڙ پڙهيو آهي ان سندس لکڻ مان نه رڳو ماڻيو آهي پر سندس تعريف به ڪئي آهي پر تعريف به آهي جيڪا ناچن جو ڳائڻ ٻڌي جهمير هڻڻ واري هجي!

مونکي گمان ٿيندو آهي ته ”توڻي جو ڳالهه اڳ ورجايل آهي پر ڪرڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته اها فيض احمد فيض صاحب جهڙي شاعر جي لکڻ ۽ چوڻ مان ظاهر ٿيل آهي ته ”ن م راشد شاعرن جو شاعر آهي؟“ ۽ ٻڌندڙ ڀرم ڪلاسيقي موسيقيءَ جو پاليندو هجي

اسانجي نسل ۾ مونکي گمان آهي ته نصير سومرو“ ليکڪن جو ليکڪ“ آهي.

ان ڪري کيس پڙهندڙ جي جلسي کان وڌيڪ لکندڙن جي ننڍي ويهڪ وڌيڪ موهندي آهي، جنهن ۾ ادب ۽ شعر تي ڳالهايو ويندو آهي،ڪجهه ڳالهايو ويندو آهي، ڪجهه نئون ڳالهايو ويندو آهي، ڪجهه نئون لکيو ويندو آهي،  ڪجهه نئون پڙهيو ويندو ۽ ڪجهه نئون ٻڌو ويندو آهي ان سڀ کي ماڻڻ لاءِ هڪ توفيق گهرجي جيڪا رب هر ڪنهن کي عطا نه ڪندو آهي. اها ڪنهن ڪنهن جي ڀاڳ  ايندي آهي نصير ۾ اها ڪمال جي حد تائين موجود آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، کيس اڻ ڳڻيون جنم ڏينهن جو مبارڪون.