Saturday 16 January 2021

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان پهرئين ملاقات

 

يادگيريون

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان پهرئين ملاقات

نصير سومرو

نوي واري ڏهاڪي جا شروعاتي سال هئا، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان نشر ٿيندڙ سنڌي پروگرام شوق سان ٻڌندو هوم. توري تڪي ڳالهايل آواز جڏهن سنگيت جي لهرن تي رقص ڪندي نشر ٿئي ٿو ته طلسماتي اثر سبب ٻڌندڙ کي موهي وجھي ٿو. سنڌي پروگرام گھڻو تڻو شام جو نشر ٿيندا هئا، ڀل ڇونه خطن پڙهڻ جو ئي پروگرام هجي، اهو به وڏي شوق سان ٻڌبو هو. ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي منهنجو همنام ”نصير احمد سومرو“ پروڊيوسر هو، ساڳئي وقت نور الله ٻگھيو، محمد علي پٺاڻ، خليل چنه ۽ ٻين پروڊيوسرن سان شناسائي ٿي. غلام محمد ٻگھئي، نواز سومري ۽ ڪمال ڄامڙي کي ريڊيو کان علاوه ادبي پروگرامن ۾ به ڪمپيئرنگ ڪندي ٻڌو ۽ ساڻن سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ ٻين موقعن تي روبرو ملاقات به ٿي.

غلام محمد ٻگھئي کي خط لکيو هو، شايد اهو خط به نشر ٿيوهو. ريڊيو اسٽيشن واقع بندر روڊ ويم ۽ پهريون ڀيرو رڪارڊنگ اسٽوڊيوز ڏٺا ته دل ۾ اها آس آرس ڀڃڻ شروع ڪيا ته جيڪر مان به ريڊيو تي اچان. اسان جو فيملي فرينڊ شڪيل فاروقي هو، ڪڏهن ڪراچي ڪڏهن اسلام آباد ريڊريو سان واڳليل آفيسر هو، جنهن سان جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿئي ته سنڌي پروگرامن جي پروڊيوسرن جو تذڪرو به ضرور ٿئي. هو اسي جي ڏهاڪي دوران اسلام آباد ريڊيو تي هندڪو پروگرام ڪندو هو. ڪراچي ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر به ٿيو ۽ اڄڪلهه رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو پر روزنامه ايڪپريس ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهي ٿو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان پهرئين ملاقات ۽ ويجھڙائي، هفتيوار ادبي پروگرام ”رسالو“ ۾ مهمان شاعر جي حيثيت سان ٿي. هُو ”رسالو“ جو ميزبان هو. هن جي هوندي ڊاڪٽر ذولفقارسيال، احمد خان مدهوش، آزاد جتوئي ۽ ٻين ڪيترن مهمانن سان گڏيل ميزباني ۾ ڪچهريون به ڪيون. اسان جي پياري دوست طارق عزيز شيخ سان ملاقات به ريڊيو تي ٿي ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي طرفان پاڪستان جي صوفي شاعرن بابت لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب توڻي ٻين علمي سرگرمين ۾ ڊاڪٽر ڪمال ۽ طارق عزيز شيخ جون گڏيل خدمتون به رهيون. هن کي علم ۽ ادب سان گهرو لڳاءُ هو ۽ لکيل اسڪرپٽ کانسواءِ به ڀلو ڳالهائي سگھندو هو. ”رسالو“ جو ميزبان راز شر به رهيو، اهو پروگرام تڏهن لائيوِ نشر ٿيندو هو. هن وقت ريڊيو رڪارڊنگ ۽ براڊ ڪاسٽننگ سوڪ سينٽر ڀرسان واقع بلڊنگ مان ٿئي ٿي.