ڪراچي (رپورٽ: نصير سومرو) ”جماليات جي مڃيل ۽ گڏيل وصف اڃا تائين بيان نه ٿي سگهي آهي. مغرب ۾ جماليات جي اڀياس لاءِ الڳ سان ادارا قائم ڪيا ويا آهن.“ اُهي ڳالهيون ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ جماليات تي ليڪچر ڏيندي ڪيون. ليڪچر جو انعقاد سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ طرفان ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان ڪيو ويو. ڊاڪٽر شير مهراڻي جو پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي چيو ته جماليات جا ڪيترائي قسم آهن. فطرتي جماليات فني يا شعري جماليات، نقل ڪيل غير نامياتي جماليات، جنسي ۽ نفسياتي جماليات وغيره مشهور قسم آهن. انهن قسمن جي جماليات ۾ هڪ طرف ڪلاسيڪي جماليات آهي ته جنهن ۾ قديم يونان جي فيلسوفن مان سقراط جو اهو چوڻ هو ته ”جماليات نيڪي آهي.“ سقراط جي شاگردن مان افلاطون جماليات جي داخلي ۽ روحاني پهلوئن کي اجاگر ڪيو. هن سان سندس شاگرد ۽ سڪندر اعظم جي عظيم استاد ارسطو اختلاف ڪيو ۽ جماليات جي خارجي پهلوئن جي داخليت تي فوقيت ڏني. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪمپيوٽر سلائيڊ جي مدد سان ليڪچر ڏيندي مغربي فيلسوفن جي نظرين جا حوالا ڏنا. سقراط جي قول جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب چيو ته نيڪي جي ڏات بابت سمجهيو پئي ويو آهي ته اها ديوتائن يا مافوق الفطرت قوت طرفان پئدائشي مليل هوندي آهي، ڪانٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته جماليات سان مُدرڪ جي طرز فڪر ۾ لطافت ۽ هم آهنگي جنم وٺندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر شير چيو ته لطيف فنن ۾ جڏهن تخليقڪار ۽ سامعين يا قارئين ساڳئي سطح تي پهچي وڃن ته اُهو پورڻتا يا مڪملتا جو تجربو آهي. صارتي ڪلمقات ۾ رئوف نظامڻيءَ چيو ته جماليات جو موضوع نهايت ڳوڙهو ۽ ڳتيل آهي ۽ منهنجي جهڙوڪ سکڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر مهراڻي جو اُهو چوڻ بنهه درست آهي ته هر شي پنهنجي رد يا ضد سان سڃاتي ويندي آهي. ۽ جماليات لاءِ انگريزي ۾ استعمال يندڙ لفظ ايسٿٽڪس جو ضد ”اينسٿيشيا“ يعني بي حسي يا بيهوشي آهي. ليڪچر پروگرام جي سهولتڪار اڪبر لغاري چيو ته ادب ۽ فن سگهارين روايت سان زنده رهندو آهي ۽ هي ليڪچر اهڙين روايتن جي هڪ ڪڙي آهي ۽ آئينده جون جي مهيني ۾ ليڪچر منعقد ڪبو. تاج بلوچ چيو ته جماليات جو احساس انسان جي اندر مان وجدان جي سبب جنم وٺندو آهي جيڪو انساني تجربو چئبو نه ڪي الهام. غوث پيرزادي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، نصير سومرو، منصور قادر جوڻيجي ۽ ٻين ليڪچر ڏيندڙ ڊاڪٽر شير کان جماليات بابت سوال پڇيا. سنڌي ادبي سنگت جي سڪريٽري باري منگي آجياڻي جا ٻه اکر ڳالهائيندي سامعين جا ٿورا مڃيا. ليڪچر ۾ عورتن جو خاص ڳاڻاٽو ڏسڻ ۾ آيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، خادم حسين، پروفيسر اعجاز قريشي، رحمت پيرزادو، ابراهيم صالح، ڌڻي بخش اوڍو، غني ميمڻ، مختيار ابڙو، قدير، واحد، نورمحمد شيخ، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، ممتاز مهر، رکيل مورائي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
Tuesday, 1 December 2015
Sunday, 26 April 2015
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي تنقيدي ويهڪ سنڌ جي نامياي شاعر ۽ نقاد نصير
سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري
ڪراچي(ڪلچر رپوٽ) سنڌي
ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي تنقيدي ويهڪ سنڌ جي نامياي شاعر ۽
نقاد نصير سومري جي صدارت
هيٺ ٿي گذري. هن ويهڪ ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار مقبول سنديلي پنهنجي ڪهاڻي “ڳوٺ جي عزت”
پيش ڪئي. تنقيدي راءِ ڏيندي
نصير سومري چيو ته ڪهاڻي سادي اسلوب م لکيل آهي، جديد ڪهاڻي جي بجاءِ رپورتاز
محسوس ٿئي ٿي. ڪردارن جي وچ ۾ اها ڇڪتاڻ ۽ ولوڙ جي اپٽار نظر نٿي اچي، جا تبديلي
جو برعڪس روپ اختيار ڪرڻ جوباعث بڻجي.
مهڙ ۾ وڏيري جي اوطاق جو ذڪر ڪري ڪهاڻي جو سسپينس تي منڌيئڙ ڦيريو ويو آهي. البت
مقبول سنديلي ۾ تخليقي صلاحيت موجود آهي. تاج بلوچ چيو ته بياني يا نيراشن واري
انداز کان سنڌي ڪهاڻي گھڻو اڳتي طرف اوسر ڪري چڪي آهي. مقبول جي ڪهاڻي، ڪهاڻي گھٽ
داستان وڌيڪ لڳي. سنڌي ٻولي ۾لکيل مختصر
ڪهاڻيون جيڪڏهن انگريزي ۾ ترجمو ٿين ته
اهي عالمي معيار جي شارٽ فڪشن کان ڪنهن به طرح گھٽ ڪونهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته
ڪهاڻي، ڪهاني جي فني ٻولي ۾ لکيل ڪانهي. ڪهاڻي جي وارتا جي جهڙي طرح اپٽار ڪئي وئي
آهي تنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته مقبول ڪڏهن اوطاقن ۾ جرڳائي فيصلن جو اکين ڏٺو
مشاهدو نه ڪيو آهي جڏهن ته ڪهاڻي سان انصاف اهو تخليقڪار ڪري سگھي ٿو جنهن جو
مشاهدو پڪو ۽ پختو هجي. گڏجاڻي ۾ واحد سومري ڪهاڻي ، مصطفيٰ انڙ نظم، ۽ حامد گبول
چوسٽو تنقيد لاءِ پيش ڪيو.
Wednesday, 15 April 2015
جماليات تي ليڪچر_ نيوز رپورٽ
KSE 100 |
جماليات جي متفقه مڃيل وصف اڃا بيان نه ٿي سگهي آهي: ڊاڪٽر شير مهراڻي Featured
Sunday, 12 April 2015
Saturday, 11 April 2015
Sunday, 5 April 2015
پروس پکي اوپرو
پروس
پکي اوپرو
نصير سومرو
پکي اڏامڻ جو استعارو آهي. هڪڙا پکي آکيري ۾
بسيرو ڪندا، ۽ ٻيا سفر ڪندا آهن. پکي، پکي آهن، مرغ پکي لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح
آهي ۽ کائڻ ۾اهو لذيذ ٿئي ٿو. گهڻي ڀاڱي مرغ يا مرغي ڪڪڙ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جڏهن ته ڪهڙي به
پکي کي مرغ چئبو آهي. شتر مرغ(اٺ پکي اڏامندو نه آهي. حياتيات جي شعبي ۾ انسان،
جانور، پکي ۽ جيت جڻا ۽ آبي جيوت جو وسيع جهان اچي وڃي ٿو. آبهوا جي موافقت ۾ ئي
پکي ۽ جانور پنهنجو وجود بچائي سگهندا آهن. هي جياپو آهي جياپي خاطر پکي سياري جي مند ۾
سائبيريا، منگوليا، يورپ ۽ ڄمون ڪشمير مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ ايندا آهن. ناهموار
حالتن ۾ جيئن پکي سنڌو ماٿري جي ميدانن ۽ آبي ذخيرن ۾ اچي بسيرو ڪندا آهن، تيئن
اترين ۽ اولهندي جي پري پري علائقن مان پناهگير، مسافر، ڀڳوڙا صدين کان هت ايندا
رهيا آهن، ماڻهن ۽ پکين ۾ لڏپلاڻ جي جبلت جو قدر هڪجهڙو آهي.
پکي ڀلوڙ سر ۾ ڳائڻ جو استعارو به آهي. بلبل
(ڀوري) ۽ ڪوئل جو آواز سريلو آهي. هنن پکين جي خاصيتن موجب انيڪ چوڻيون، پهاڪا ۽
ورجيسون مشهور آهن، اٺ پکي، اٺ وانگر ڳرو بار نه کڻندو آهي ۽ نه پکي وانگر آزاد
هوا ۾ اڏامندو آهي. آهي مرغ- آفريڪا ۾ سياح شتر مرغ تي سواري ڪندا آهن. ۽ ممڪن آهي
ته اتان جا رهاڪو کانئس سواري جو پورهيو به وٺندا هجن. شتر مرغ به ڪڪڙ جيان آنا
ڏيندو آهي، ڪمي جي آنن وانگر اهي کاڌي ۾ استعمال ٿيندا آهن. آنا ڏيندڙ سڀئي پکي
ڪونهن. واڳون خونخوار جانور آهي، جيڪو.
خشڪي تي به رهي ۽ پاڻي ۾ به رهي، آنا ڏيندو آهي.. اٺ کي چار ڄنگهون ۽ شتر مرغ کي
ٻه ڄگهون هونديون آهن. اٺ ۽ گهوڙي وانگر شتر مرغ جي سواري ڪارگر ڪانهي. شتر مرغ جو
گوشت ۽ چمڙو مهانگو آهي. جانور هجي يا پکي زولاجي شعبي ۾ طرحين طرحين قسمن جي جيوت
جو پنهنجو گروھ آهي. جانورن جا ڌڻ ۽ پکين جا ولر، لڳ جي نبست ۾ هڪٻئي سان ويجهڙائپ يا ڇڊائپ رکندا
آهن.
ڀٽائيءَ هنج کي ڳايو آهي. مور کي ساراهيو آهي،
ڪانگ کان قاصد جو ڪم ورتو اٿائين هنج ته ديو مالائي پکي آهي، جيڪو سونهن ۽ اوچي
اڏام جي علامت آهي، انگريزي نظم جون سٽون آهن.
The Himalayan legend says
There are beautiful white birds
That lives completely in flight
They are born in the air
پکين جو شڪار گوشت خاطر ۽ پڃرن ۽ زولاجيڪل گارڊن
۾ تحقيقي ۽ وندر لاءِ واڙي رکڻ ثقافت ۾ شامل ٿي ويو آهي. تتر، بٽير، تلور، بلبل
مور وغيره پالتو پکي آهن. ڪوئل ۽ طوطي جهڙا پکي سريلا (Song birds) آهن ڪڪڙ، تتر ۽ ٻيا پکي ويڙهائي وندر جا
وسيلا پيدا ڪيا ويندا آهن. پکي جو سماجي ڪارج آهي.
کاڻ اندر معدنيات جو پتو ٻاهر بيهي ليب، ۽ مشينري سان
لڳائبو آهي. کوٽائي ۽ وڌيڪ طريقڪار مان معدنيات گذارڻ ۽ گھربلڌات، تيل، ۽ گيس ٺيٺ
حالت ۾حاصل ڪرڻ جي مڪمل صنعت آهي.انسان جو سينو به و0ي کاڻ آهي، جنهن ۾ دوئي جا سڀ
اولڙا انيڪ اولڙن ۾ بدلبا رهندا آهن.. آتم ڪٿا، ڊائري ۽ ٻين ادبي گهاڙيٽن جا تجربا
ڪرڻ ۾ سار جو وڏو دخل آهي. اندر مان تحريڪ جنم وٺي ته اهو گهاڙيٽو پاڻ کنيو ايندو
آهي. اهو اسم اڪلائڻ ۽ دير نه لڳندي. تحرڪ يا تحريڪ Impulse جو تسلسل آهي. هي تسلسل مشق جاري رکڻ سان
فني پختگيءَ جو سبب آهي.
مند جو ڦيرو پنهنجا اثر سار جي شڪل ۾ ڇڏي ويندو
آهي. وقت گذّرڻ سان گڏ گڏ يادگيري وجدان جو روپ ڌاريندي وڻڻ لڳندي آهي، ايتريقدر
جو تلخ تجربي جي يادگيري به پنهنجي ذات سان نسبت رکڻ ڪري وڻندي آهي پت جهڙ ۾ ڇا ته
وڻڪار جو وايو منڊل آهي. وڻن مان ڇڻيل پن ڳارها، پيلا ايراني قالين وانگر زمين تي
وڇايل هوندا آهن ڇڻيل پنن جو رنگ آهستي آهستي مٽجڻ لڳندو آهي. واءُ جي جهوٽي تي
سڪل پنن ۾ مڌر موسيقي جي سُرن وانگر کڙڪو ٻڌڻ ڪاڻ به بيهڻو پوندو آهي. کڙڪي سان گڏ
پکين جون لاتيون به شامل ٿي وڃن ته موھ ۾
ويتر اضافو ٿيو پئي. ابهم ٻارن وانگر ساروڻيون وڻن هيٺيان ڇڻيل رنگ برنگي پنن سان کيڏي رهيون آهن ڪپر
ساروڻيون سار جو جمع صيغو آهي. سانگي پکي ولر جي شڪل ۾ سفر ڪندا آهن کين جياپي جي
آس وحداني قوت جا سهاري موافق مند ۽ ماحول ۾ وٺي ايندي آهي. هزارين پرڏيهي پکي
سياري ۾ سنڌ اچي لهندا آهن. هي به سار جا سانگي پکي ڀاسندا آهن شعر به سانگي پکي
آهن جئريون آتم ڪهاڻيون، ڪهاڻيون وغيره ڪل تخيل جو عڪس سار جو اٿلڻ آهي.
پت جهڙ گذري وئي، پوھ موڪلايو يک ٿڌين هوائن
اعتدال اختيار ڪيو. ٺوڙهن وڻن ۾ پن ڦٽڻ شروع ٿيا، گونچ ۾ گل ڌيري ڌيري ڦوٽهڙي ۾ ڪنوار جي سينگار جو ڏيک ڏيڻ لڳا. هي
مند جو ڦيرو آهي. حالتون ڦريون، انساني ڪيفيتون ڦريون زندگي ۽ موت پڻ ٻه حالتون…. ٻه ڪيفيتون، جانورن ڏينهن جي پڄاڻي کان پوءِ
رات کي موت سمجهندا هوندا، ڪهڙي خبر ته اهي ڏينهن رات جي ڦيري ۾ ڇا سوچيندا هوندا مند جو اثر ضرور مٿن پوندو هوندو، پر
آئيندي جي فڪر کان آجا آهن ته مرڻ کانپوءِ ڇا هڪ نئين حياتي اوسيئڙي ۾ آهي يا سڪل
پن واءُ ۾ وکري ويا ته وسري ويا انسان تخليق جي مدد سان رات جو پڻ ڏينهن وارو
معمول جاري رکڻ ۽ چوويهه ڪلاڪ ڪارخانن جي چمنين مان دونهون خارج ڪري پورهيو
پيداوار ۾ بدلائي رهيو آهي. نفسياتي مونجهارا، ايترا ئي وڌندا ۽ ٻيڻا ٽيڻا ٿي رهيا
آهن، جيترا ترقي جا امڪان نت نوان جنم وٺندا رهن پيا جانورن آهن، مونجهارن کان
بچيل آهن. موجهارا پڙهيل لکيل ماڻهو اشتهارن وانگر منتقل ڪندا آهن. ڪن ڏاهن جو
ايتريقدر چوڻ آهي ته پڙهيل لکيل ماڻهو برابر انسانذات کي فائدو پهچايو آهي. پر ان
فائدي کان وڌيڪ هاڃو رسايو آهي. ڄاڻ يا علم گهڻن جي آڏو نقصانڪار ۽ گهڻن جي اڳيان
فائديمند آهي. هو ڪير آهي هٿ ۾ عصا اٿس. مٿو اگهاڙو ۽ چمڪندڙ چهرو. اڇي ڏاڙهي
قداور مڙس جبو پهريل ڪجهه چئي رهيو آهي…………
Ignorance is bliss
”اڻڄائيءَ ۾ آنند آهي“
گيڙو رتل گودڙيءَ واري هن ساڌوءَ جي آڏو هڪ
نوجوان اچي ٿو. هن ڪلين شيو،
پينٽ شرٽ پهريل، هٿ ۾ ڪارو بيگ اٿس، بيگ ۾ قلم، پنا، موبائيل ۽ ليپ ٽاپ رکيل آهن.
نهايت ادب ۽ احترام چويس ٿو.
I beg to differ
”توهان جو چيو مونکي ان سان اختلاف آهي“
ڄاڻ ۾ آنند آهي ڄاڻ مڪملتا جي متقاضي آهي، اڌوري
ڄاڻ، ڄاڻ ڪانهي.
هڪ ٽيون همراھ اچي ٿو، اڌيڙ عمر جو نقاد آهي……. هي ٻنهي کي چئي رهيو آهي.
Ignorance is bliss
I think knowledge can be bliss
As well, and both can be harmful
توهان ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو پر
اڻڄاڻائي هجي يا ڄاڻ، ٻئي هاڃيڪار آهن.
ساڌو ۽ نوجوان ٻئي ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا. ٻنهي
وچان وهي وڇوٽي ختم ٿي وئي هاڻ هنن جو مخالف ٽيون شخص آهي ٻئي هن کان پڇن ٿا ته
جيڪڏهن ڄاڻ ۽ اڻڄاڻي پئي هاڃيڪار آهن ته فائديمند شي ڪهڙي آهي؟
Kindness is bliss
”ٻاجهه ۾ آنند آهي
ٻاجهارا بڻجو
اگهن تي ٻاجهه ڪيو
ته سگهارا توهان تي ٻاجھه ڪن“
پکي اڏامڻ ۾ معراج ماڻي ٿو. هن کي اڏامڻو آهي
اڏامڻ جي دوران پکين جو انسان شڪار ڪندو آهي پکي ان جي باوجود اڏامڻ ڇڏي نه ڏيندو
آهي. سياري جا پرڏيهي پکي شڪار ٿي وڃڻ جي خطري باوجود به هجرت ڪندا آهن. هجرت
موسمي هلچل آهي. هلچل انتهائي مجبوري ۾ گڏيل شڪل اختيار ڪندي آهي. ماڻهو به هجرت
ڪري ٿو زمين تي رهندي هڪ ديس مان ٻي ديس اچي وڃي ٿو. طاقت جي زور تي ڏاڍو هيڻي کي
ٻانهون بڻائي مٿس راڄ ڪري ٿو. زندگي مان موت جو لقاءُ به هجرت آهي. اڻ ڏٺل ڏيهه
ڏانهن سفر…
A few species stay where they rested
سڀ پکي ساڳي طرح هڪ هنڌ نه رهندا آهن جتي بچا ڪن
سياري ۾ اڏامي اهڙن هنڌن تي اچي بسيرو ڪندا آهن، جتي کين مند جي سختي کان بچاءُ
ٿئي. لڏپلاڻ، ”ٻڏندڙ“ ٻوڙن ۾ ڪي هاتڪ هٿ وجهن” بي مصداق جياپي جي جستجو آهي.
A better chance of survival رڳو پکي ڇو ماڻهو لڏي پاڻ بچائيندا رهيا آهن
ايران ۾ جڏهن بابي تحريڪ جي مڃيندڙن مان قرت العين طاهرا کي”موت جي سزا ڏني وئي ته
لکين ايراني سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪراچي ۾ پارسي حب الوطني جي جذبي تحت شهر کي ترقي
وٺرائڻ ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. شادي وهانءُ پنهنجي جاتيءَ
مان ڪرڻ جي پابنديءَ جي سبب هنن جي آبادي گهٽجي رهي آهي.
جيوت (Species)مان ڪن ساهوارن جو نسل معدوم ٿي ويو. ڊائناسور بابت خيال آهي ته
هنن جي جياپي کي خطرو لاحق ٿيو ته پکين جي شڪل اختيار ڪري ورتائون.
اسان وٽ استعاري طور مک پکي طوطو آهي طوطي کي
مٺو به چئبو آهي. ميان مٺو مان مراد ٻولڙو آهي. ڪبوتر پاليو ويندو آهي. ڪبوتر جي
اڏام جي شرط لڳندي آهي. تتر، ۽ بٽير، ڪڪڙ جي ميل ٿيندي آهي. ”مرغ“ پکي لاءِ ڪتب
ايندڙ اصطلاح ڪڪڙ لاءِ مخصوص ٿي ويو آهي ڪڪڙيون اڏامن نٿيون. توڙي اهي پکين ۾ شمار
ٿينديون آهن. هنن ۾ ولر ڪري رهڻ جو لاڙو اڏامندڙ پکين وانگر آهي.
بڙ، نم ۽ پپر جا گهاٽا وڻ پکين جون پناھ گاهون
آهن. ڪراچي وانگر وڻ جي واڍي ڳوٺن ۾ به ٿي رهي آهي، ڀٽائي سچل ۽ قلندر جي ميلن ۾ ياتري وڻ جي ڇانوَ
لاءِ سڪندا آهن.
شاعرن فطرت کي ڳايو، فطرت جي حسناڪيءَ سان پاڻ
جوڙي رکيو ۽ انهن جي مزارن تي لڳندڙ ميلن ملاکڙن جي دوران وڻن کان محروم رکڻ
افسوسناڪ آهي وڻ هوندا ته پکين جا نامياتي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، ۽ ڪَنَ رَسَ ڏيندا. غير نامياتي آواز ڦاٽل دهل وانگر جماليات کان عاري ڪڏهن رڪشي ته ڪڏهين ٽريڪٽر جي دونهين
گاڏڙ آلودگيءَ ۾ اضافو ڪندڙ آهن.
پکي داڻي جي قلت سبب هڪ هنڌان ٻي هنڌ لڏپلاڻ ڪن
ٿا. اها به اهڙي هنڌ جتي کين رڳو داڻو پاڻي ئي نه ملي پر آبهوا پڻ موافق هجي. اچرج
جي ڳالهه اها ته مند هموار ۽ کاڌ خوارڪ جي دستيابيءَ باوجود پکي اتان لڏپلاڻ ڪري
واپس پنهنجن ماڳن مڪانن ڏانهن ورندا آهن. ڇو؟ جواب ڏيڻ مشڪل آهي…
ڪن ڏاهن جو خيال آهي ته آنن ڏيڻ واري هنڌ يعني
زمين تي وڌيڪ رهندا ته سانگي پکي مري ويندا. ان ڪري خطرو اکين سان ڏسندي به کين اڏامڻو آهي ۽ اهو به ولر
جي شڪل ۾
Migration usually demands
Lots of energy and can be dangerous,
But for, many birds the benefits
Outweigh the costs, because if they
Stay on the breeding grounds,
They would almost certainly die.
پڃري جو پکي اڏامڻ کان لاچار آهي پڃري جو در
کليو به ته ڇا! نه کليو به ته ڇا، هاڻ هن کان اڏرڻ نه پڄندو. سَنَڌَ هڪ هنڌ رهي
رهي سُڪي ويا اٿس. جيتوڻيڪ داڻو پاڻي وقت سر ملندو اٿس. ڪڏهن ڪڏهن هن جو پاليندڙ
باغ ۾ پڃري کان ٻاهر گاھ ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. پيرن سان هلندو آهي ماڪ ڀنل گاھ مان لطف
وٺندو آهي. هن تي پاليندڙ نظر رکندو آهي، جو. باغ ۾ گوشت خور جانور به آهن،. ڪٿي
تتر کي چيري ڦاڙي ذريون ذريون نه ڪري ڇڏين..
هري مري وڃن ته، مرغي جي دڪان ٻاهران ڪتا ۽
ٻليون گڏ ڪٺا نظر ايندا. چڙيا گهر ۾ چيتو ۽ هرڻ گڏ هڪڙي هنڌ بيٺل آهن. ڪتي کي هڏي
ملي ٿي ته ٻليءَ کي ڇو کائي، چيتي کي گوشت جام ٿو ملي، هرڻ کي ڇا لاءِ ماري. هيءَ
فطرت ۾ تبديلي گهڻن سوالن جا جواب لهڻ جي دعوت ڏيندڙ آهي ته جيڪڏهن انسان، انسان جو گوشت به نٿو کائي ته ماريس ڇو ٿو؟ بک
جو معاملو ڪونهي، ورڇ ۾ ناانصافي جو معاملو آهي. حرص آهي. بدلي جي باھ جو ڀڙڪو
آهي. تتر، طوطي، بٽير، بلبل، ڪبوتر ۽ ٻين پالتو پکيئڙن کي پنهنجو بچاءُ ته ڪرڻ اچي
ٿو، پر اُهي شڪاري پکين وانگر ۽ سو به پڃري ۾ ڊگهو عرصو رهندي هري وڃڻ کانپوءِ
حملو ڪري نٿا سگهن. سماج اندر قانون جي تحت زندگي گذاريندڙ شهرين کي طرح طرح جو
اذيتون سهڻيو پون ٿيون. ليکڪ پڻ اهڙين حالتن مان لنگهي رهيو آهي.
اڳرائي ۽ مزاحمتي فطرت جي جڙڻ ۽ ٽٽڻ ۾ مدت لڳي
ٿي. يڪا يڪ ڪا تبديلي نٿي اچي. ڦيرو اچي به ته اهو جٽادار نه رهندو وايو منڊل ئي
اهڙو آهي، پنهنجي مرضي هجي تڏهن به تبديلي اچڻي آهي ۽ هٿ هٿ تي ڏئي ويهر رهجي تڏهن
به ڦيرو اچڻو آهي. بنا ارادي گهارڻ کان اردي واري حياتي چڱي آهي.
آزاديءَ ۽ غلامي جي ٻنهي طرحن جي انسان امرتا جو
آرزومند آهي. امرت رس ڪٿان اچي، جو پيئڻ سان انسان امر ٿي وڃي. آئيندي جو ڀو ڀلائي
ٿو. لوڀ ۽ لالچ ۽ ڦاسائي ٿو ڀئو ۽ الڪا ساري ڄمار پيڇو ڪندا رهن ٿا. انهن مان جند
ڇڏائڻ ۽ اڳواٽ بندوبست ڪرڻ
خاطر لالچ ۾پيو ته پوءِ نڪرڻ ڏکيو آهي. ”حرص هزارين هٿ“ جي مصداق ايتري ڊگهي حياتي
ڪانهي، جيتري ميڙ ميڙان جي طلب بيچين ڪندي رهي ٿي. منشي ابراهيم جو تخيل آهي:
نيئن ڪاڪ اڏبي، نوا ايندا راڻا
مان هوندس نه هوندس سو پاڻ نه ڄاڻان
ماڻهو… ويچارو… ڄاڻ هوندي اڻڄاڻو… اُئيندي جي ڀو ۾ ڀليل ۽ ڀٽيڪل قسمين قسمين آشائن جا ديپ
جلائي ٿو. هن روشني مان دڳ مان پئي مٽي اندر ڪهڙو ديپ ٻرندو اياز موت جي ٻي ڀر لهڻ
۾ وڏي هلچل ڪئي. پوءِ به ائين ئي چوڻو پيس
شفق، پاڻي گڻگن ۾ نيلوفر جا گل،
ويندا اونداھ ۾ ٻڏي، سارا اُڙين هل،
يا هيءَ منهنجي ڀل، ٻيهر اچڻو اُن تون
پکي اڏامي ڪا ڏي ٿو وڃي؟
پکيءَ کي خبر! هي خبر ٻين پکين کي نٿو ڏئي سگهي.
ٻنهي جي وچ ۾ پردو آهي. زنده پکي پردي جي هڪ پاسي
۽ الوپ پکي پردي جي ٻي پاسي… ٻنهي جو
ميلاپ ممڪن ڪونهي. پروس ته پروس آهي ئي، وس وارو به بيوس آهي. ٻئي الڳ الڳ دنيائن
۾ هجڻ ڪري اوپرا آهن. اڏامي ويل پکي خواب ۾ اچي ته ٺيڪ، نه ته جو ويو سو وريو
ڪونهي. پر … هي ڳالهيون ڇو ٿو
ڪيان. ڇا آخري اڏام جي تياري اٿم،. تياري ته آهي تيستائين وقت گذاريان ٿو. ڪيئن ٿو
گذي سٺو يا خراب ڏسڻو ڪونهي. قلم ۽ ڪاغذ ساڻ آهن. جڏهن تڏهن وٿي ملڻ تي لکندو
آهيان. لکندو ڇا آهيان اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
اجائي رهي زندگي!
سجائي رهي زندگي؟
رڳو نانءُ پنهنجو نصير،
پراڻي رهي زندگي!
ٻڌايان پيو جابجا،
فسانوالائي ته ڇو ؟
ڪڏهن ڪو نه پنهنجو لڳو.
زمانو الائي ته ڇو؟
فلم ”پکي“ جو تذڪرو موضوع سان ٺهڪندڙ ۽ بنهه
وقتائتو آهي فلم ڏسڻ کان پوء اها ساروڻين ۾ محفوظ ٿي وئي.
هزارين جي تعداد ۾ پکين کي ڪمال فن ۽ همٿ سان
فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي تجسس سان ڀرپور فلمن مان هن فلم کي ڳڻتيءَ ڀريي ڳجهه ۽ ڳڻ واري The master of suspense چيو ويو. ”پکين جو حملو“ اهڙي مهارت سان ڏيکاريل
آهي جو فلم من گهڙت نٿي لڳي.
فلم پکي/The Birds سن 1963 ۾ ٺهي تيار ٿي. سائنسي فڪشن، هارر موويز، ۽ ٻي فينٽيسي جي سلسلي ۾ وڏا وڏا تجربا
ڪيا ويا آهن. ۽ عالمگير سطح جي وشال خيال ۽ نظريي کي فني اُڻت ۾ آڻن جي صلاحيت به
درڪار آهي. فقط خواهش ڪرڻ ڪافي ڪانهي. گهربل ڪردار نڀائڻ خاطر تعليم ۽ سکيا ۽
وسيلن جي دستيابي جا امڪان پيدا ڪرڻا ٿا پون. ”شهڪار“ پورهيو سامهون اچي ٿو ته
مڃتا جا سرٽيفڪيٽ ملڻ شروع ٿين ٿا. پکين کي سوشلائيز بڻائڻ ۽ انهن کان ڪم وٺڻ ۽
اهو به اهڙو جو ڏندين آڱريون اچي وڃن مذڪوره فلم جي ڊائريڪٽر ايلفرڊ هچ ڪاڪ جو
ڪمال آهي. هيءَ انگريزي فلم (پکي) آمريڪا ۾ 28 مارچ1963ع تي رليز ٿي.( هڪ سال ليکڪ
جي ڄمڻ جي تاريخ کان پهريون جو واقعو). فلم تي ٽي ڏهائي ٽي ملين، يا ٽيٽيهه لک
ڊالر لاڳت آئي.
”دي برڊس“ سال ٿيندا ڏٺي هئي. ان جو اثر سانڀر ۾
اڃا جاءِ والاري ويٺو آهي،. خوفائتيون فلمون هجن، يا ٻيا منظر، جيڪي زندگيءَ ۾ حادثاتي طور سان ڏسڻا پون ٿا،
اهي جلدي نٿا وسرن،شرابي بود ۾ اچي روح کي جنجهوڙيندڙ تجربن جي ڪڙي سار اٿل کائڻ
تي وڦلندڙ آهي. خوفائيتون فلمون نه ڏسندو آهيان. مفروضن تي ٻڌل فلم ۾ حقيقي منظر نگاري نه ٿيل
هجي ته ٻه ڪلاڪ اڍائي اسڪرين اڳيان پارڪ ٿي
ويهڻ ڏکيو آهي. ”پکي“ نالي فلم انسان جو ٽاڪرو پکين سان ڏيکاريو ويو آهي. سٺ هزار
پکي فلم ٺهڻ ۾ استعمال ٿيا.
اُهي پکي جهرڪي(اسپيئرو) جي نسل مان ها، اسپيرو
جنهن نسل جو آهي، اهو بچاءُ يا پٺي هٽڻ واري پکين جي گورھ مان آهي گهرن ۾ رهندڙ
جهرڪي (هائوس اسپيئرو) ڏاڍي ڦڙتيلي ۽ ٽاھ کائيندڙ پر مقابلو ڪندڙ آهي. گاھ جون
جهرڪيون به آهن جي اڏامڻ سان گڏ، پٽ تي هلنديون آهن. جهرڪين مان هڪ نسل باز،
شاهين، يا شڪري جو ڦيري لڳائڻ وارو به آهي. يعني هڪ نسل جي پکي (جيوت) ۾ ڪو ڪاھ
ڪندڙ آهي ته ڪو وري پٺتي هٽڻ وارو آهي. هيءَ فطرت آهي. ان فطرت کي نفسيات چئون ته
غلط نه آهي. ڊڄڻي شخص يا ترت گهٻرائجي ويندڙ کي جهرڪيءَ جي دل رکندڙ چيو ويندو آهي
پر سڀئي جهرڪيون ڊڄڻيون ڪونهن. اڪيلي رهڻ، ڳائڻ (يا چون چون ڪرڻ) ۽ هڪڙي هنڌ نه
ٽڪڻ جي خاصيتن واري پکيءَ ۾ ٻيون به گهڻيو خوبيون آهن. لڳ جي مند ۾ نر پکي (جهرڪ)
آواز ڪڍي پنهنجي صحتمدن ۽ سگهاري هجڻ جو اشارو ڏيندو آهي.
جهرڪي سوٻٽ (جيت) کائيندي آهي. ٻج به کائي.
جهرڪيون (مادي ۽ نر) عمومن ڏسڻ ۾ هڪجهڙيون آهن. جهرڪيءَ جو رنگ ميٽائون ۽ جهرڪ جو
قدرتي ڳاڙهسرو ٿيندو آهي. ڪن هنڌ تي، جهرڪيءَ جي چهنب طوطي جي چهنب وانگر سخت
هوندي آهي. ماحولياتي اثرن هيٺ ساڳي نسل جي پکي جي وصفن ۾ ڪيتري قدر ڦيرو به ڏسڻ ۾
ايندو آهي.
گهريلو جهرڪي لڳ جي معاملي ۾ اڳرائي ڪندڙ آهي.
باربار لڳ ڪرڻ جي خاصيت سبب شوقين مڙس کي جهرڪ
سان تشبيهه ڏني ويندي آهي.
Saturday, 4 April 2015
Thursday, 2 April 2015
Wednesday, 1 April 2015
Tuesday, 31 March 2015
adab jo wao sawao
ادب جو واءُ سواءُ
جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ۾ رٿيل ضمير نيازي جي يادگار
ليڪچر ٻڌڻ ويس، ليڪچر ناميارو قانوندان ۽ سياستدان عابد حسين منٽو ڏيئي رهيو هو.
انجمن ترقي پسند مصنفين جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ هن ويهڪ جي دعوت راحت سعيد ڏني هئي.
ليڪچر ٻڌي ايمان تازو ٿي ويو. ڏينهن سجايو ٿيو لينڊ رفارمس کان وٺي جهادي تنظيمن ۽
انهن تنظيمن جي ويڙهاڪن کي بوتل پياري پياري جوان ڪندڙ قوتن جو تذڪرو ٿيو، منٽو
رياست جي اندر هر بحران ۽ انتشار جو ذميوار سرڪار سڳوريءَ کي ٺهرايو. ليڪچر
کانپوءِ سوال جواب ٿيا. مون کي ان مان اهو اتساهه مليو جو اچڻ سان ئي گهر ۾ ڪالم
لکيل، جيڪو ٽيويهين جون وري روزاني عوامي آواز ۾ ڇپيو هو اخبار ۾ ڪامريڊ وارث رضا
ڪم ڪندو آهي هن به اسٽيل مل مان نوڪري رضا ڪاراڻي طور ڇڏي هئي.
آءٌ شفٽ انجنيئر هوندو هوس. هو ايڊمن آفيسر هو ڏاڍو هوشيار
۽ سمجهندار آهي. هوڳ سيٽلائيٽ جينل ”هم“ ۾ به پرفارم ڪندو آهي. هاڻي ڏاڙهي ۽ وڏا
وار رکيا اٿائين هو به مون وانگر من موجي آهي. هڪ هنڌ ٽڪي ڪم نه ڪندو آهي. روزاني
عوامي آواز ۽ روزمانه انجام ٻه ڀيرا رسي ڇڏي ويو هو. ٽيون ڀيرو اچي جوائن ڪيو
اٿائين ليڪچر مان اتساهه وٺندي مون اردو نظم ”بضد ڪه ڪڇچ ڪر سڪين“ لکيوم لکڻ لاءِ
مون کي موضوع سولائي سان ملي ويندا آهن ٻيو نه ته پنهنجي شاعريءَ مان ڪ سٽ عنوان
ڏيئي مضمون لکي وٺندو آهيان، ڪڏهن ڪتاب جو مطاليو ڪڏهن مباحثو، ڪڏهن ڪا ساروڻي لکڻ
جو سبب بڻجندي آهي. شاعريءَ جو اتساهه مون کي سير سفر مان گهڻو ملندو آهي.
يوسف سنڌي سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگ سان ٽن چئن ادبي
ويهڪن ۾ ملاقاتون ٿيون اٿم. هر ڀيري هو مون کي ”ڪتاب انعام لاءِ“ ڏيڻ ياد ڏياريندو
آهي. حيدرآباد ۾ محمد ابراهيم جوئي سان ملهايل رهاڻ جي دوران به چيو هئائين، ڪراچي
پي ايم اي هائوس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيا جي سالگرهه جي موقعي تي ان کانپوءِ ريجنٽ
پلازا ۾ ڪلچر اينڊ ٽوئر ازم ڊپارٽمينٽ طرفان ادبي انعام ورهائڻ واري پروگرام ۾ پڻ
چيو هئاين آخرڪار کيس سبب ٻڌايم هفتي اندر کيس پنج ڪتاب ٽپال ذريعي دڙو اماڻڻ جو
واعدو ڪيم، خط ۾ لکيو هئومانس.
ماهوار ”اوندهه“ جي ايڊيٽر کي منهنجي ڪتاب بابت جج نه
بڻائيندا. هو گواهي ڏيڻ ۽ جج جي ذميواري نڀائڻ جي بنهه اهل نه آهي. هن جي بدديانتي
ڪوڙ، بغض ثابت ٿي چڪو آهي ، مون کان چار ڪتاب وٺڻ جي باوجود رسالي ۾ خبر به نه
ڇاپيائين ته ڪتاب ”جل تي ڪنول جيئن“ ڇپبي چڪو آهي. چيائين ته ڪتاب جو مهاڳ رسالي ۾
هلائيندس، ڪتاب جي سي ڊي ڏيئي وڃي. الائجي ڪهڙو ساڙ لڳس، نه مهاڳ هلائيائين نه سي
ڊي واپس موٽائي ڏنائين، چئي، سي ڊي ڪچري جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏي آهي. قيمت پنجويهه
رپيا سي ڊي جا کپني ته اچي آفيس مان وٺي وڃ!
هن کي منهنجي زندگي بابت مئو مان پنج سيڪڙو به ڄاڻ نه آهي،
پنهنجي طرفان ڳالهيون گهڙيون اٿائين هڪ ڏينهن آفيس ۾ ملڻ ويو هومانس چئي نصير!
تنهنجي ۽ منهنجي عمر ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه سال تفاوت هوندو.. ٻئي گهمري چئي مان ان وقت کان
شاعري ڪندو پيو اچان، جنهن وقت ڄائو به ڪونه هوندين... رکي رکي الائي ڪهڙو پور پئي
پئيس... چئي مان توکان وڌيڪ باصلاحيت آهيا... پر مان پنهنجو ٽيلينٽ ظاهر نٿو
ڪريان...
هن شخص سان ملڻ جي بدران ٻه بُجا پاڻ کي ڏيئي ڇڏجن. غوث
پيرزادي سان ساس شاخ گلشن حديد طرفان ادبي رهاڻ ملهائي هئي. مون کي شرڪت جي (تقرير
ڪرڻ جي نه) دعوت ڏني هئائين، پروگرام جي پڄاڻي ٿي. اسان ماني کائڻ لاءِ گلم تي
پلٿي ماري ويٺا هئاسين، هو ڀرسان ويٺو هو. چئي، ايڏو پري اچين ٿو، مون وٽ نٿو
اچين.... اڳيان غلام حسين رنگريز ويٺو هو. هن خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ ڏاڍي سٺي
تقرير ڪئي هئي. چيومانس: ”سائين اوهان ڏاڍو سٺو ڳالهائيو“ ان تي کيس ميٺان لڳي.
چئي اسان جي موجودگي ۾ تعريف انگريز جي ٿو ڪري.. مون هن لاءِ سوچي ڇڏيو آهي ته کيس
جواب ڪونه ڏيندس سو ڀلا ٽالتي هي خاموشي.
ديکهه کر هونٽ سي ٿيا کيحئي
(حسن عابد)
ڀٽائي چوي ٿو:
ماڻهو سڀ نه سهڻا،
پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه
اچي بوءِ بهار جي
انسان ۾ بوءِ بهار جي هن جا انسانيت نواز قدر آهن. سڀ
خوبيون هڪ شخص ۾ نه هونديون آهن. مومل وٽ سونهن ڏاهپ ۽ حرفت ناتر وٽ هئي. پشتو
شاعر رحمان بابا جي شعر جو ترجمو پڙهيو.
”عقل کي ڇڏ اي رحمان! ڀاڳ سٺا هوندا آهن عقلمند ڀاڳوندن وٽ
ٻانها هوندا آهن“
ناتر به مومل جي ٻانهي هئي عقلمند سان شايد! دليل مسئلو9
بڻيل هندو آهي. انگريزي ۾ چوندا آهن. (Reason is Always Arrogance) (دليل سدائين
ارڏو ٿيندو آهي)
سنگت شاخ ڪراچي طرفان تاجل بيوس ۽ قمر شهبز جي ياد ۾ ريفرنس
ڪوٺايو ويو، صدارت ماهوار ”اوندهه“ جو ايڊيٽر ڪري رهيو هو. تاجل بيوس جي شان ۾ ٻچا
پڙآئي وچان ساراهه جا ڍڪ ڀريائين. چئي، جڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي اساسي شاعري جو مزو
ورتو ويندو. تاجل بيوس وڏو شاعر نظر ايندو. گڏجاڻي کانپوءِ مون کي چيئين. رزاق
سهتي جي ڪارنر پيا آڻيون. تون مضمون لکي ڏي. مضمون لکي رزاق کي ڏنم. هن کيس ڏنو.
چئي هي مضمون نه هلائيندس، ڇو؟ تو پاڻ لکڻ لاءِ چيو هو. مضمون مزي جو نه آهي. ان
کان پهريون هن مون کان لعل پشپ جي باري ۾ منهنجو لکيل مضمون، جيڪو مون سنگ جي
گڏجاڻي ۾ پڙهيو هو گهريو هئاسين پڙهڻ کانپوءِ فون تي چيائين مضمون ڏاڍو سٺو لکيو
اٿئي. بعد ۾ الائجي نڙيءَ ۾ ڪهڙو ڪنڊو چڀيو هوس. مضمون ڪونه ڇاپيئين. پڇڻ تي غوث
کي چيو هئاسين مضمون مزي جو نه هو، ڇا اهڙي سڀاءَ وارو ادبي فن پاري جي ڪٿ ڪرڻ جي
اهل چئبو؟ هرگز نه جج اهو شخص بڻجي سگهي ٿو، جو شاهدي جي قابل هجي. شاهد ڏيڻ جي
اهل اهو آهي، جو هو ڪوڙ نه ڳالهائي. ڪنهن جي امانت ۾ خيانت نه ڪري مطلب ته اهو شپتيو
هجي.
ادب جو واءُ سواءُ _ 2
ڪجهه ڏينهن جي ڳلاههه آهي. هڪ سنڌي اخبار ۾ هڪ ”ڪهاڻي“ جي
نسبت ۾ عبدالقادر جوڻيجي جو ڪالم ۽ بعد ۾ مانواري اشتياق انصاري جو ڪام پڙهيو.
روزانو ڪالم ڇپبا آهن. ڪيترائي پڙهندي پڙهندي اڌ ۾ ڇڏڻا پوندا آهن ۽ ڪيترا پهرين لفظ کان پڇاڙڪي
لفظ تائين پڙهي پورا ڪندا آهيون.
ڪن ڳالهين جي ڪري ليکڪ ڏاڍا وڻندا آهن ۽ ڪن ڳالهين جي ڪري
اهي پٽي تان لهي ويندا آهن. ٿئي ڇا ٿو؟ جو جڏهن گهڻي عرصي تائين ڪنهن ليکڪ جون
لکڻيون پڙهڻ سان انهن بابت دل ۾ هاڪاري رايو قائم ٿي وڃي ٿو. گڏوگڏ کائن ڪي اميدون
وابستا ٿي وڃن ٿيون. اهڙي ليکڪ کي جيڪڏهن ڪو عمل خلاف توقع ڏسي وٺجي يا انٽرويو جي
دوران هو ڪا ڳالهه نامناسب ڪري وجهي ته دل ۾ هاڪاريت جو ڪاڪ بحل ڊهيپٽ ٿي وڃي ٿو.
اهڙو هڪ ليکڪ ناٽڪ نويس ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو اڳوڻو چيئرمين
عبدالقادر جوڻيجو پڻ آهي. جيڪڏهن هو فقط لکڻهار هجي ها ته شايد هن جي ڳالهائڻ جي
انداز ۾ لکڻين منجهان نهٺائي ۽ انسان ذات ۽ پنهنجي قوم، جنهن کيس مان ڏنو آهي.
بابت همدردي ۽ عزت ڏسڻ ۾ اچي ها. هن کان هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي ميزبان ڪنهن هڪ
عورت سان عشق ڪرڻ بابت سوال پڇيو. عجيب ۽ تڪبراني انداز سان وراڻي ڏنائين ته،
”اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون زندگي ۾ آيون ۽ ڪنهن جو نالو ياد رکون.“ سچ ته مون کي
عير متوع ۽ فضيلت کان هٽيل جواب لڳو. اخلاقيات ۽ روين جي علمن ۾ بنيادي اهميت ۽
حيثيت رکي ٿو. عشق سوين عورتن سان ڪرڻ جو مطلب ته ساڻن جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي.
هيءَ ڪا ٻڌائڻ ۽ مٿس فخر ڪرڻ جي ڳالهه نه آهي. هو سينيئر اديب آهي. هن جي ڇڙواڳ
ڳالهين جو نوجوانن مٿان اگرو اثر پوندو. جڏهن ته ليکڪ روشني ڦهلائيندڙ ”ڏيئن“
وانگر ٿين ٿا. هنن جي جلڻ ۽ ٻرڻ جو مقصد ٻين کي روشني ڏيڻ آهي. شاعر ۽ اديب
پيغمبراڻو ڪم ڪن ٿا. هيءُ ڪم هڪ طرفو يعني خير وارو آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن لکڻهار جي
خمير ۾ بڇڙائي جو ست به موجود هجي. ته به کيس پنهنجي تربيت جي ذريعي ان کي خير جي
ست ۾ بدلائڻ گهرجي.
اديب دانشوراني ۽ عالماڻي سڀاءَ وارو ٿئي ٿو. هن جو قلم
سماج جي ذرخيز زمين ۾ ٻج ڇٽي ٿو. ان جو مطلب ته هو جيڪي پوکيندو سو لڻندو.
اديب جي قلم مان روحاني خوراڪ تيار ٿئي ٿي. اڃيو، بُکيو
پڙهندڙ منجهائنس اڃ اجهائي ٿو. اديب جو پورهيو يعني هن جون لکڻيون ايتريون ونندڙ
هئڻ گهرجن جو ان جودرجوخوشخبري جهڙو هجي. ڏکن، ڏولائن ۾ ورتل شخص منجهائنس ڇوٽڪاري
جو پيغام ڳولي لهي، جيئن مولانا عبيدالله سنڌي شاهه ولي الله جي فلسفي مان سوشلزم
جو نظريو ڳولي لڌو هو. اهو لکڻهار تي آهي ته هو خير جو داعي آهي. ي بڇڙائي جو محور
ڳولڻ واري کي پنهنجي مطلب جي شئي لڀي پوندي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته اديب جو
پورهيو ٻه منهي ترار وانگر آهي. ان سان هو پنهنجي حفاظت ڪري ٿو يا ان سان هيڻن کي
ايذائي ٿو. ان جو دارومدار اديب جي فڪر تي آهي. يعني اهڙي سخص کي جيڪو ڏاهپ کان
وانجهيل هجي. اختيار ۽ اقتدار حوالي نه ڪرڻ گهرجي. ڏاهپ کان خالي اختيار جي
استعمال جا ڀيانڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. اهڙي صورتهال ۾ هڪ شخص جي خوشيءَ ج يقيمت سڄي
قوم اذيتن جي شڪل ۾ ڇڪائڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي.
قلمڪار جو پورهيو قلمي ڌاتن ۽ ڪارائتن پٿرن وانگر ٿئي ٿو،
جيئن سون چاندي ۽ پليٽينيم کي پئي ڪٽ نٿي ليڳ سگهي. سون ورني ادب ۽ شاعري کي ماڻهو
سينن ۾ سانڍيندا آهن. اشتياق انصاري جو ڪالم، جنهن جو مهڙ ۾ ذڪر ڪيوسين. ”سدائين
سنڌين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندڙ سنڌي ”سانڍڻ جهڙو آهي.
عبدلقادر جوڻيجي کي ڪاوڙ دراصل انصاري برادران تي ڪڍڻي هئي.
خاص اشارو آرڪالاجسٽ ۽ اديب ڏانهن يعني اشتياق انصاري ڏانهن هو. جيتوڻيڪ آرڪالاجي
تي ڪم بدر ابڙو به ڪري ٿو پر ان جي خرابي ڪهڙي آهي! جيڪڏهن چار پئسا خرچ ڪري نئين
ٽهي کي اتساهه ڏيارڻ جي ارادي سان انيس اڪيڊمي ٻه ڀيرا ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ منعقد ڪئي.
جڏهن ته هر ڪم لاءِ سرڪاري ادارن تي ڀاڙڻ سٺو رويو نه آهي، سرڪاري ادارن سان پور
وڇوٽ نجي ادارا سهڻي نموني ڪم ڪن پيا.
ادب جو واءُ سواءُ – 3
اسان وٽ، خاص طرح ٻهراڙين ۾ ادب، جيتوڻيڪ ان جي ڇپائي جو
جوڳو بندوبست نه آهي، ته به جذبن جي سچائي جو اثرئتو عڪس نظر ايندو آهي آهي. آرٽ
آف ريئلزم جو معيار زندگي جي قريب تر تڏهن ڏسڻ ۾ ايندو، جڏهن آرٽسٽ اخلاقي طور
بلند معيار وارو هوندو. ان جو پتو هن جي ادبي، علمي ۽ فني پورهئي ۽ گڏوگڏ زندگي جي
هلت چلت مان پوندو. هن قسم جي ڏاهن، سائنسدانن، مفڪرن، سماج سڌارڪن، شاعرن ۽
آرٽسٽن جي ڪاوشن ۽ قربانين جو ثمر آهي. جو اڄ انسان خلا ۾ تري رهيو آهي. سمنڊ جي
پاتار ۾پهچي آبي جيوت تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سائنس جي تحقيق ۽ دريافت جي ڪري اڄ
جملي انسانن کي زندگي جون آسانيون ۽ آسائشون ملي رهين آهن. هنن جي ڪارنامن مان
مارڪيٽ اڪانمڪس جو حريص طبقو رياست جي عملدارن ۽ اختيارين سان ٻٽ ٿي موجون ماڻي
رهيو آهي. ان کان علاوه انهن جي علمي دريافتن جي حاصلات کي انسانن جي رٽ وهائڻ،
پاڙيسرين مٿان غلبي ۽ انهن جي دولت جي وسيلن کي هڙپ ڪرڻ خاطر استعمال ڪيو پيو وڃي.
پنهنجي آسپاس غور سان ڏٺو وڃي . صاف نظر ايندو ته سياسي اقتصاديات جا ڪيئي ناڪاري
اثر سماج جي اخلاقي، تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن کي نقصان پهچايئ رهيا آهن.
زماني جي اٿل جو اندازو ان بدلجندڙ عالمي ۽ قومي حالتن مان
پڻ لڳائي سگهون ٿا. پهرين انتهاپسندن سپهه سالار، فيلسوف ۽ تاريخ جا ڄاڻو سقراط جي
شاگردن مان هڪ هو. هن جي ڄاڻايل دولت جي
وصف گهڻن اقتصاديات جي ماهرن اختيار ڪئي هئي. اهو ته ڪارگريشن ( خريد ۽ فروخت
ٿيندڙ قدر وارين شين) جو قبضو مرداڻي صنف جي ماڻهن جي حوالي هجي.
The possession of the valuable by the valiant )
اسان جي سماج ۾ ادبي پورهئي کي قابل اجرت پيشو تسليم نٿو
ڪيو وڃي. انڪري رسالن، اخبارن کي حاصل ٿيندڙ آمدني جو تقريبن سڄو ئي حصو مالڪان کي
ملي ٿو. شاعر، اديب، هيئن ته سماج جي سُڌاري
جو رضاڪاراڻو ذمو پنهنجي ڪلهن تي کنيو هلندا آهن. اجرت نه ملڻ جي باوجود
قلمي پورهئي کي جاري رکندا آهن پر ايترو
ضرور آهي، اهڙن ذميوار ۽ نظرياتي قسم جي اديب جو قوم وڏو قدر ڪندي آهي، جڏهن ته
اصولن جو سودو ڪندر ماهر پنڊتن کي معاوضو فقط پئسن جي ادائگي جي صورت ۾ ڪيو ويندو
آهي. سنڌ جا اديب ۽ شاعر اٻانڪا آهن. هنن جي امير بڻجڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا هڪجهڙا موقعا
نٿا ڏنا وڃن. انڪري هنن جي گهريلو زندگي غير جٽادار ۽ حالتن جي رحم ڪرم تي آڌاريل
نظر اچي ٿي. هن وقت اديبن ۽ شاعرن کي ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪي قدر سهولتون پڻ مليل آهن.
اڳ ۾ هر موضوع تي آزادي سان لکڻ ، تقرير ڪرڻ ۽ سياسي جلسن ۽ گڏجاڻين جي ڳري قيمت
چڪائڻي پوندي هئي. هن کي بوتل پيئاري پيئاري تڪڙو ۽ توانو ڪيو ويندو. بعد ۾ يعني
هاڻي انهن کي دهشتگرد، چئي کين آپريشن راهه راست جي رستي صراط مستقيم ڏانهن آڻي
رهيا آهن. اڳئين زماني ۾ قومون پنهنجن پيغمبرن کي قتل ڪنديون هيون. تن کي قدرت
طرفان سخت سزائون ۽ عذاب مليا. اسان به عوام جي محبوب اڳواڻن کي قتل ڪري رهيا
آهيون. بينظير ڀٽو جي شهادت کان ترت پوءِ ۽ هينئر سوڌو اسان مهانگائي جي شڪل ۾
عذاب ڀوڳي رهيا آهيون. سون في ڏهه گرام ستاويهه ۽ اٺاويهه هزار رپيا ۽ ڊالر جي
قيمت سٺ ۽ باهٺ رپين مان چڙهي ٽياسي رپيا ٿي وئي آهي. ڪو مهينو اهڙو نٿو گذري جو
لوڊشيڊنگ نه ٿئي ۽ بجلي جو بل وڌيڪ وصول نه ٿئي. آزاد ملڪ جي هوندي خود مختياري
عوام کان موڪلائي وئي آهي.
ذتي مشاهدو بيان ڪندو هلان گهر ڌياڻيون ، روزيءَ ۾ برڪت
واسطي روزانو دعائون ، وظيفا پڙهنديون آهن. ان کان اڳ ۾ دولت جي دويءَ کي راضي ڪرڻ
لاءِ مني پلانٽ ۽ ٿوهر جا ٻوٽا ڪونڊين ۾ سجايا ويندا هئا. ٿوهر (Cacuts) نشيدار ٻوٽي
آهي، ان کي عربي ۾ زقور چئبو آهي. گهڻا ماڻهو ان جي ڳرنشي طور واپرائيندا آهن ۽ ان
کي مقدس شئي سمجهيو ويندو آهي.
پئسو ڪٿان ٿو اچي! ان جو آسان ۽ سادو طريقو ڪمائڻ هن دور ۾
ٻن قسمن جا آهن هڪ هنرمند ۽ ٻيو هيلپر يا عام پورهيت، شهرن ۾ پئداواري جا وڏي
پئماني تي هلندڙ ڪارخانا هوندا آهن. جتان ضرورت جون شيون ٺهي تيار يعني قابل
استعمال صورت ۾ مارڪيٽ ۾ پهچن ٿيون. پرائيويٽ مزدورن کي ڪڏهن روزگار ملي ٿو ۽ ڪڏهن
نه به ملي ٿو. هنن ۾ جيستائين توانائي ۽ سگهه آهي ڪمائڻ لاءِ پري پري تائين پهچي
وڃن ٿا. اوائل ۾ ڪمائڻ جي لاءِ هتان غير هنرمند توڙي هنرمند طبقو وچ اوڀر جي ريست
ڏانهن ويندا هئا. ڪيتريون ئي فلمون ۽ ناٽڪج دبئي جي حوالي سان نشر ٿيندا ڍرهيا آهن
پر هتي پاڻ ليبر سستو آهي. پورهئي جي اجرت جو عجب قادعو آهي. يعني پئداوار گهٽ ته
اجرت گهني ۽ پئداوار گهني ته اجرت ٿوري. جن هن دورن کي سوشل سڪيورٽي ميسر نه آهي.
انهن جي مالي حيثيت روز بروز گهٽجندي وڃي ٿي. ان جي برڪس سرمايو جهڙي به شڪل ۾
هجي. پل پل وڌندو رهي ٿو. ان طرح سرمائيدار جاڳي توڙي سمهيل هجي. هن جو سرمايو
يعني پئسو پئسي کي ڪمائيندو رهي ٿو. زينوفن (xenophen) وقت ائين ڪونه
آهي، جيڪڏهن عدليا ۽ ميڊيا يعني صحافت آزاد آهي، معنيٰ ملڪ اندر جمهوريت آهي، هن
وقت واقعي جمهوريت آهي.
جمال ابڙي جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي طرفان ڪوٺايل
ريفرنس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ وڪيل
عبدلخالق جوڻيجي تقرير ڪندي سنڌ شناسي جي طف ڌيان ڇڪايو هو. هن دوست چيو ته ، ”سنڌ
۾ مورال ڪرائينسز جي سببا اديبن جي اڪثريت ڦريندڙن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڦرجندڙن سان
پڻ.“ هيءَ ڳالهه پروگرام جي رپورٽ لکندي راقم جيئن جي تيئن ڄاڻائي هئي. رپورٽ
روزاني عوامي آواز ۾ ٻاويهين جولاءِ سن 2004ع ۾ ڇپي هئي.
گليليو پهريون ڀيرو معافي نامو لکي جڏهن ٻاهر آيو ته کيس هڪ
نوجوان چيو توهان کي معافي وٺڻ بدران پنهنجي نظرين تي قائم رهڻ گهرجي ها. جواب ۾
نوجوان کي چيائين، تون جو ڪجهه مونکي چئي رهيو آهين، خود ڇو نه ٿو ڪرين. گليليو
جيئن سوچيندو هو ۽ جيئن سچ دريافت ڪندو، تيئن ئي بيان ڪندو هو، جيتوڻيڪ هن چيو هو
ته، ”مان پنهنن نظرين خاطر زندهه رهڻ گهران ٿو“ هڪ ڪتاب ۾ پڙهيم ته کيس ٻيو ڀيرو
گرفتار ڪيو ۽ وفات جيل اندر ڪيائين.
سنڌي ادبه ۽ ـآرٽ جي ميدان ۾ اڃا نيئن ٽهي کي موقعا گهٽ
مليا آه. ان ڪري مصلحت جو گهڻو تڻو الزام مٿن نٿو اچي. هڪ سينيئر اديب جڏهن ارباب
رحيم کان مُنو لک انعام وصول ڪري آيو ته
گهڻن مٿس آڱريون کنيون، آڱر کڻندڙ خود سرڪار جي ڪوٺايل سياسي پارٽين واري گڏجاڻين
۾ شريڪ ٿيو ۽ ڪجهه عرصي کان ٻڌڻ ۾ آيو (کانئس پڻ) ته هو سنڌ جي هڪ سياسي پارٽي جو
صلاحڪار مقرر ٿيو آهي. کيس هڪڙي دوست چيو (ان وقت آءٌ به اتي ويٺل هوس) ته توهان
جي ڌر بڻجڻ واري عمل سان ساک تي داغ لڳي پوندو. بنا دير جي جواب ڏنائين ته داغ
ڌوئي وٺبو. افسوس کيس ايتري موت مهلت ڪانه ڏني.
تازو لائيف اچيوومينٽ
ايوارڊ جن شخصيتن کي ڏنو ويو. انهن ۾ انور پيرزادو مرحوم پڻ هو، جڏهن ته گهڻن کي
اها ڳالهه ڪا نه وڻي. اديبن ۾ ائين ڏٺو ويو آهي ته هو فوجي حڪمراني ۾ به حاڪمن سان
هڪ هئا ۽ جمهوري حڪومت ۾ پڻ سندن آنڊو سڻڀو آهي اسان ته تمام ننڍا اديب آهيون.
جيئن وڏڙا واٽ ڏيکارندا . تيئن پنهنجي سفر جي شروعات ڪنداسين.
ادب جو واءُ سواءُ-4
اديب ۽ شاعر جو مصب سندن پڙهندڙن ڏانهن جوابده آهي. هن جي
فڪر جو مٿن اثر پوي ٿو. جيئن گهر ۾ پٽ پنهنجي پيءُ کي آئيڊل سمجهندو آهي ۽ اسڪلول
۾ سنگتين کي هنجي باري ۾ فخر واري انداز ۾ ٻڌائيندو آهي پر جيڪڏهن پٽ پيءُ جي باري
۾ ڪا ناڪاري قسم جي ڳالهه ٻڌندڙ ته ممڪن آهي. سندس ذهن ۾ ٺهيل آئيڊل جو تاج محل
ڊهي پٽ ٿي وڃي. اديب، جيئن ته، مشهور شخص ٿي وڃي ٿو. ان جي ڪري هن جا گڻ ۽ اوگڻ سڀ
پڌرا ٿي وڃن ٿا. عيبدار ته هر شخص آهي، البته گمنام ماڻهن جا اڇا چٺا وائکا نه ٿا
ٿين.
جن اديبن جو گذر بسر ادبي ڪرت ڪار سان ڳنڍيل آهي. تن جي
ڪاميابي جا هٿيار هڪ پي آر ۽ ٻيو پروپيگنڊا آهن. پروپيگنڊا تحريڪ وانگر آهي. ان ۾
سچ سان گڏ گهربل ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ خاطر من گهڙت معلومات جي آلودگي پڻ شامل ڪئي
ويندي آهي. ذات ٻنهي هٿيارن کان گوءِ کڻي وڃي ٿي.
ڪراچي ۾ امن جي حوالي سان پروفيسر آفاق صديقي ۽ تاجل بيوس
جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اردو سنڌي ادبي فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان چڱيون
ڪاوشون سامهن آيون، ساڻن گڏ راقم ۽ ساجد سومرو پڻ ٻانهه ٻيلي رهيا. شاعر پريم جا
پوڄاري هوندا آهن. محبت جي سلي کي شمشير حيدري ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر پنهنجن
پيرن جا نشان سرحد پار ڌرتي تي ڇڏي آيا آهن.
عمرڪوٽ ۾ مشاعرو ڊي سي او هائوس ۾ قومي شاعر جمن دربدر جي
صدارت هيٺ پڙهيو. حليم باغي کي روبرو ٻڌڻ جو وڏي عرصي بعد موقعو مليو. مشاعرو ڪمال
درجي جو هو. امرتا جي ايڊيٽر فقير محمد ڍول سان نه صرف ملاقات ٿي پر کانئس ڪوئل
جهڙي سريلي آواز ۾ سندس شاعري ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي. سنگت جي وفد جو سرواڻ يوسف
سنڌي هو. عورتن ۾ مهرالنساءَ لاڙڪ، سحر علي، زيب النساءَ، زيبي، مريم مجيدي ۽ ٻيون
شامل هيون.
ڪانفرنس واري ويهڪ ۾ ڊي سي او عمرڪوٽ اڪبر لغاري، سارنگاجي
ايڊيٽر اسحاق سميجي، مريم مجيدي ۽ ذوالفقار سيال سميت ٻين پنهنجا خيال لکيل مقالي
توڻي تقرير جي صورت ۾ پيش ڪيا، مشاعري ۾ اسان سان گڏ آيل ساس گلشن حديد جي سڪريٽري
اصعر باغي پڻ شعر پڙهيا. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال رات جو دير سان پهتو هو. ستار پيرزادي
شعر ڪونه پڙهيو پر ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهيائين مقالي جو عنوان هو ”ترقي پسند تحرڪ
جون روايتون ۽ ان جا شاعري تي اثر“ گهڻي ڀاڱي اثرن تي ڪو نه ڳالهيو ويو. البته تاريخ تي وڌيڪ ڳالهايو ۽ لکيو ويو هو
اُسرڻ لاءِ امن ۽ آزادي وارو وايو منڊل گهربل آهي. ان ۾ هڪڙي فرد جو نه پر
سڌي ۽ اڻ سڌي نموني هر شخص پنهنجي ڪوشش جو
حصو پتي شامل ڪري ٿو. محبت جي پروپيگنڊا زندگي پر هلندي آهي. محبت جو پرچار نه صرف
زباني بياني عمل آهي پر هيءَ مڪمل فلسفو آهي. ان جون شاخون بڙ جي گهاٽي وڻ وانگر
پري پري تائين ڦهليل هونديون آهن. ڪا شاخ سڪي سگهي ٿي، پر پاڙون ساڳيون سايون
رهنديون آهن
توبن ڪهڙا تيل ڦليل
ماڻهو منافق ڪوڙا ميل
مٿئين شرع ۾ ڄاڻايل صفت وارن (پرهه ڦٽي جا ماڪ ڦڙا) محبت جي
پرچار سان به گڏ هلڻو پوي ٿو. جن جي اندر کان اسان اڻ واقف هوندا آهيون.
مارچ ٻه هزار ڏهه جي ستاويهن تاريخ عمر ڪوٽ ۾ ڪانفرنس ۽
مشاعري ۾ شرڪت لاءِ وڃڻو پيو. انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان ۽ سنڌي ادبي سنگت جي
گڏيل سهڪلار جو ثمر هو. جو مون کي ٻيو ڀيرو ٿر ۾ مشاعرو پڙهڻ جو موقعو مليو، ان
کان اڳ ۾ سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان مٺي ۽ ماروي ميلو منعقد ڪيو ويو
هو. جيتوڻيڪ سفر اڙانگو هو. پر ارادو اٽل هجي ته يقينن ڏکيو ڪم پڻ سولو ٿي وڃي ٿو.
مارچ ٻه هزار ڏهه جي ٽيهين تاريخ تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل آف
پاڪستان ۾ جنگ گروپ طرفان امن جي آشا جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل پاڪ – هند انٽرنيشنل
مشاعرو پڙهڻ جي دعوت ملي جيترا مشاعرا ان کان پهريون پڙهيا هئم. هيءَ ون يونٽ
نهايت ئي اهم ۽ يادگار هو.
سنڌي ٻولي جي شاعرن ۾ امداد حسينين ۽ نصير سومرو شامل هئا
وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، جو ڀارت جي مهان شاعر ندا فاضلي،. امجد اسلام امجد، انور
شعور، حمايت علي شاعر، منظر ايوبي، سحر انصاري، محمود شام، امداد حسيني ۽ ٻين وڏن شاعرن سان گڏجي مشاعرو پڙهيو. ڏهه
سال اڳ پاڪ ڀارت جي لاڳاپن بابت فضا اعظمي ڪتاب لکيو هو ”عذاب همسائگي“ هن ڪتاب جو
حوالو ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جيڪو پاڻ به شاعر آهي. هڪ عام
جلسي ۾ تذڪرو ڪندي ڏنو هو. امن جي حوالي سان شاعرن کان وڌي ٻئي رتبي وارا اثرائتا
سفير ثابت نه ٿا ٿين. تاجل بيوس، شيخ اياز، فتاح ملڪ، بشير مورياڻي، قمر شهباز. ان
جي تصحيح سرور جوايد ڪئي ستار جو مقالو سنڌي ڪتاب ويب سائيٽ ۽ روزاني عوامي آواز ۾
ڇپجي چڪو هو سٺو لکيو هئائين هو سفر جو سٺو ساٿي آهي مان سندس تفصيلي خاڪو لکندس،
هو گهڻن رخن ۾ ڪم ڪري ٿو. اهو پنهنجي جاءِ تي پر مستقل مزاجي سان پنهنجي حصي جي
لاٽ ٻاريندو اچي پيو، هن جو حافظو پڻ سٺو آهي. ڀٽائي جا بيت ڪيترائي ٻڌائي ايمان
تازو ڪري ڇڏيائين.
اڳي اٺ وڙن مون پيري ماٺ ٿي
پلانيندي پنهن کي ڪڇيو ڪين ڪٺن
اها ڪا مام مٺن، اڳي ئي هئي انهن کي
مشاعرن، ڪانفرنس ۽ سفر سانگي سان اڀرندڙ اديبن ۽ شاعرن جي
تربيت ٿئي ٿي. هيءَ استقر جو موثر طريقو آهي.
ادب ۾ هونئن ته ڪالم به لکون پيا. مضمون نگاري به هلي پئي
پر منهنجي بنيادي سڃاڻپ شاعر واري آهي. ڪاش! مون کي اسٽيل مل جي نوري تي بحال ڪيو
وڃي ته هوند زندگي جا گهڻي ڀاڱي ٿڪ لهي وڃن. پاڪستان اسٽيل مان جيڪي ملازمن وي آر
ايف، ميڊڪل ان فٽ ۽ برطرفي تحت ڪڍيا ويا هئا. انهن کي بحال ڪري. اسان مرچ جي چوٿين
تاريخ تي بلاول هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو هو. وزيراعليٰ مانواري سيد ق قائم علي شاهه
نوٽيس وٺندي ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي اسان سان ملڻ لاءِ اماڻيو هو. پر واعدي تي
عمل نه ٿيو. ان ڪري ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ٻارهن ڏينهن ڪفن پوش ڌرڻو هنيو. نواز
ليگ جي اڳواڻ سليم ضياءَ جي صلاح تي اسان خود سوزي جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. مارچ جي
ٽيويهين تاريخ تي لانگ مارچ ڪري اسٽيل مل جي مکيه گيٽ تي ڌرڻو هنيو. اسٽيل ملز
انتظاميه طرفان اسان جي قيادت سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ چيف ايگزيڪيوٽو سان ملاقات
ڪرائڻ جو واعدو ڪيو ويو. هي واعدو به ٻين واعدن وانگر وفا ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.
ڇهين اپريل تي رٿيل ملاقات ڪانه ٿي چيف ايگزيڪيوٽو پنجين اپريل تي ايران جي دوري
تي هليو ويو.
خود سوزي جو عارضي طور ارادو ملتوي ڪيو هو. جيڪڏهن بحال نٿا
ٿيون ته شايل ڇٽل ڦٽ ٻيهر ساوا ٿي وڃن آءٌ جيڪڏهن نوري تي بحال ٿي ويس ته پنهنجي
تجربي واري ڪم لاءِ فٽ فاٽ آهيان.
ادب لاءِ ٻولي ڪلچر ۽ فڪر جو هجڻ ضروري شيون آهن. شاعري ادب
۾ مٿانهون درجو رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته شاعري ئي ٻولي، ڪلچر ۽ شعور جي اوسر ۾ اهم ڪردار
ادا ڪري ٿي.
شاعري، دنيا جي سڀني ٻولين ۾ گهڻي ٿئي ٿي. پر جيئن ته اسان
سڀني ٻولين جي ڄاڻ نٿا رکون، ان ڪري انهن جي علمي ۽ ادبي خزانن مان پڻ لاڀ وٺي نٿا
سگهون، البته، انگريزي، اردو، فارسي ۽ عربي وغيره ذريعي يا انهن تا ترجمو ٿي ،
سنڌي ٻوليءَ ۾ جيترو ادب منتقل ٿيو آهي. ان جو اثر (ٿورو / گهڻو) سنڌي شاعريءَ تي
پڻ پيو.
علم پاڻ سان عملي تجربو به گڏ کڻي اچي ٿو، عملي تجربو
آخرڪار فن ۽ آرٽ جي شڪل اختيار ڪري ٿعو، پر هٿ جي هنر ۽ مشيني ٽيڪنالاجي واري
پروسيس ۾ احساس / محسوسات جو اهو دخل ناهي، جيڪو شاعري جي فن ۽ پورهئي ۾ لڪل آهي،
تڏهن به ٻنهي قسم جي فنن / هنرن ۾ شعور جو تسلسل ملي ٿو. هن طرح هر دور جي جديد
دور کي اوترو اهم سمجهڻو پوندو، جيترو ايڪهين صديءَ واري دور کي سڌريل سمجهون ٿا.
ٻولي، ڪلچر ۽ شعور جي اوسر ۽ سڀني ماڻهن جو حصو شامل آهي.
ماڻهن ۾ عاميانه درجي جي گهڻائي به اچي وڃي ٿي ۽ عالمانه درجي جون چونڊ شخصيتون پڻ
شامل آهن.
سنڌي شاعريءَ جي اڀياس لاءِ ضوري آهي ته اسان جي سنڌ جي
سماجي هالتن جو جائزو وٺون. صدين جي ڪاهن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل سياسي ۽ ثقافتي
تبديلين سوسائٽِ تي اڻٽر ۽ اڻمٽ اثر وڌا. آزمائشن ۽ امتحانن جو سلسلو اڃان تائين
جاري آهي. ڄاڻايل ٽيئي شيون، يعني ٻولکي، ڪلچر ۽ شعور سماج جي حالتن / بيهڪ /
جوڙجڪ جو عڪس / اولڙو / Refleetion هونديون آهن.
شاعريءَ جي اڀياس لاءِ لازمي ٿيو پوي ته، اسان زماني وار
انهن زميني حقيقتن سياسي / ثقافتي / سماجي حالتن جو پڻ جائزو وٺون. ان ڪري، شاعري
کي مختلف دورن ۾ ورهائڻو پوندو، دورن جي ونڊ ورڇ جهڙي افسانوي ادب تي لاڳو ٿيندي،
تهڙي شاعري تي پڻ لاڳو ٿيندي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ٿيسز. آزاديءَ کانپوءِ
افسانوي ادب جي اوسر، ۾ ذڪر ڪيل دورن جي ورهاست ملي ٿي. ان جي تصديق ۽ واڌاري لاءِ
ته ، باقاعده ادب جا عالم ۽ فاضل ڪا راءِ ڏيئي سگهندا. تاهم 1990ع ۾ سوويت يونين
جي ڀڃ ڊاهه سان سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا ۽ تجربا متعارف ٿيا آهن. شاعريءَ متعلق
تحقيقي ڪم جي گهڻي ضرورت آهي. ڊاڪٽر اياز قادري مرحوم جي سنڌي غزل جي اوسر وارو ڪم
جيستائين ٿيل آهي. ان کان اڳتي ٿيڻ کپي، نه فقط غزل تي پر سنڌي شاعريءَ جي ٻين
صنفن (ڪلاسيڪي / جديد ) متعلق به وک وڌائڻ کپي.
لاڙا ڪيئن ٿا بدلجن؟ ان جي پنهنجي جوڙجڪ ٿئي ٿي. جنهن جي
ٽٽڻ ۽ نئين سر جڙڻ ۾ فرد جي خواهش جو دخل نٿو ٿئي، پر اجتماعي طور ڪهڙو محرڪ ڪار
فرما آهي. اهو ماحول جوڙي ٿو.
اڄ جي دور جي ڪمپيوٽر اها شئي آهي. جنهن سڄي سوسائٽيءَ جي
رهڻي ڪهڻي / وڻج واپار / اٿي ويٺي / وندر ورونهه کي جڪڙي ورتو آهي. ڪمپيوٽر جي علم
جو شمار اليڪٽرانڪس جي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ٿئي ٿو ۽ هن ميدان ۾ جيڪي اڳڀر
ڏسجن ٿا. اهي نئين ٽهي سان واسطو رکندڙ فرد آهن. يعني نوجوان طبقي جي هٿ ۾ واڳ اچي
وئي آهي. اهو طبقو جنهن منجهان وچولو طبقو اسري ۽ اڀري سوسائٽيءَ ۾ تبديلي آڻي
سگهي ٿو. جيئن موٽرڪار لاءِ پيٽرول / ڊيزل / سي اين جي ٻارڻ / فيول جو درجو رکي
ٿي. تيئن وچولو طبقو انقلاب جو ٻارڻ سمجهيو وڃي ٿو.
اڳي گهرن ۾ وڏي عمر وارا / وڏڙا مسئلا حل ڪندا هئا ۽ اڄ
ڪمپيوٽر ايڇ ۾ وڏڙا پنهنجا مسئلا ننڍن / نوجوانن کي اچي ٻڌائن ٿا 7 نوجوان انهن جو
حل ڳولي ڪڍن ٿا. ايڏي وڏي تبديليءَ جو اثر سنڌ جي شعر و شاعري، ادب ۽ شوبز جي شعبن
تي پڻ پيو.
شاعرن جو واسطو سنڌ جي ٻهرڙيءَ سان به آهي ۽ شهرن سان به.
ٻهراڙين ۾ اڄ به سنڌ جو اسي سيڪڙو آدم رهي ٿو. جتي صدين کان بک ۽ غربت ۽ امن امنا
جا مسئلا درپيش آهن. ڌاڙيل ڪلچر هجي، ڪاروڪاري جو ڪاروبار هجي، ان جا اولڙا جديد
سنڌي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.
ڪاريءَ جو هر ڪنڌ ڪپي ٿو،
پاڻ ڀلا ڇا ڪارو ڪونهي،
پياس جي رڻ ۾ خون سستو آهي،
هر جڳهه ڄڻ ته ڪربلا آهي.
سنڌ جي ٻهراڙين ۾، جتي آدم جو وڏو ڀاڱو رهي ٿو، اتي شاعريءَ
جون لوڪ ادب واريون صنفون وڌيڪ مقبول آهن. ڏاهپ جا ڏس فقط جديد شاعريءَ ۾ ئي نٿا
ملن پر سگهڙن وٽ به وڏي وٿ آهي. انهن جي سگهڙپائيءَ مان سڄي سنڌ جي پروڙ پوي ٿي.
بيت ۽ وائي / ڪافي جو شمار به لوڪ ادب ۾ ٿئي ٿو.
شاعريءَ ۾ ٻولي ڪهڙي ٿي استعمال ٿئي. ان جو تهذيبي / ثقافتي اثر ڪهڙو ٿو ٿئي. ان مان
انسان ۽ ڌرتيءَ جي ڀلائيءَ جو ڪهڙو ٿو درس ملي؟ هنن ڳالهين جو مدار شاعر جي پنهنجي
ٻولي، رهڻي ڪهڻي، علم ۽ شعور ۽ شاعراڻي سگهه / صلاحيت تي آهي. شاعر گهڻائيءَ جي
گهرج کي به ڏسي ٿو ۽ پنهنجي ادبي وابستگي / ادبي نظريي لاءِ به راءِ جوڙي ٿو، جيئن
ته اچاريل لفظن کان لکيل لفظ وڌيڪ اثر وجهن ٿا ۽ صدين کان جاري جيئن جو تيئن /
انرشا / اسٽيٽسڪو کي ڀڃڻ ۾ سهائتا ڪن ٿا. ان ڪري شاعر کي طحين طرحين طريقن سان باز
رکڻ ۽ محض پيار محبت / سڄڻ ۽ ساقيءَ تائين انب جو ٻور ٻوڪبو آهي. جيڪڏهن منجهائنس
ذرو به ڇڻي ضايع نه ٿئي ته، هوند ايترا انب ڦٽي پون جو، ان جو بار وڻ جو ٽاريون به
جيڪر ڪونه جهلي سگهن، شاعر به جي فڪر ۾ آزاد هجي ته الائجي ڇا ڪري وجهي!
شاعريءَ کي جڏهن سريلو راڳي سازن سان ڳائي ٿو ته لفظن ۾
جهڙوڪ جان پئجي وڃي ٿي. موسيقي جيئن لهرن وانگر هڪ خاص ترتيب ۾ اچي پنهنجو اثر
ڏيکاري ٿي. تيئن شاعريءَ ۾ به شاعر لفظن
جي چونڊ ڪري بحروزن جي خاص ترتيب ۾ خيل/ فڪر سموهي ٿو. هن جي فن جي پختگي ۽ فڪر
جيگهرائي / وشالتا صدين تي احاطو ڪري ٿي. ان لاءِ شاعريءَ جو وکر پئي پراڻو نٿو ٿئي.
شاعر ننڍو / ٻڌندڙن کي ڪيتري قدر متاثر ڪري سگهي ٿو. اهو
زمان مڪان ۾ والاريل پکيڙ مان پتو پوندو.
هومر / شيڪسپيئر
/ ڀٽائي ۽ ٻيا عظيم شاعر سڄي دنيا ۾ پڙهيا وڃن ٿا ۽ انهن جي فڪر ۽ فن متعلق تحقيق
۾ عالمن عمريون ارپي ڇڏيون، تڏهن به انهن جي فڪر تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت محسوس ٿئي
ٿي. ڄاڻايل درجو، شاعر کي ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ ۾ نصيب نٿو ٿي سگهي. کڻي هو
ڪيترو به اخبارن / رسالن / ريڊيو / ٽي وي / ويب سائيٽن تي ڦٿڪي ۽ ڦڙڪي، البته
ايترو وقت تشهير بدران پنهنجي شاعراڻي وکر تي خرچ ڪري ته، شايد اهو پورهيو کيس
ڪٿان کان ڪٿي پهچائي سگهي ٿو.
اساسي شاعري
قديم شاعري کي ڪلاسيڪي شاعري شمار جو البته، سنڌي شاعري ۾
ان جي جهلڪ مغربي ڪلاسيڪي شاعري واري نٿي ملي، عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ موجب
”سنڌي ۾ ڪلاسيڪي پراڻي ادب کي چئون ٿا ۽ روماني (رومانوي) نئين ادب کي جنهن ۾
جماليات کي بنيادي حيٿيت هجي. پر پنهنجي هن وقف کي سو سيڪڙو مغربي مفهوم سان تعبير
ڪري نٿا سگهون، ڇو جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڪلاسيڪي شاعر چئون ٿا ۽ روحانني
(رومانوي) اهڃاڻ به سندس ڪلام ۾ موجود آهن. پنهنجن شاعرن کي ٻن گروهن ۾ ورهائي نه
سگهنداسين، ڇو جو انهن ۾ جيڪي خصوصيتون آهن، سي پراڻي هجڻ ڪري ڪلاسيڪي ناهن. نون
شاعرن ۾ وري نئين هجڻ ڪري روماني (رومانوي) ڳالهيون واضح نه آهين. تنهن ڪلري بهتر
ٿيندو ته پراڻي شاعري کي اساسي چئون، جيئن ڊاڪٽر (نبي بخش) بلوچ ۽ ڪن سنڌي محققن
به چيو آهي.“
سنڌي اساسي شاعري ۾ صوفياڻي گيان جي اپٽار ملي ٿي. صوفياڻو
گيان روحانيت ۽ تصوف آهي. تصوف بابت عالمن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ لاڙو آهي ۽ اسلام
کان اڳ ۾ مسيحي رهبانيت جي شڪل موجود هو. ان وقت ”صوفي“ کي سنت چيو ويندو هو. هندي
سنت لفظ انگريزي مان ورتل آهي. سنڌ جي قديم شاعري بيت، وائي يا ڪافي جي شڪل ۾ هجي.
توڙي سگهڙن جي لوڪ ادب واري هجي. منجهن الله ۽ رسول صلعم جي تعليمات جو ذڪر جڳهه
جڳهه ملي ٿو. گهڻن صوفي بزرگن، جيئن مولانا رومي، داتا گنج بخش ۽ ٻين پنهنجي حسن
ظن کي حديث جي نالي لکيو آهي.
صوفي شاعرن پنهنجي آفاقي ڪلام سان سنڌ جي ڌرتي کي امن ۽
محبت واري سڃاڻپ بخشي آهي. هنن انتهاپسندي وارن ناڪاري لاڙن کان بنهه بيزاري
ڏيکاري آهي. هن فڪري تسلسل سان جديد شاعرن پڻ پنهنجي شاعري سينگاري آهي. جهڙوڪ
نئين صراحي ۾ پراڻو شراب اوتيو آهي.
تصوف کي مولانا عبدالله سنڌي احسس ڪوٺيو ۽ خلق جي ڀلائي وارو لاڙو قرار ڏنو، موصوف جي
نئين فڪر سببان قدامت پسند عالمن طرحين طرحين تهمتون سهڻيون پيون.
سنڌ اندر صوفيني طريقت جا ڪيترائي سلسلا آهن. منجهائن وحدت
الوجودي ۽ وحدت الشهودي مشهور آهن. وحدت الوجودي فڪر وارا تذڪيه نفس، حق جي ڳولا،
محبوب محبوب جي وصل خاطر راڳ کي وسيلو بڻائين ٿا، گڏوگڏ وحدت انساني لاءِ قهر
ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون
ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اڀا ٽيئي
رانو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي
کهه ساڪاري راتڙي، جا پرين ري پيئي
مون کي ڏهڳ ڏيئي، ڍوليو ڍٽ قراريو.
شاعري ضرب المثل وانگي آفاقيت جو درجو رکي ٿي. آفاقيت مان
مراد ته شعر هڪ خاص طبقي تائين محدود رهڻ بدران سڀني جي سينن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي
وئي. شعر جي هن خاصت کي ڀرپور نموني اثرائتو بڻائڻ واسطي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ گهڻو
ڪري ويا ڪرڻي جي مضارع زمان کي استعمال ڪندو آهي. عربي جي گرامر (صرف ونحو) ۾ ٻه
زمان هوندا آهن: هڪ ماضي ۽ ٻيو مضارع مضارع صيفي کي the potential
tense به چيو ويندو آهي. مضارع
زمان ۾ حال present به هوندو آهي ۽ مستقبل future به هوندو آهي.
دني جي هر ليجينڊ شاعر پنهنجي ڪلام کي مضارع زمان ۾ اظهاريو آهي. شعر جي هن خوبي
(خاصيت) جي ڪري ان جي فقط هڪ معنيٰ نه پر ٻي معنيٰ به نڪري سگهي ٿي. اهڙي ٻولي
ادبي ۽ علمي ٻولي سمجهي ويندي آهي. الهامي ڪتابن کان علاوه يورپ ۾ جيڪڏهن ڪنهن
ڪتاب جون وڌ ۾ وڌ شرهون لکيون ويون آهن ته اهو ارسطو جو peotica آهي. ڊبليو هئملنن
فائفي جي تعارف 7 تفصيل واري پوئٽيڪا جي مطالعي مان چٽي ريت خبر پوي ٿي ته شاعراڻو
ڪلام اهو ڪمال جو آهي، جو مبهم هجي. ان معيار موجب سنڌي ٻولي جي نمائنده ڪلاسيڪي
شاعر شاهه عبدللطيف ڀٽئي جي شاعري ڪمال دجي جي نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ شاعري جو فني
گهڙت بيت جي اوائلي صنف واري آهي پر ان ۾ ذو معنيٰ (مبهم ڪلام) واري خوبي جماليات
جي جوهر وانگر آهي. هن خوبي جي برعڪس جي کليو اظهار ڪيو وڃي ته اهو شاعراڻو ڪلام
گهٽ 7 سياسي نعرو وڌيڪ لڳندو. نعريبازي واري شاعري جيتوڻيڪ عوام الناس ۾ ترت
مقبوليت ماڻي وٺندي آهي. پر ان جي متن جو اثر ڪن خاص حالتن ۾ ئي نمايان رهندو آهي.
پر ذو معنيٰ شاعري جو اثر هر دور ۾ نمايان ۽ مڃتا ماڻيندڙ آهي. شاعري جي هن لازوال
صفت جي ارسطو ڀرپور ويا کيا ڪئي آهي. پر هن جو طريقو بي جان يا مشيني (مڪينڪي) لڳي
ٿو. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي استاد افلاطون جي برعڪس جذبات بدران عام فهم تي گهڻُ زور
ڏنو آهي. هو شاعري کي نقل يا اهل ڪوٺي ٿو. ان لحاظ سان شاعر هن جي آڏو ڪاريگر يا
خلقڻهار آهي. ڏٺو وڃي ته ڀٽائي جيڪي بيت فارسي مان ترجمو ڪيا آهن. انهن ۾ پڻ گهڙت
۽ هيئت بلند پائي واري آهي.
نقالي جي ڪري يعني جي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو درس ڏين ٿا.
تصوف جا جدا جدا سلسلا هڪ ٻئي سان جهيڙي جهٽي واري حالت ۾ نٿا ڏسجن. ان جي برعڪس
مذهبي انتهاپسند هگڪ ٻئي خلاف جنگي حالت ۾ رهڻ کي ڇوٽڪاري جو باعث سمجهن ٿا.
مولانا رومي کان پڇي ويو ته صوفي پاڻ ۾ محبت سان رهن ٿا. مولوي پاڻ ۾ سدائين
وڙهندا ڇو آهن؟ چيائين صوفي ڪڪڙين وانگر آهن. هزارين ڪڪڙيون هڪ هنڌ آرامن سان رهي
سگهن ٿيون. پر جتي ٻه ڪُڪَڙ به گڏ هوندا پيا هڪ ٻئي سان وڙهندا. وجودي فڪر جي
ترجماني ڪندڙ ڪن اساسي بيتن جا مثال:
اچي آريءَ ڄام جو وڻ وڻ منجهان واس
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار
منجهيئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهيئي باغ بهار
ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو
مڙيئي مينڌرو
مئن سين ماڻٻو ڪونه مناسب مينڌرا
سوڍا! تو ور ساهه، نه ته راڻا گهڻا راڄ ۾
دل جو دلبر هيڪڙو، گهڻا تان نه ڪجن
دل به ڏجي هڪ کي توڙِ سو سڌون ڪن
سو چلولا چئجن، جي درد لائن دوستي اڀي اڀاريام، نکٽ سڀ نئي ويا
هڪ ميو، ٻيو مينڌرو سچي رات ساريام
زندگي ۽ فطرت جي لقائن جو عڪس هجڻ سببان ارسطو شاعري ۽ ادب
کي زندگي (خارجيت) جو عڪس سڏي ٿو. جيتوڻيڪ فطرت جي لقائن جو مشاهدو ڪرڻ سان انهن
جو الٿو ذهن ۾ داخل ٿئي ٿو، ۽ پوءِ شاعر مذڪوره الٿو ۾ پننجي پسند يا ناپسند منجهس
شمل ڪرڻ بعد ان جو نئون عڪس پيش ڪري ٿو جيڪو اصل
جو هو بهو نقل نٿو رهي. هن مقام تي شاعر پنهنجي سياسي 7 سماجي لاڙي کان پاڻ
کي آجو رکي شعر چوي ٿو ته اها لازوال تخليق ثابت ٿئي ٿي ۽ صضارع جي صيفي يعني ان
جو اثر حال سان گڏ ايندو هر دور ۾ برقرار رهندو. شاعري هجي، يا نٿر جي ڪا صنف اديب
مبالغ آرائي لٻاڙ کان خود کي گهٽ بچائي سگهندو آهي، پر ان ۾ ڪمال درجي جو هنر ۽
جماليات هئڻ سببا مصنوعيت جو احساس گهٽ ٿيندو آهي. تشبيهه ڪنايو اشارو يا علامت
تجنيس يا ٻيون خوبيون ڪلام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿيون.
ڪلام جي اشتقاق ادراڪ جي حس جو اهل شخص تي ڪلام جي گهرائين
کي ڇهي سگهي ٿو. ڀلي ڪيڏو به ڇو نه نقاد يا شاعر علمي قابليت جو مالڪ هجي پر هڪ
ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ شاعري جو منظوم ۽ تز ترجمو ڪري نٿو سگهجي. ان جو مثال ڏيئي
سگهجي ٿو. عير مادي وجود جهڙوڪ روح جيڪو شين جي تميز جو شعور آهي. جن، ڀوت، فرشتو
وغيره اهڙا آهن. جن جو ترجمو ڪرڻ ڏکيو نه پر ناممڪن نظر اچي ٿو ڏنل شين جا مٿال،
تشبيهون ڪنايا ڏيڻ سان ٻڌندڙ ڏنل شي سان اڻ ڏنل شي جو ٿليهي ليکي ادراڪ ڪري سگهي
ٿو، جڏهن ته ملائڪ، جن، روح يا ٻيون غير مادي وجود اڄي تائين ڪنهن نه ڏٺا آهن ته
پوءِ ڪيئن ئي اڻ ڏٺل شي جي وسيلي ڏٺل شين جي وضاحت ڪري سگهجي؟ البت، مذاهب عالم ۾ غير مادي وجودن بابت اعوائن
جي سچائي جو واحد ثبوت انهن بابت وحي يا الهام ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو سڀني تي نٿو
لهي. ان لاءِ ٻين يعني مقلدن کي نه سمجهه ۾ اچڻ جي باوجود عقيدي جو سهارو وٺڻو پوي
ٿ. انهن جي نظر ۾ جوهر پهريون مادو بعد ۾ آهي. انسان جو جوهر ان جي انا آهي ۽ ان
جي هجڻ سببا انسان اشرف سڏيو وڃي ٿو. افلاطون ان کي علم سڏي ٿو. انا واري صاحب فهم
کي لاگوس سڏيو وڃي ٿو. صاحب انا شخص وٽ روح جي ياداشت هوندي . گهڻا انسان چلو
ڪاٽڻ، ورت رکڻ، يوگا ڪرڻ ي ٻيو ڪو روحاني تجربو ڪرڻ سان وڃايل يا وساريل يادون
ٻيهر حافظي ۾ آڻڻ جا دعويدار هوندا آهن ۽ اهڙيون دعوائون ڪندڙن ۾ شاعر ۽ صوفي
حضرات پڻ شمل آهن. جن جي نظرين (دعوائن) کي مروج مذهبي متي جي خلاف سمجهڻ جي نتيجي
طور کين ڳريون سزائون ڏنيون ويون. سچل جي شاعري ۾ اهڙيون جهلڪيون نظر اچن ٿيون، هو
ڀاڳوند هو، جو مولوين کيس ڇڏي ڏنو. دعويٰ کان علاوه ٻي شي جيڪا شاعري ۾ پراڻن
خيالن جي صاحبن کي ککندي آهي. اها آهي لست، يعني مزو شاعري ۾ لزٽ وارو يا خوشگوار
احساس وارو پهلو جهيڪڏهن گهڻو هجي ته ان جي فحاشي قرار ڏنو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ لذت
پرستي جي نظريي جي حامين وٽ لذت پرستي پڻ اخلاقيات جو نظريو سمجهيو ويندو آهي.
جيڪو وڏي خير وارو ۽ انسان جي اعمالن جو مقصد آهي. اهو مقصد ئي ته مارئي کي ڪوٽن ۾
آٿت ڏيندو رهيو. هن جي ور سان وفاداري ۽ مارن جي سڪ ۽ اڪير هن جي اندر ۾ رت وانگر
گردش ڪري رهي هئي. هوءِ وڇوري ۾ پڻ وصل جي
لت سان مالا مال هئي.
ڀٽائي چواڻي ته:
سي ڪيئن ستوين سڏجن، جي ور وساري ويٺيون
سچل چوي ٿو:
عمر اڇا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪن ڪيئن
جهڙي آيس جيئن، شل تهڙي مارن ڏي وڃان.
علامه اقبال چوي ٿو:
دو عالم سي کرتي هي بيگانه دل کر عجب چيزهي لذت آشنائي
عملي زندگي ۾ انسان کي موقعا هٿ اچن ٿا ته هو ڀونئر وانگر
طرح طرح جي گلن مان واس وٺي ٿو انهن جو مٿال ڀٽائي اٺن سان ڏيئي ٿو. يعني اوڳي ذات
اٺن جي وڻ وڻ وجهن وات اٺ ڪنڊن وارين ٻوٽين ۽ ٻوٽن ۾ وات وجهي لذت وٺندو آهي. ڪنڊن
سان هن جي زبان ڇلجي ويندي آهي ۽ هن جو وات لذيذ خوراڪ احساس ڏياريندڙ آهي. پر
جيئن ته اٺ صورک آهي. هن کي لڳندو آهي ته اهو مزو ڪنڊن وارين لائين ۽ ٻوٽن جي اندر
آهي.
شاعر جڏهن فطرت جي هڪ هڪ شي (وجود رکندڙ) کي پرکي ٿو ۽ هر
لقاءَ جي پٺيان لڪل رازن ۽ اسرارن جو مشاهدو ڪرڻ جي اهل ٿئي ٿو ته سندس شاعري ۾ بلاغت
جي ڀرپور گونج ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. سچل فرمائي ٿو ته.
ڳليءَ چڱيءَ ۾ تال تماشو، چهچٽو چوڌار لڳو
حدين وڃي هر ڪو، لاحد وڃي پير
سچو سو فقير، جو لاحد لنگهي ويو
جان ۾ وڙيم پاڻ کي تان پاڻ پنهون آهيان
جنهن دل پيتا عشق دا جام، سادل مست و مست مدام
انسان زندگي ۾ توري جو هڪ پرين سان وچن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل رهي
ٿو پر هن جون اکڙيون اڇايل ئي رهن ٿيون. هيءَ ڀٽائي جي مشاهدي جو ڪمال تجربو آهي
جو چوي ٿو ته :
اکين ۾ ٿي ويهه ته توکي واري واريان
توکي نه ڏسي ڏيهه آءٌ نه ڏسان ڪو ٻيو
اهڙو پرين انسان ته نٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته انسان ڪمالات ۾
ڪنهن نه ڪنهن درجي تي کتل آهي. منجهس ڪونه ڪو نقص ضرور هوندو، جيڪو ڪڏهن نه ڪڏهن
نظر ضرور ايندو ڀٽائي انڪري پرين کي سبحان سان ڀيٽ ڏئي ٿو ۽ چئي ٿو ته:
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي عبدلطيف چئي مٽي لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي
جڏهن پاڻ رنداڻي رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿو ته:
روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم
اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسڻ ٿي پرين جو
جڏهن عارف اندر جي اک سان پنهنجو پرين کي سڃاڻي وٺي ٿو ته
پوءِ کيس ڳولڻ در در ڀٽڪڻ جي ضرورت ڪانهي
ڇاڪاڻ ته:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
ڀٽائي اهڙي منزل تي نظر اچي ٿو،
جنهن لاءِ چئي سگهجي ته:
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
پاڻ ئي جل جلال، پاڻ ئي جان جمال
پاڻ ئي صورت پرين جي پاڻ ئي حسن ڪمال
پاڻ ئي پير مريا ٿئي، پاڻ ئي پاڻ خيال
هن منزل تي ابن آدم انسان جي اشرف هئڻ واري درجي جو مقام
ماڻي وٺي ٿو ۽ هو الله جي نشانين مان هڪ نشاني جو ڏيک ڏئي ٿو.
وفي ڪل شي له
آيته
شعر جي هيئت جو بيان
ترتيب کي اڳتي پوئتي ڪري يا ان کي روايتي گهاڙيئي ۾ رکي شعر
جون فني گهرجون پوريون ڪرڻ ئي جماليات نه آهي. جمالياتي نظر ايندو بيهڪ سان گڏ فڪر
۾ به نواڻ ۽ نواڻ به وڻندڙ ۽ گڏوگڏ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان ڳورئپ، ذميدارين جي بار جو
احساس نه ٿئي. ٻي صورت ۾ شاعري پرچار، اشتهار يا پندنامو لڳندي ۽ جيئن ته زندگي هر
ايندڙ پل ۾ پهريون کان وڌيڪ پيچيده ۽ ڏکن ۾ اضافوڪندڙ ٿيندي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن اعري
به تهائين پريشان ڪندڙ هوندي ته اها وندر جي تقاضائن جي ابتڙ شمار ٿيندي. جديد شاعري
۾ جيتوڻيڪ نوان تجربا ٿيا آهن ۽ پڻ ٿين پيا، ان هندي منجهس مايوسي جي جهلڪ جهاتيون
پائيندي نظر اچي ٿي. هاڻيڪو خالصيتن جمالياتي شاعريءَ جي نمائنده صنف آهي، پر سنڌي
هائيڪو ۾ پڻ شام غريبان جو تسلسل برابر آهي.
شهر جي گنجان آدم ۾ فطرت سان ويجهو رهڻ واري خواهش جو پورئو
نه ٿو ٿئي. گهٽ پارڪن جو هجڻ، وڻن ۽ ساوڪ جي اصلوڪن نظارن جو فقدان، وڏين وڏين
عمارتن جو هجڻ گهرن ۾ کلئي اڱڻ ۽ باغيچي جي جڳهه جي گهٽتائي، راندين ۽ کيل تماشن
کان پري رهڻ جهڙي ماحول ۾ جمالياتي ذوق جي پورائي ڪيئن ٿئي؟ جيڪڏهن هيءَ طلب سنڌي
شاعريءَ مان پوري نه ٿيندي، مجبورن يا ارادتن ٻين ٻولين جي شاعري جو مطالعو ڪرڻو
پوندو، ٻولين منجهان سنڌي ليکڪ وٽ گهڻي چونڊ نظر نٿي اچي. سنڌي مان انگريزي ۾ اڇان تائين سنڌي ادب ترجمو ٿي عالمي
ادب جو حصو نه بڻجي سگهيو آهي. مترجم آڱرين تي ڳڻن جيترا به مس آهن، وس ڌڻين جي
تعليمي پاليسين جو نتيجو آهي. جو اقتدار
جون واڳون مراعت يافته طبقي تائين محدود آهن. ڪن شعرن جا مٿال، جن منجهان جمالياتي
خط وٺي سگهجي ٿو:
شرافت جي چادر ڪري زيب تن
بندن سان، خدا سن سڀن سان دغا
هن غزليا شعر ۾ فن ۽ فڪر پختو ۽ برجستو اظهار
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، منجهس موسيقيت ڀرپور هئڻ جي ڪري ٻڌڻ سان ۽ پڙهڻ سان فوري طور ياد
ٿيڻ جهڙيون سٽيون آهن. ويا ڪرڻ جي لحاظ سان هي بند ۾ اسم مضارع جو صيغو استعمال
ڪيو ويو آهي. ان سان فڪر ۾ آفاقيت ڏانهن اشارو ڏيندڙ ضرب الشل واري گهرائي نظر اچي
ٿي.
عمر گهري ٿي حساب مون کان
گهڙي گهڙي جو حساب مون کان
جيئن ته، زندگي جاگيرداري ۽ قبائلي سماج صنعتي سماج ڏانهن
وڌندڙ اوسر جي بنهه اوچتو رونما ٿيندڙ تبديلين جي تيز تر طوفان ۾ سادي شڪل منجهان پيچيدي شڪل اختيار
ڪندي رهي ٿي. ان لاءِ موقعن مان نااهليءَ يا ڪنهن عذر سببان تبديلي سان مطابقت
پيدا نه ڪرڻ جو احساس فرد جي اندر ۾ کيس اڏوهي وانگر کائيندو رهي ٿو. موقعو هٿان
نڪري وڃڻ جو رنج، بدامني، هٿ، کيس، دهشتگردي جي مستقل خوف انسان جو سک آرام ڦٽائي
ڇڏيو آهي.
* ورکا نيڻ وسن ( غزليه شاعري جو مجموعو). مصنف نصير سومرو،
ڇاپو 1999ع. بلال پبليڪيشن هنڱورجا
* پرهه ڦٽي جي ماڪ ڦڙا (شعري جو مجموعو). مصنف ۽ ڇپائيندڙ
ايضاَ. سن 1997ع.
انسان جو مورک پڻو ۽ ڀل چڪ جو نتيجو پيريءَ ۾ پريشاني جو
سبب بڻجي ٿو. جواني ۾ انسان کي ڪا نصيحت
ڪا نه وڻندي آهي. تجربي جي کوٽ مطالعي کان پري هئڻ پهتريءَ ڏانهن وڌڻ بدران جذبات
جو ٻانهو ٿي نفس (خودي) کي دل آزاري ٿيڻ تي ڪڏهن ته ضمير سجاڳ ٿي کيس ٻنجهوڙيندو،
ڪڏهن ته پڇتاءُ جو موقعو نٿو ملي، مهم جوئين جي نتيجن خطري ۽ تضادن ۾ پاسي پوڻ سان وسيل گهر ڦٽي ڀڙڀانگ ٿي
وڃن ٿا. گهڻن جي زندگي ولايت جي جيل ۾ ڳري وڃي ٿي، پهريون کان بهترين زندگي جي
ڳولا ۾ بنهه ماڻهو ئي وڃائجي وڃي ٿو. مطلب ته ماڻهن جي مختلف ۽ ڪڏهن هڪجهڙين
ناڪامين جو ناڪاري اثر کين مونجهارن جي کڏ ۾ اڇلائي ڦٽو ڪري ٿو پوءِ:
لايموت ولايحيا
(اهڙا ماڻهو) نه مرن ٿا ۽ نه ئي جيئن ٿا.
مٿئين شهر جي گهڻن رخن سان تشريح ڪري سگهجي ٿي. ان جي هوندي
به شعر جي مختلف دورن ۾ ۽ مختلف سطحن جا ڄاڻو شارح مختلف تشريح ڪري سگهن ٿا شعر کي
هيءُ مقدس درجو نٿو ملي سگهي Verse جي معنيٰ آيت
آهي ڀٽائي پنهنجن بيتن بابت چوي ٿو:
جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن
هن بيت کي عثمان علي انصاري مرتب ڪيل پنهنجي ”شاهه جو
رسالو“ مان خارج ڪيو آهي ۽ جڏهن ته ٻيا شارح ڀٽائي جي سمورن بيتن جي تشريح چاڻيايل
بيت جي ئي آڌار تي ڪندا آيا آهن ”جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن“ مان شعر جي هڪ
جمالياتي خوبي هيءَ به آهي ته شعر جي سٽ يعني مصرع مڪمل معنيٰ ۽ مفهوم ڏيندڙ جملو
به آهي. هن خوبي جي ڪري، جيئن آيت ياد ٿي ويندي آهي. تئين شعر پڻ ياد ٿي ويندو
آهي. ڪڏهن ته، شعر يا بيت جي سٽ پڙهڻ يا ياد ڪرڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿيندي
آهي. مثال طور:
دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس (شاهه)
ڀري جا پيٽ ڪنهن هڪ جو اها آسودگي ڪهڙي
(تاجل بيوس)
اٿاهه ڪيڏو، ته به ته اڪيلو
تڙڦي تڙپي، سمنڊ چوي ڪجهه (واسديو موهي)
توکي ڳولين ٿو لالٽين کني
سج ڪاپاري تي چڙهيو آهي (ايضاَ)
ڪيڏا طوفان لڙ کڙائن ٿا
گاهه جو هي بدن ٺهيل سوڇا! (ايضاَ)
ڪنهن ته ڄر جي ڪري پگهر جان ٿو
مون اڳيان ڪونهي ڪجهه ٻريل، سوڇا!
توکي ڪوشش ڪري پڙهي ويندس
تون لڳين ٿو ٻنو پسيل، سوڇا! (ايضاَ)
ڪو غزل، زهر ڪونه اوڳاڇي
منهنجو هر لفظ آ ڪکيل سوڇا! (ايضاَ)
شاعري جي جهڙي به صنف هجي، جيڪڏهن حسيت ۾ نواڻ هجي ۽ گهڙي
پل دنيا جي ڀيڙ مان من سک جو سنسار سميئي آڻ ورهايل هئڻ جو احساس ڏياري ته اهو
تصور رونما نويت جو آئينديدار چئبو، رومانويت جماليات آهي. جيڪا انسان کي ذميدارين
جي بار هيٺان دٻيل لاشعور کي جاگائي ان مان آنند وٺي ٿو، فني هيئت جو پتو غزل جي
نون نون رديفن مان نجوبي پوندو آهي. ان ڏس ۾ وطن کان وڇڙي وڃڻ جي غم ۾ غزل جو منفرد لهجو رکندڙ نون ۽ انوکن رديفن کان متعارف ڪرائيندڙ شاعر راسديو
موهي جي غزليا شاعري منجهان ڪن ٻين تخيلن جا زلف لهرائي ڏسون ٿا:
درجي چانئت اڳيان جبل، سوڇا!
هن سان رشتو رهيو ٽٽل، سوڇا!
مرڪ چپ تي رکيل اٿس هر وقت
ائن سڄو اٿل پٿل سوڇا!
ڪيترا هٿ اچي ملن هن سان
ته به رهي ٿو رٺل رٺل، سوڇا!
پنهنجي و چ ۾ ضرور آ ڪو ٽيون
ڀل نظر کان هجي لڪل، سوڇا!
ڪو به ميدان پار ڪونه ڪيم
پر هجان ٿو ٿڪل ٿڪل سوڇا!
مان ڪٿان سر ڪڍي گهي ويندس
هو لڳي ٿو ڀت جيان اٽل، سوڇا! (چهنب ۾ ڪک)
شعر جو داخليت
سان تعلق آهي، پر ان جو تخيل اسان خارجي لقائن منجهان حاصل ڪندا آهيون. تخيل
انساني تجربي جي حاصلات آهي. سونهن جو ادراڪ جيتوڻيڪ نسبتي ٿئي ٿو، تڏهن به
منجهائنس جمالياتي، خط يقينن ملي ٿو، ڪن مذهبي گروهن ان کي عقيدن جي آڏو بيهاري تڪراري بڻائي ڇڏي ٿو،
جمالياتي خط جي جڳهه خوف والاريندو آهي ۽ هيءَ اسناني ڪمزورين مان وڌڏي ۾ وڏي
ڪمزوري آهي ڏسجندڙ پرفارمنس آرٽ ۾ حسن جي پهلو کي باڊي لئنگويج ۽ تاٿرات جي ذريعي
به اجاگر ڪري مشاهدو ڪندر اک يک تسڪين پهچائي ويندي آهي. هن مامري ۾ آسڪرپٽ سان گڏوگڏ آرٽس جي
پنهنجي ڪارڪردگي گهٽ يا وڌ معيار جي جي ليڪن مٿس اثر انداز ٿئي ٿي آرٽ ۽ ادب ۾ کل
ڀوڳ کان وڌي ٽريجڊي تزڪيه نفس ۾ مددگار ٿابت ٿئي ٿي. ڪاميڊي ظآهري طور تي خلاف عام
فهم عمل سرزد ٿيڻ سان ڏسندڙن کي کلڻ تي مجبور ڪندو آهي، پر منجهس پڻ تريجدي لڪل
هوندي آهي 7 ان جي پڄاڻي رئڻهار ڪو ڪري وجهندي آهي. عملي زندي ۾ بنه ڏٺو ويو آهي
ته ماڻهو (مرد / عورتون) جبرن چپن تي مرڪ آڻي دل جا دک لڪايا ويندا آهن. ان کي
نفسياتدان چوندا آهن، بهرحال، ڪاميڊي توڻي ٽريجڊي شعر جي وجر (نرواڻ پڻ) واري
ڪيفيت منجهان جنهن ۾ جذبات جي شدت لاوا وانگر ٿيل هوندي آهي. جمالياتي خط ملي ٿي.
هيءَ تخيل جي پرواز ئي آهي، جيڪا شعر ۾ وجداني ڪيفيت آڻي ٿي.
دنيا داري جو
ڦيٿو اقتصاديات، سياست ۽ سماجيات جي چوڌاري َرندو رهي ٿو. پئسو ڪيئن ٿو ڪمائجي؟
سياست جو جوڙ توڙ کانسواءِ ان جي ونڊ وڙڇ ممڪن نه آهي. لڏ پلاڻ پکين جي هجي، خواهه
ماڻهن جي، مسئلو معاشي آهي، ٿڌ، ڪڏهن گرمي، موسم جي يا سياست جي حالتن جي نشاندهي
ڪري ٿي. وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا، مشرق بعيد جي دور دراز علائقن جا لوڪ ٻارين ٻچين سنڌ
۾ اچي پنجاهه وٺن ٿا. 1979ع ۾ روس جون فوجون افعانسان ۾ لٿيون. ايران ۾ خميني
اسلامي انقلاب آڻي چڪو هو. ان طرح آمريڪا، يورپ سميت سڄي دنيا جي سياست ۽
اقتصاديات جون رانديون ڏکڻ ايشيا ۾ کيڏجڻ لڳيون جيستائين سوويت ٽٽي نه هئي.
تيستائين القاعده ۽ طالبان جي ويڙهه کي اسلامي جهاد ڪوٺيو پئي ويو، پر نوي واري
ڏهائي ۾ سوويت کي زوال اچي چڪو هو. مجاهدن جون سرگرميون اهل ڪتاب ڀائرن کي عير
مطلوب ٿي پيون. ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ ۽ وطن عزيز مٿان اقتصادي پابندين جو نتيجو
آمريڪا جي ڳچي ۾ پئجي ويو. سن 2001ع ۾ نائين اليون عالمي قوتن کي لوڏي وڌو، سوشلزم
جي خاتمي بعد ۾ يورپ نيٽو کي ختم نه ڪيو، عراق ۽ افغانستان جون طاق جي زور تي
حڪومت ختم ڪيون ويون. هن طرح ڏکڻ ايشيا هڪ دفعو ٻيهر عالمي قوتن کي رت جو خراج ڏيڻ
تي مجبور ٿي پيو. پاڪستان طالبان جي حمايت جو فيصلو واپس ورتو، ان جي دوران سرحد ۾
ترقي پسند پارٽي سمجهي ويندڙ اي اين پي خاموش رهي. پشتو ۽ افغان ۾ ڪو تفاوت نه پئي سمجهيو ويو، چاليهه لکن کان
مٿي افغان شهري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد ڪيا ويا. سنڌ جا قوم پرست بيانن جي حد تائين
ڌاري آبادڪاري جي خلاف مخالفت ڪرڻ کانسواءِ گهڻو ڪري اڻ ڌريا رهيا جيئن سنڌ جا
گهڻي وقت کان پٺاڻن جي اڳواڻن سان گهاٽا ناتا رهندا آيا آهن ان جو نتيجو چئون نه
چئون پر سنڌ اسيمبلي ۾ پٺاڻ سنڌين جا نمائندا بڻيا ويٺا آهن. هاڻي ته طالبان ۽ اي
اين پي وچ سوات ۾ شريعت جي نفاذ بابت ڪو تفاوت نظر نٿو اچي. هن سڄي صورتحال ۾ سنڌ
جو شاعر ڪيئن ٿو سوچي؟ ان بابت نوي جي ڏهائي کان هينئر تائين ڏسبو ته سنڌ جو سڄاڻ
لڏو سياست جي بدبودار وايو منڊل ۽ ويڙهاڪ قوتن جي ڪردار جي ڪارنهن کان پنهنجو پاند
داغدار ٿيڻ کان بچايو پيو اچي. اجتماعيت جي محرڪ جذبن انفراديت جي آزاد خيالي ۾
پناهه ورتي آهي. هاڻي آغا سليم ۽ امر جليل قوم پرست ڌرين کي ڪونه ٿا وڻن. البته
رسول بخش پليجي ۽ قادر مگسي جو مولوين سان گڏجڻ تي کين ڪو اعترض نه آهي. ڀٽو جي
پيپلزپارٽي ختم ٿي وڃڻ جي گمان ۾ ممتاز علي ڀٽي قبائلي دور ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ڀٽو خاندان جي وارثي جا اشوز اڀاريا
آهن. سوشلزم جي حامي سياستدانن کي سرداري وارو نظام وڻي ٿو، جو سنڌ ۾ فرنٽ جو هجي.
توڙي سرحد ۾ طالبان وارو اي اين پي جو هجي.
پاڪستان جي 1973ع وري آئين ۾ متضاد شقون موجود آهن. يعني ته
ڪو به قانون جو انساني حقن جي خلاف هوندو ته باطل سمجهيو ويندو. اٺين ترميم موجب
ڪو به قانن، جو قرآن، سنت جي خلاف هوندو ته اهو رد سمجهيو ويندو. تضاد پنهنجي جاءِ
تي موجود آهي. هڪ طرف انساني حقن جي پاسداري واريون ڪورٽون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ٻئي
پاسي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل پورو ڇوٽ ڪم ڪري رهي آهي. ان طرح، سوات ۾ به شرعي
نظام عدل نافذ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته، ملڪ جي ٻني علائقن ۾ سيشن ڪورٽون، هاءِ
ڪورٽون ۽ سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. ڇا ٻحئي نظام جو فرد جي ذهن تي اثر
نه پوندو؟
سماج ۾ تضاد ۽
تفاوت جا ڪيترائي مثال نظر اچن ٿا. ڊفينس ۾ ڪلفٽن جي علائقن ۾ گهر ۾ ڏهه ڀاتي ٿا
رهن ته ڏهن کي ئي موٽر ڪاريون آهن. اعظم بستي ۽ محمود آباد ۾ گهر ۾ موجود ڏهن
ڀاتين مان هڪڙي وٽ ه موٽرڪار نه آهي.
آئن سٽائن عمر جي آخري حصي ۾ ٿيوري آف رليٽوٽي ۽ هيزلس برگ
جي پرنسپل آف ان سرٽينٽي جي وچ ۾ موجود تضاد کي دور ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي.
کانئس اڳ نيوٽن به سائنس ۽ سينٽ جان جي تعليمات جي وچ ۾
موجود تضادن کيدور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
نواب اڪبر بگٽي هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي انٽرويو ڏيندي متضاد
ڳالهيون ڪيون پئي. يعني هو نوابي، سرداري تي مشتمل قبائلي سرشتي جي به حمايت پئي
ڪئي ۽ ترقي پسند خيالن ۽ جدوجهد ۾ پڻ ويساهه جو اظهر ڪيائين. ان جو سبب پڇڻ تي
چيائين“ تضاد ته فطرت ۾ به آهي“.
ذوالفقار علي ڀٽو
کي اڪاڊمي ادبيات جي هاڻوڪي چيئرمين مانواري فخرالزمان اديبن جي سهائتا لاءِ اداري
کولڻ جي تجويز ڏني هئي. ان تجويز جي روشني ۾ اڪاڊمي ادبيات پاڪستان جو قيام
عمل ۾ آيو. ان ڳالهه جو اظهار موصوف ڪرچي
۾ کيس انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان ڏنل آجياڻي ۽ ٻئي ڏينهن يعني 11 فيبروري 2009ع
تي ڀٽ شاهه جي ميلي جي موقعي تي ڪيو.
اتني سنسان شاهراهين
اتني گنجان قتل گاهين
جن سي آئي هين هم گذر کي
آبله بن ڪي هر قدم پر
يونپائون کٽ گئي هين
رستي سمٽ گئي هين
سفر جي دوران پنهنجي محبوب (وطن) کي
ساريندي فيض چوي ٿو،
مخملين اپني بادلون ڪي
آج پائون تلي بجههادي
شافي کرب رهروان هو
اي شام مهربان
اي مه شب نگاران
اي رفيق دلفگاران
اس شام هم زبان هو
ي شام مهربان هو
اي شام شهرياران
هم په مهربان هو.
فيبروري جي سترهين تايخ 2009ع تي اڪاڊمي اديبات، ثقافت ۽
سياحت کاتي ۾ فڪشن گروپ آف پاڪستنا طرفان فيض جي ياد ۾ منعقد ٿيل پروگرام ۾ شرڪت
ڪئي جيتوڻيڪ پروگرام ۾ گهڻن ماڻهن جي حاضري نظر ڪانه آئي پر جيترا به آيا هئا.
چونڊ اديب، شاعر ۽ نقاد وغيره هئا. هنپروگرام ۾ سڀني ڳالهايو، پر مون کي نذير چنا
جي انگريزي ٻولي ۾ في البديع تقرير موهي وڌو، سائين انگريزي اخبارن ۾ لکندو آهي ۽
ڪتابن جا انگريزي ۾ ترجما پڻ ڪيا اٿس، متان! ڪو ائين سمجهي ته سنڌين کي انگريزي
ڳالهائڻ ۽ لکڻ نٿي اچي.
شهيد بينظير ڀٽو کي ڏنل منظوم ڀيٽا رکيل مورائي سهيڙي
پڙهندڙ جي هٿن تائين پهچايو آهي، چار سئو اٺاسي صفحن تي مشتمل، عمده ڇپائي پڌرو
ڪيو ويو آهي. ساڳي کاتي پاران رکيل مورائي جوسچل سرمست جي فن، فڪر ۽ شخصيت بابت
مضمونن جو سهيڙيل ڪتاب سنڌ جو سرمست ڇپيل آهي.
اڳ ثقافت کاتي جي
”ڪتاب گهر“ ۾ڪتاب ڏسي رهيو هوس، پيپلز پارٽي جو هڪ غريب ڪارڪن، لياري جو پئي لڳو،
دير تائين هڪ رسالو (ماهوار مخزن) ڏسي رهيو هو. تصويرن ۾ هن جي محترمه بينظير ڀٽو
سان گڏ تصوير ڇپيل هئي.. اها تصوير وٽس کيسي ۾ پڻ هئي، جا مون کي ڏيکاريائين جڏهن
ڪتاب گهر هلائيندڙ کي مفت مخزن ڏيڻ جي گذارش ڪيائين. کيس مايوسي ٿي. مفت مخزن ڪيئن
ملي! ”مان جي مئس پنڌ ۾“ شامل شاعرن کي هڪ اعزازي ڪتاب گڏوگڏ ان جو اعزازيو ملڻ
گهرجي.
ڪاپي رائيٽس رجسٽريشن جي قانون کي سرڪاري ۽ پرئيويٽ ادارا
يقيني بڻائين، ليکڪن ۽ شاعرن کي انهن جي لکڻين جو اعزازيو عزت ڀريي نموني ادا ڪيو
وڃي.
جينيس ليکڪ پئسن لاءِ ڪونه لکي ٿو، بزنس جي لحاظ سان ڏسجي
ٿو، ڪتاب جي ڇپائي جي هر هٿ کي پورهيو ملي ٿو، ليکڪ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ سرڪار ٻين
معاملن ۾ جيئن آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ پئٽرولڪ، سون ۽ ٻين وکر جي قيمت وڌڻ سان هت
به قيمتون وڌائي مهانگائي کي وڌائين ٿا، تيئن ٻاهر جي روزاني اخبار، ماهوار ۽
هفتيوار محزنن ۽ ابلاغ جي اليڪٽرانڪ وسيلن وانگر پان وٽ به ليکڪن شاعرن ۽ آرٽسٽن
کي انهن جي پورهئي جو ملهه ڏياري .
صوفياڻي گيان ڏانهن کڄندڙ پيرن جا نشان
هنن مهان شخصن مطلق العناني جي جمود کي ٽوڙي خلق خدا کي
ڇوٽڪارو آهي. انهن جي تعليم، درس ۽ عمل کي امن ۽ محبت جي پڌرنامي واري حيثيت حاصل
آهي. سنڌ ڌرتي ڪيئي اهرا سنت، سوفي، سيستدان، شاعر، فلسفي ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن.
انهن سنسار جي ناٽڪ گهر ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردارذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي نڀايو.
ڪهڙي به مصيبت آڏو آين، ڊڄي پريم جي پيغام واري پرچار مان هٿ ڍرانه ڪيائون.
سنڌ ۾ قديم زماني کان فاتح ايندا رهيا آهن. هڪڙا لشڪر ساڻ
ڪري اچي ڪڙڪيا. ٻيا لشڪر سان گڏ ڪن درويش صفت ڏاهن کي پڻ وٺي آيا، جن پاڻ سان
درويش صفت ڏاهن کي پڻ وٺي آيا، جن پاڻ سان درويش رکيا ۽ انهن وحدت انسانيت جي
تعليم ڦهلائي، گمان ڪري سگهجي ٿو ته انهن جي نيت ۾ رڳو مفتوح قومن جي ڦرلٽ ۽ رٿو
ڇاڻ نه هجي. هيءُ گمان آهي. جيستائين منفي پڻو ثابت نه ٿئي، تيستائين سٺو گمان رکن
گهرجي. عربن جا اسلام کا آڳاٽي دور ۾ پڻ هند ۾ واپار سانگي اچ وڃ جا حوالا ملن ٿا.
ساڳي ريت قبل مسيح يوناني سڪندر اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ اسان کي ڏنڊي جي زور تي تهذيب
سيکارڻ آيا. پر، جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين ته سٺو گمان پڻ رکڻ گهرجي سو، هڪ حوالو
يوناني شهزادي سڪندر اعظم بابت وقتائتو لڳي ٿو، اهو بيان ڪريون:
If l were not Alexander, l would be diogenes. (جيڪڏهن آءٌ سڪندر نه هجان ها ته جيڪر ڊايو جينس
هجان ها.)
چون ٿا يونان جو فاتح شهزادو سندڪر اعظم مجذب فلسفي ڊايو
جيندس جي هاڪ ٻڌي ساڻس ملڻ ويو کانئس پڇيائين، جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي طلب هجي ته هو
کيس مهيا ڪري ڏيئي ورندي ڏيندي ڊايو جينس چيس ، هڪ شيءِ جي ضرورت آهي:
That you stand out of my sub a little ( سامهون کان ٿورو هٽي بيهه! سج جو تڙڪو نٿو
اچي)
ارسطو جو قول آهي. Either a beast
or a God.
ماڻهوءَ تي منحصر آهي ته هُو مرون ٿئي يا ديوتا.
هيءَ ڳالهه سڀني جي تسليم ڪيل آهي ته هر شخص مٿان ڪي
ذميداريون عائدٿيل آهن. انهن ذميدارين کي پورو ڪرڻ لاءِ فطرت طرفان هن کي ارادو،
اختيار عضوا ۽ حواس ڏنا ويا آهن. جيڪڏهن عضون ۽ حواسن جي هٿيارن کان درست ڪم نه
ورتو ويو ته کانس پڇاڻو ٿيندو.
”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ جي اصول پٺيان ڪا طاقت ڪارفرما آهي ۽
ان طاقت اڳيان سڀ ماڻهو برهمڻ هجن يا هيڻا، شاهوڪار هجن يا سڃا، عالم هجن يا جاهل
عاقل هجن يا پاڳل، ديندار هن يا دنيادار برابر آهن. هن وحدت انساني جا علمبردار
انسان دنيا جي هر سماج ۾ وقتن فوقتن پيدا ٿيندا رهيا آهن. هنن مهان شخصن مطلق
العناني جي جمود کي توڙي خلق خدا کي ڇوٽڪارو ڏيارو آهي. انهن جي تعليم، درس ۽ عمل
کي امن ۽ محبت جي پڌرنامي واري حيثيت حاصل آهي. سنڌ ڌرتيءَ ڪيئي اهڙا سنت، صوفي،
سيستدان، شاعر، فلسفي ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن. انهن سنسار جي ناٽڪ گهر ۾ پنهنجو
پنهنجو ڪردار ذاتي مفاد کان مٿاهون ٿي نڀايو. ڪهڙي به مصيبت آڏو آين ، ڊڄي پريم جي
پيغام واري پرچار مان هٿ ڍرا نه ڪيائون. سائين جي ايم سيد ڪنور رام ڀڳت بابت مضمون
۾ لکي ٿو:
”ڳوٺ ڳوٺ ۾ گرد وارا، ٽڪاڻا، اداسين جون سماڌيون ۽ آستان
هئا ۽ آهن جن جي ذريعي پريم جي پيغام پکڙيو. سنڌ به ڪيئي سنت پيدا ڪيا، جن جو ڪلام
هندن توڙي مسلمانن ۾ پکڙبو ويو.“ سنڌ ۾ رڳو سيد ئي سنت نه ٿي گذريا آهن. هڱورجا ۽
حسن کيداڻي جي مزار آهي. هو ذات جو سومرو هو. کيدو مست، ملنگ، درويش کي چيو ويندو
آهي. اهڙا فقرائي سڀاءَ وارا انسان گهر گرهستي جي زندگيءَ کان پري رهندا آهن. هوند
سنت لکن جي تعداد ۾ اڄ به هندستان ۾ موجود آهن هر ٻارهن سالن بعد ڪنڀ ڪڙڇ مان سياح
وڏي تعداد ۾ ايندا آهن. هيءُ ڪنڀ جو ميلو
به مسلمانن جي حج وانگر آهي. سنڌ اندر ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو، سيوهڻ ۾
لعل شهباز قلندر جو، درازا ۾ سچل سرمست جو، ۽ ٻين هنڌن تي درويشن جي مزارن تي ميلو
هر سال لڳندو آهي. ڪيتريون ئي گاديون يا درگاهون سرڪار جي اوقاف کاتي جي وارثيءَ
هيٺ آباد آهن. سيوهڻ شروع ۾ شِوَ جو آستان هو، جيڪو اُچار بدلجي سيوهڻ سڏجڻ لڳو.
قلندر جو ڪلام فارسي ٻوليءَ ۾ موجود آهي. ان جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيو آهي.
آءٌ ذاتي طور مزارن تي وڃڻ ۽ روايتي طور کانئن مدد مٺڻ ۽ منتون يا سُکائون باسڻ جو
قائل ڪونه آهيان. البته، انهن جي شاعراڻي انداز ۾ پيغام کي آفاقي قدرن جو حامي
مڃيندو آهيان. ڀٽائي جي ڪلام جون ڪيتريون ئي شر حون لکيون ويون آهن. پر قلندر بابت
زياده تر ٻڌ سڻ واريون روايتون مشهور آهن. پر هڪ ڳالهه جا ڌيان طلب آهي ته زندگيون
خلق جي خدمت ۾ سيڙپ ڪيون هئائون. مون پنهنجي زندگي ۾ ڪن شخصيتن کي ڏٺو آهي، منهجن
اهي ڳالهيون نظر آيون جن جو ذڪر تصوف ۽ صوفياڻي مسلڪ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪاليج جي
ڏينهن ۾ آءٌ سڄڻ سائين جي درگاهه واقع ڪنڊيارو۾ ڪڏهن ڪڏهن دوستن سان گڏجي ويندو
هوس. يونيورسٽي جي ڏينهن ۾ هر سال ڄامشورو مان سن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾
ويندو هوس. مون جيڪي به سائين جا ڪتاب پڙهيا هئا، انهن ۾ تصوف، جاڳرتا ۽ حق سچ جي
پرچار ۽ وحدت انساني لاءِ عملي جدوجهد جون جهلڪون نظر آيون. سائين جي سياست
(منهنجي نظر ۾) پروٽوڪول واري شاهاڻي زندگي گذارڻ لاءِ ڪانه هئي. هُو صوفي منش
انسان هو، ان حوالي سان سائين جو مان جهڙو اڳ معتقد هوس، اڄ به آهيان. جن ڳالهين
جو سائين سڄي زندگي قيد ۾ گذاريندي پرچار ڪيو هو، ان جون شاهديون اڄ چٽيءَ ريت
انتها پسنديءَ ۽ دهشت گرديءَ خلاف ويڙهه ۽ تحريڪ منجهان نظر اچن ٿيون. گهر ۾ مون
پنهنجي والد محترم الله بخش سومري درويشاڻي زندگي گذاريندي ڏٺو. ساڻس گڏجي هڪ بيرو
لاڙڪاڻي مولانا مشوري جي درگاهه تي پڻ ويو هوس. هونئن اسان جا وڏاهينئر به
حيدرآباد لڳ پير عبدالوحيد جان سرهنديءَ وارن جي روحاني سلسلي ۾ جڙيل آهن. ڪراچي
اندر مون ايڊوڪيٽ نورالدين سرڪيءَ کي صوفي ۽ سنت صفت انسان ڏٺو. ساڻس صحبت ۾ ڳچ
وقت رهيس ۽ گهڻو ڪجهه پرايم. منهنجو والد وحدت الشهودي لڏي سان وابسته هو. هن
اسلامي شريعت تي ساري ڄمار عمل ڪندي گذاري. نورالدين سرڪي وجودي هو. آءٌ به وجودين
جي ويجهو آهيان.
شهودي صوفين وٽ شريعت آهي ۽ وجودين وٽ راڳ ۽ ڀڳت آهي. ڀٽائي
۽ قلندر ٻئي وحدت الوجودي صوفي هئا. مون ٻڌو آهي ته سرهندي پير گهر ۾ ڀٽائي جي
رسالي جو دور(تلاوت) ڪرائيندا آهن. گرونانڪ، ڀڳت ڪبير ۽ ميران ٻائي جو ڪلام ملي
ٿو. اهي تارڪ الدنيا هئا. ساڳي طرح جا تارڪ سنت عيسائيت ۾ ٽي گذريا آهن. سنت لفظ
پڻ انگريزي لفظ saint مان ماخوز آهي. ڳائڻا پيرن ۾ گهنگهرو ۽ ڇيريون پائي نچندا هئا ۽
اڄ به سنڌ ۽ پنجاب اندر ميلن ملاکڙن ۾ ناچو ۽ ناچڻيون ڳائيندا ۽ نچندا آهن.
پاڪستان جي چئن صوبن ۾ صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن ۽ ڪمال درجي جو اتفاق چئبو ۽ جوانهن
جي وحدت الوجودي تعليم ۽ عمل ۾ هڪ جهڙائي نظر اچي. جڏهن ته وحدت الشهودي فقهه جي
چئن مسلڪن ۾ ورهايل آهن. هن وقت، سنڌ ۾ مڙهيون، ٽڪاڻا ۽ آشرم ورهاڱي کان پهريان
وارا موجود به آهن. وجودي صوفين کي گهڻي قدر مجذوب ۽ مست سمجهيو ويندو آهي. هو غير
ڏکوئيندڙ زندگي گذارڻ پسند ڪن ٿا. ويڙهه جي قائل تفرقن جي نظر ۾ جو ڪوئي به ساڻن
سهمت نه آهي واجب القتل آهي. سني شيعا تڪرار ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن. شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ ڪيترن شاعرن ۽ عالمن کي مجذوب ڄاڻايو آهي. سقراط يا
ساڪرٽيز، سونڊنسبرک، نپولين بوناپارٽ، جانسن، ڪوپر، شيلي ۽ ٻيا انهن ۾ شامل آهن.
دانشوراڻي چريائپ لاءِ لفظ جينيس استعمال ٿيندو آهي. سنتن
لاءِ مقدس پاڳل پڻو جو اصطلاح ڪتب آندو ويندو آهي. انگريز شاعر ڪولرج آفيم کائيندو
هو. گهر ڦٽي ويس. وليم ورڊس ورٿ جي گهر ۾ رهندو هو ۽ هنجي سالي سان عشق ڪندو هو پر هن وليم ورڊس ورٿ جي
خلاف تنقيدي ليک لکيو. هڪ ڊاڪٽر کيس گهر ۾ مهمان ڪري رکيو ۽ اتي وفات ڪيائين. سنڌ جو مشهور شاعر ثابت علي شاهه ڀنگ
پيئندو هو. ڀنگ جو نالو عينڪ رکيو هئائين. پيئڻ کانپوءِ في البديهه شعر چوندو هو.
وجودي شاعرن وٽ ڪي عجب جهڙا خيال ملن ٿا. فارسي جي شاعر مولانا جامي جو شعر آهي.
(عقل جي طريقي کان پري ٿي ڇو ته عشق جي طريقي ۾ سياڻپ چريائپ آهي ۽ چريائپ وري
ڏاهپ آهي) گهريلو زندگيءَ کان پري صوفين ۾ محرومين ۽ ويساهه گهاتين سببان باغي
خيال جنم وٺن ٿا ۽ انارڪسٽن وانگر هر منظم اداري ۽ نظام جي خلاف يگاني يعني ويڳاڻپ
واري زندگي گذراريندا آهن قلندر شهباز جو پڻ اهڙن صوفين ۽ سنتن ۾ شمار ٿئي ٿو.
پَڌر وِجهِي پاڻ کي، لالَن پاڻ لِڪايو.
بَنگُلي ۾ آدمَ جي، ساڄَنُ پاڻ سَمايو.
سوئِي چَوندڙ، سوئِي ٻڌندڙ، ڪيائيِن ڪونهَ ڪِنايو.
”مَاراءيتُ شيَئاَ اِلا ورايتُ اللهَ فيه“ فائقِ اِئين
فرمايو.
”لَوکَفا الغِطَاء مَازت يَقِيناَ“، حيدر هِي رنگُ لايو.
مَاڻهوءَ جي مَظهَر ۾، آڻي سو نِينهنَ نِوايو.
”سچوءَ“ جي صِفَت ۾، الله اِئين الايو.
(حضرت سچل سرمست)
ڏاهپ جي پيڙهه علم آهي پر اسان علم کي به ورهائي ڇڏيو! ديني
علم…. دنياوي علم. جن
مغربي ڏاهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري تعليم پرائي، تن کي باطني يا روحاني علمن جي
خبر ڪانهي. جن کي ديني ۽ باطني علم آهي، تن کي وري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو پتو
ڪونهي، ٻنهي جي پورڻتا وقت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو
شهيد مغرب ڏي جهڪاءُ رکندڙ هئي، پر هن جي ويزن ( بصيرت) مغرب جي مفاد وٽان نه هئي.
هن ول ڊيوران؟ٽ وانگر چئي ڏنو ته مغرب کي مشرق ڏانهن ڏسڻو پوندو. جپاب ڏسو، چين
ڏسو، ڪوريا ڏسو، ملائيشيا ڏسو، انڊونيشيا ڏسو، ڀارت ڏسو، ايران ڏسو! مغربي قوتن
سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي حامي ڀري رهيا آهن. ايئن ڪونهي ته ڪو چين اوچتو خلا
۾ پنهنجي ” هجڻ“ جي هوڏ تي چڙهيو آهي. اوائل ۾ چين وڏا فيلسوف پيدا ڪيا، بادشاهه ۽
شهنشاهه پيدا ڪيا، شاعر پيدا ڪيا، سياح ۽ مهم جو پيدا ڪيا، جن جي پوکيل ٻج جو فصل
مائوزي تنگ هٿان لڻيو ويو. مائونواز تحريڪ جو اثر ڏور اوڀر ۽ هندستان ۾ ڏسجي ٿو،
تيئن سنڌ ۾ به ڏسجي ٿو. انقلاب لاءِ جدوجهد ۾ هڪڙن جو قبلي رُخ بيجنگ هو ۽ ٻين جو ماسڪو،
ماسڪو نوز 1990ع کان پوءِ جدوجهد کي ”تاريخ جي پُڄاڻي“ چئي ماٺا ٿي ويا. ڏيئي وٺي
لکيو چوکو ڪيائون. چين جي حوالي سان تذڪرو ٿيندو ته اهو وساري نٿو سگهجي ته مائوءَ
سان دوستي جو هٿ وڌائڻ وارو پهريون سياستدان ۽ حڪومتي ترجمان ذوالفقار علي ڀٽو هو،
دوستيءَ جو سفر جاري آهي. دوستيءَ جي ڳڙکي، جا ڀٽو صاحب کولي ان مان شعور جي روشني
۽ نون امڪانن جي تازي هوا هينئر به اچي رهي آهي. وزير اعظم ۽ صدر پيءُ جي سيسي
وارث ۽ ڀيرا وزير اعظم بڻجي مسلمان ملڪن جي پهرين قابل ۽ جرئتمند عورت واري مڃتا
بينظيرڀٽو ماڻي. ڀٽو کان ڀٽو ۽ شهادت کان شهادت جي وچ ۾ ڀٽو ازم جو نظريو آهي. ڀٽو
ازم سن 1990ع کا پوءِ وارو 60 ۽ 70 جي ڏهاڪن جهڙو ڪونهي. سياسي نظريو مذهبي عقيدي
وانگر اٽل ۽ جامد نه هوندو آهي. زمان ۽ مڪان جي تبديلين جو اثر قبول ڪرڻو پوي ٿو.
البت ان جو بنياد ”سبب“ تي هوندو. اڄوڪي مفاهمتي پاليسي جو جائزو وٺبو ته ان جي
پٺيان سنڌ جي وحدت الوجودي فڪر جي جهلڪ نظر اڳندي. خلقڻهار هڪ آهي. هن مسلمان کي
پيدا ڪيو، هندو کي پيدا ڪيو، عيسائي کي پيدا ڪيو، يهوديءَ کي پيدا ڪيو، مجوسي کي
پيدا ڪيو، الڳ الڳ سڃاڻپ جو مطلب اهو ڪونهي ته خلقڻهار سڀني جو مطلب اهو ڪونهي ته
خلقڻهار سڀني جو جدا جدا آهي.
هر لقاء ۾ يار کي ڳولي لڌو
عشق ۾ اعتبار کي ڳولي لڌو.
ڪربل جي ميدان جو عجب سڌسماءُ
تند ڪٽاري ڪنڌ ۾
جڏهن ٿيو پرچاءُ
ڪنڌيءَ تان فرات جي
اُڀريو هي پڙلاءُ
پسي تيغن تاءُ، ڪو آهي جو مدد ڪري!
امامن جي ڪالهه جو اڄ به اهو پرڀاءُ
”هل من ناصر انصرنا“ وائيءَ ڪيو ورجاءُ
ڪنڌيءَ تان سنڌوءَ جي اچي ساڳيو ساءُ
آهي ڪوئي ڀاءُ، ڪري مدد بينظير جي.
شهادت کان شهادت تائين جي سفر۾پيءُ، ڀائرن ۽ ڀيڻ جو مقصد
هڪڙوهو، ڪهڙو مقصد هو؟
تحقيق طلب آهي.
البت، هيءُ طئي آهي ۽ سنڌين جو ووٽ بينڪ ٻڌائي ٿو ته ڀٽوز سان هن خطي جي سڃاڻپ
آهي. دنيا جتي موهن جي دڙي جو تذڪرو ڪري ٿي، اتي ڀٽوز ۽ هنن جي مقصد ۽ ڪارنامن جو
ذڪر به ضرور ڪري ٿي، غير معمولي شخصيتن جو اثر پري پري تائين ذهنن کي جنجهوڙي ٿو.
تاريخ ۾ اثرات ۽ حاصلات جو جاگرافيائي دائرو اهميت رکي ٿو. ان ۾ وڌاءُ ڪونهي ته
جيترا به پاڪستان ۾ سياستڪار ۽ ذهين شخص ٿي گذريا آهن، انهن ۾ جيترو بينظير ڀٽو تي
لکيو ويو آهي، تيترو مان ۽ مررتبو ٻئي جي حصي ۾ نه آيو آهي. ڀٽو کان ڀٽو تائين هڪ
هڪ شخصيت تاريخ ساز رهي، هنن جا جيترا پيڙهيل ۽ ڏتڙيل طبقي ۾ دوست هئا،
تيترا”جمود“ ۽ ملڪيتون نه ورهائڻ“ جا حامي دشمن به هئا.
جيئن، زمان ۽
مڪان کي الڳ الڳ ڪري بيان ڪرڻ ناممڪن آهي تيئن شهيد قائد عوام ۽ شهيد راڻيءَ کي
جدا جدا ڪري پيش ڪرڻ ڏکيو آهي، ڇا لاءِ ته ٻنهي جو مقصد ”هڪ“ هو. سياسي پارٽيون
انسان هلائيندا آهن، زماني جي ڦيري سان پارٽي جو پڌرنامو به بدلجي ٿو. تبديلي
(انقلاب) جا خواهشمند”تبديلي“ جي حقيقت کان ڪيئن ٿا اکيون چورائي سگهن. ڀٽو ازم جو
سفر اجهي لٽي اٽي کان مفاهمت تائين ارتقائي تبديلي جو آئيندار آهي. خوني
انقلاب...... چاليهن سالن جي پيغمبري عمر ۾ جٽادار تبديلي جي ڳالهه ڪرڻ، سڀني کي
ساڻ کڻي هلڻ، دشمنن کي معاف ڪري ڇڏڻ جي طرزِ سوچ ۽ رويو سهپ ۽ رواداري ناهي ته ٻيو
ڇاهي؟ رواداري يا اهنسا صوفي ازم آهي، صوفي ازم ۾ دشمن خارجي نه پر داخلي تصرور
ڪيو ويندو آهي. سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، صوفي ازم بين الاقوامي وجودي فڪر جو لاڙو
آهي. قانون جي ڪوڙڪي ۾ صوفي جو ساهه منجهي ٿو. قانون وڏو ڏهڪاءُ آهي، ڍڳو ڄاري کي
پيرن هيٺان رهڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن ته ڪوريئڙو مڇر جهڙن ننڍڙن جيوت کي ڄار ۾ ڦاسائي
شڪار ڪري ٿو. ويچار جي مها ڄار ۾ انساني آسون اميدون قيد ٿي ويون آهن.
Subscribe to:
Posts (Atom)