Sunday 26 April 2015

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي تنقيدي ويهڪ سنڌ جي نامياي شاعر ۽ نقاد نصير سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري

ڪراچي(ڪلچر رپوٽ) سنڌي ادبي سنگت  شاخ ڪراچي جي تنقيدي ويهڪ  سنڌ جي نامياي شاعر ۽

 نقاد نصير سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري.  هن ويهڪ  ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار مقبول سنديلي پنهنجي ڪهاڻي “ڳوٺ جي عزت” پيش ڪئي. تنقيدي راءِ  ڏيندي نصير سومري چيو ته ڪهاڻي سادي اسلوب م لکيل آهي، جديد ڪهاڻي جي بجاءِ رپورتاز محسوس ٿئي ٿي. ڪردارن جي وچ ۾ اها ڇڪتاڻ ۽ ولوڙ جي اپٽار نظر نٿي اچي، جا تبديلي جو برعڪس روپ  اختيار ڪرڻ جوباعث بڻجي. مهڙ ۾ وڏيري جي اوطاق جو ذڪر ڪري ڪهاڻي جو سسپينس تي منڌيئڙ ڦيريو ويو آهي. البت مقبول سنديلي ۾ تخليقي صلاحيت موجود آهي. تاج بلوچ چيو ته بياني يا نيراشن واري انداز کان سنڌي ڪهاڻي گھڻو اڳتي طرف اوسر ڪري چڪي آهي. مقبول جي ڪهاڻي، ڪهاڻي گھٽ داستان وڌيڪ لڳي. سنڌي ٻولي ۾لکيل  مختصر ڪهاڻيون جيڪڏهن  انگريزي ۾ ترجمو ٿين ته اهي عالمي معيار جي شارٽ فڪشن کان ڪنهن به طرح گھٽ ڪونهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته ڪهاڻي، ڪهاني جي فني ٻولي ۾ لکيل ڪانهي. ڪهاڻي جي وارتا جي جهڙي طرح اپٽار ڪئي وئي آهي تنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته مقبول ڪڏهن اوطاقن ۾ جرڳائي فيصلن جو اکين ڏٺو مشاهدو نه ڪيو آهي جڏهن ته ڪهاڻي سان انصاف اهو تخليقڪار ڪري سگھي ٿو جنهن جو مشاهدو پڪو ۽ پختو هجي. گڏجاڻي ۾ واحد سومري ڪهاڻي ، مصطفيٰ انڙ نظم، ۽ حامد گبول چوسٽو تنقيد لاءِ پيش ڪيو.

No comments:

Post a Comment