Wednesday 15 April 2015

جماليات تي ليڪچر_ نيوز رپورٽ

KSE 100
You are here:Homeسنڌڪراچيجماليات جي متفقه مڃيل وصف اڃا بيان نه ٿي سگهي آهي: ڊاڪٽر شير مهراڻي

جماليات جي متفقه مڃيل وصف اڃا بيان نه ٿي سگهي آهي: ڊاڪٽر شير مهراڻي Featured

Written by  Published in ڪراچياربع , 15 اپريل 2015 6:38 PM
جماليات جي متفقه مڃيل وصف اڃا بيان نه ٿي سگهي آهي: ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڪراچي (رپورٽ: نصير سومرو) ”جماليات جي مڃيل ۽ گڏيل وصف اڃا تائين بيان نه ٿي سگهي آهي. مغرب ۾ جماليات جي اڀياس لاءِ الڳ سان ادارا قائم ڪيا ويا آهن.“ اُهي ڳالهيون ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ جماليات تي ليڪچر ڏيندي ڪيون. ليڪچر جو انعقاد سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ طرفان ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان ڪيو ويو. ڊاڪٽر شير مهراڻي جو پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي چيو ته جماليات جا ڪيترائي قسم آهن. فطرتي جماليات فني يا شعري جماليات، نقل ڪيل غير نامياتي جماليات، جنسي ۽ نفسياتي جماليات وغيره مشهور قسم آهن. انهن قسمن جي جماليات ۾ هڪ طرف ڪلاسيڪي جماليات آهي ته جنهن ۾ قديم يونان جي فيلسوفن مان سقراط جو اهو چوڻ هو ته ”جماليات نيڪي آهي.“ سقراط جي شاگردن مان افلاطون جماليات جي داخلي ۽ روحاني پهلوئن کي اجاگر ڪيو. هن سان سندس شاگرد ۽ سڪندر اعظم جي عظيم استاد ارسطو اختلاف ڪيو ۽ جماليات جي خارجي پهلوئن جي داخليت تي فوقيت ڏني. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪمپيوٽر سلائيڊ جي مدد سان ليڪچر ڏيندي مغربي فيلسوفن جي نظرين جا حوالا ڏنا. سقراط جي قول جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب چيو ته نيڪي جي ڏات بابت سمجهيو پئي ويو آهي ته اها ديوتائن يا مافوق الفطرت قوت طرفان پئدائشي مليل هوندي آهي، ڪانٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته جماليات سان مُدرڪ جي طرز فڪر ۾ لطافت ۽ هم آهنگي جنم وٺندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر شير چيو ته لطيف فنن ۾ جڏهن تخليقڪار ۽ سامعين يا قارئين ساڳئي سطح تي پهچي وڃن ته اُهو پورڻتا يا مڪملتا جو تجربو آهي. صارتي ڪلمقات ۾ رئوف نظامڻيءَ چيو ته جماليات جو موضوع نهايت ڳوڙهو ۽ ڳتيل آهي ۽ منهنجي جهڙوڪ سکڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر مهراڻي جو اُهو چوڻ بنهه درست آهي ته هر شي پنهنجي رد يا ضد سان سڃاتي ويندي آهي. ۽ جماليات لاءِ انگريزي ۾ استعمال يندڙ لفظ ايسٿٽڪس جو ضد ”اينسٿيشيا“ يعني بي حسي يا بيهوشي آهي. ليڪچر پروگرام جي سهولتڪار اڪبر لغاري چيو ته ادب ۽ فن سگهارين روايت سان زنده رهندو آهي ۽ هي ليڪچر اهڙين روايتن جي هڪ ڪڙي آهي ۽ آئينده جون جي مهيني ۾ ليڪچر منعقد ڪبو. تاج بلوچ چيو ته جماليات جو احساس انسان جي اندر مان وجدان جي سبب جنم وٺندو آهي جيڪو انساني تجربو چئبو نه ڪي الهام. غوث پيرزادي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، نصير سومرو، منصور قادر جوڻيجي ۽ ٻين ليڪچر ڏيندڙ ڊاڪٽر شير کان جماليات بابت سوال پڇيا. سنڌي ادبي سنگت جي سڪريٽري باري منگي آجياڻي جا ٻه اکر ڳالهائيندي سامعين جا ٿورا مڃيا. ليڪچر ۾ عورتن جو خاص ڳاڻاٽو ڏسڻ ۾ آيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، خادم حسين، پروفيسر اعجاز قريشي، رحمت پيرزادو، ابراهيم صالح، ڌڻي بخش اوڍو، غني ميمڻ، مختيار ابڙو، قدير، واحد، نورمحمد شيخ، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، ممتاز مهر، رکيل مورائي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. 
- See more at: http://sindhnewsonline.com/index.php/sindh/karachi/item/8126-2015-04-15-13-39-11#sthash.nyy4CtCp.2gD8ri8R.dpuf

No comments:

Post a Comment