Monday 9 March 2015

اوسيئڙو


اوسيئڙو
نصير سومرو  
خط جو رواج ڪونهي، ڪير خط ڏانهم لکي، خط لکڻ لاءِ پتو کپي، سڀ پتا کيڏي چڪو آهيان، هاڻ ڪو پتو ڪونهي، پاڻ ڏي پاڻ خط لکي رهيو آهيان. هي لکڻ کان اڳ خط پڙهيل آهي. ٽپال جو اوسيئڙو ڪونهي.
لسانيات: ٻين ٻولي ۾ پڙهندو ضرور آهيان پر لکندو پنهنجي ٻولي ۾ آهيان. سنڏي لکندي، سنڌي پڙهندي، سنڌي ۾ سوچيندي ۽ خواب لهندي معتبرائپ جو احساس ٿيندو اٿم، لسانيات جي مطالعي سان پنهنجي بڻ بنياد ۽ سڱ سياڪي جا پار پتا ملندا آهن. لفظن جا سانگي پکي ڪوهين ڏور ويرانن مان، چاندي جو نقاب چڙهيل پهاڙي چوٽين مان اڏامي من جي نيري ندي تي اچي لهندا آهن، عالم سڄو ڳوٺ (global village) گڏجي رهڻ جي اهڙي جڳهه آهي. جتي اوپرو اوپري سان پنهنجي يا هن جي ٻولي ۾ ڳالهائي ته معنيٰ لسانيات اڃا پنهنجو ڪارج وڃايو ڪونهي. گونگي اوپيرا ۾ ايڪشن ذريعي ڪم ٽپائڻو پوي ٿو ۽ ان گونگي اداڪاري جي سکيا به لسانيات ۾ ڏني ويندي آهي. آءٌ پنهنجي مادري ٻولي ۾ ليک لکي رهيو آهيان، وڏو ڀاڳوند آهيان.
سنسڪرتي يا پالي لفظ پُرجھڻ (Prajna) معنيٰ ڏاهپ آهي، پرجھڻ جو عمل مسلسل پنهنجي مڪملتا/پورڻتار integrity ڏانهن وڌندو آهي. هڪ هنڌ، ڍنڍ جي پاڻيءَ وانگر بيٺل ڏاهپ ڪانهي. ڇاڪاڻ ته فطرت جي متحرڪ (Dynamic) اصلت جمود سان ٺهڪندڙ بنهه ڪانهي. اڌوري ڄاڻ جو رونشو ڪندڙ نام نهاد دانشور  پرمتڙيو آهي، هڪ مت آهي ۽ ٻي پرمت، ”پر“ جي خاص معنوي تشريح آهي. لوڪ ۽ پرلوڪ، اُتما ۽ پرآتما (پرماتما) وغيره اهڙا لفظ آهن، جن کي سمجھڻ لاءِ قلب ڪشادو ڪرڻو پوندو.ڪڏهن به اڳواٽ ڀريل پيالو خلاص ڪرڻو پوندو آهي، جيئن نئين ڄاڻ کي پير کوڙڻ لاءِ وٿيون ملن. پرجھڻ سان پاڇاڙي Pazamita ملائڻ سان پورڻتا (Perfection) واري معياري (مقدار سان گڏ) معنيٰ ملي ٿي. هي لفظ سنسڪرت ۽ پالي ۾ مشترڪ رهيا آهن. ڳالهائڻ ۾ عام ڪونهن، بار بار ورجائڻ سان ٻولي ذهن ۾ مستقل جڳهه والاري ٿي، ذهن ۾ ٻولي جو مرڪز آهي.هن رستباز، نيڪ مرد، پريو مڙس، متقي، صالح، ديومالائي ڪردار، نيڪو ڪار ۽ ٻيا کوڙ لفظ هڪ تصور جي چوڌاري ڦرندا آهن. پالي ۾ پاڪ دامن شخص (Holy person) واسطي prajaparmita  (لفظ) استعمال ٿيندو هو.هن قسم جا ڪردار ”سائين بابا“ سنڌي ناٽڪن جو حصو ڪونهن. اهي زندهه ڪرڻا پوندا. سنڌ کي ان جو پنهنجو تهذيبي ورثو  ئي مهانتا ڏياريندو.
 ها! جڏهن زرعي سماج صنعي دور ۾ مڪمل طرح داخل ٿي ويو ته ان وقت مغربي ترقيءَ جي اسبابن مان لاڀ وٺي سگهڻ جي اهل بڻباسين.
پورنو : اگهاڙو ڄميل اوگهڙ ۾ پاڻ سڃاڻي وٺندو آهي. ڇويهن سالن تائين پورنو، پينٽنگ کانسواءِ اوگهڙ جي عالم ۾ پير نه رکيا هئا. ويهين ۽ ايڪيهين صدي ۾ لڄ جا لٽا لهي ويا. اوگهڙ جا وڊيو افيڪس، سئنيما، ٿيٽر، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ ذريعي پري پري تائين پهچڻ لڳا. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر جي سکيا ۽ موبائل فون جي دستيابي پورنو بت جي درشن جون واٽون سڌيون ڪري ڇڏيون. هاڻ احساس ڪنوارو نه رهيو آهي. ڪنوارپ جا کنڌا کڄي چڪا آهن. مفاصلا گهٽجي ويا آهن.ماڻهو پاڻ کان  ڀڄي رهيو آهي. لڪڻ جي کيس جاءِ نٿي ملي. پورنو ويب سائيٽون ٻانهون ڦهلائي پنهنجي پناهه ۾ وٺڻ لاءِ آيتون آهن.
واس: دنيا باغ وانگر آهي، هن باغ ۾ قسمين قسمين گل آهن، انهن جي رنگت ساڳي ڪانهي، الڳ الڳ رنگ گلدستي جي زينت آهي. هڪ رنگ مان اکڙيون ڍاپي روهه ٿي وينديون آهن. ذوق کي گهڻائپ تڪميل ڏئي ٿي. گلدستي ۾ موجود گلن جو واس لڀائيندڙ آهي. هٿرادو گلن جو ڏيک اصلي هجڻ جو گمان، ڏسڻ تائين وڻندڙ آهي. انهن مان واس ناهي اچڻو. واس بنا گلن ۾ گهارڻ تي مجبور آهي. جن جي ويجهو هجڻ گهرجي، تن کان ڏور آهيون ۽ جن کان ڏور رهڻ گهرجي تن جي قريب آهيون. ڪيڏا نه عجيب آهيون.
ٻن تهذيبن جي ڀيٽائتي مشاهدي مان گههڻيون ڳالهيون مفيد، نه رڳو بحث لاءِ ملن ٿيون پر اهي علمي ۽ فني اوسر ڪارڻ به درڪار آهن. مشرقي  (oriental) شآعري ۽ راڳداري جي اوائلي ماترڪ چند ويا جون پاڙون جديديت پڄاڻان ترقي جي باوجود وقتائتي گهرج آهر پختيون آهن. البت شاعري جو فني تجربو ۽ ان جو علم (وديا) به الڳ الڳ حقيقتون آهن. ويندي جاپاني هائيڪو جي منظوم شاعري (ordered verses) پورب (مشرق) جي ٻُڌي ڪلچر جي اثر هيٺ رهي آهي. ٻُڌي روايت ۽ برهمڻو ڪلچر ٻنهي هند، سنڌ جي شاعراڻن تجربن تي پنهنجي ڇاپ هڻي مڃتا ماڻي روتي.ڪلاسيڪي پستڪ ويدن وارو آهي. ويدن جي شاعري، زبور ۽ ٻين سامي صحيفن ۾ موجود موزن ڪلام ٻه مک ڪلاسيڪي سرچشما آهن. جن علائقن ۾ ٻڌ مذهب جو اثر رهيو انهن جو آدم  دنيا جي ڪل آباديءَ جو چوٿون حصو آهي ۽ دنيا جي غير پرچاري مذهبن ۾ سرفهرست آهي. اهڙي شاهوڪار ڪلچر جي سوترن جو لوڪ ادب تي ساڳي شدت وارو اثر برقرار آهي. هڪ سٽ وارا شاعراڻا جملا، پهاڪن، چوڻين جي گهاڙيتي  (form) ۾ گهڻو مقبول آهن.
سٽ سوتر مان ماخوذ لفظ آهي. ٽن سٽن جي هائيڪي ۾ فطرت جي عڪاسي، ساپڻ ٽه سٽا گهڙت ۾ وڏي معنيٰ رکي ٿي. ماورائي ڏاهپ (Tronscendent wisdom) جو خزانو هندي سوتر آهن. ڪانٽ ۽ ٻين مغربي دانشورن پڻ هندي پستڪن مان مخفي علوميت جي ڄاڻ اڌاري ورتي.
ڌنار : ڌڻ چاريندو آهي، ڌڻ جي هڪ هڪ جانور جي سار سنڀال لهندو آهي. جهنگ ۾ ڪهڙي ڪهڙي خطرناڪ جانور کان هن جي ڌڻ کي ڇيهو رسي سگهي ٿو. کيس خبر چار آهي. هو پنهنجي ڌڻ کان جيئن واقف آهي، تيئن ڌڻ جو هر جانور کيس به سڃاڻي ٿو.
          ڌنار اڳواڻي جي علامت آهي. هن کي ڌڻ جو اونو رات جو به رهي، متان ڪو خونخوار يا ڪو چور واڙ ۾ گهڙي اچي. چوڪس رهڻو اٿس. ڌنار کير جو واپار ڪري ٿو. مال جي پڙي ۾ اچي وڃي ٿو. لاڳاپيل مال جي چاري کان وٺي کير مکڻ، گوشت ۽گيهه جي اگهن جي پوري پوري ڄاڻ رکي ٿو. زرعي جنسن جي کوٽ ۽ واڌ جو پتو  پويس ٿو. تر جي چورن ۽ لفگن جي پروڙ اٿس. پيرن جا نشان سڃاڻيندڙ پيري پڻ آهي. ڌنار اوطاق ۾ ڪچهري ۾ به نه اچي ته هوند ڪچهري اڌوري سمجهي وڃي. کيس نڙ، بوڙينڊو ۽ چنگ وڄائڻ اچي ٿو. سگهڙ به آهي. بيتن ۾ وڏا وڏا قصا بيان ڪرڻ ۽ ڳجهارتون ڀڃڻ به ڪو کانئس سکي. ڌنار زرعي سماج جو ڪارائتو ڪردار آهي. هُو امين به آهي. آڌيارو مال به سنڀاليندو ۽ پاليندو آهي. ٻڪرار، ميهار وغيره ڌنار ئي آهن.
تهذيب جي اوسر ۾ ٽي ڳالهيون ساڳيون هلنديون اچن ٿيون. هڪ کاڌو رڌي پچائي کائون ٿا. ٻيو پوشاڪ پهري بدن ڍڪيون ٿا ۽ ٽيون چار ديواري جي اندر رهون ٿا. فيشن مان پتو پوندو آهي ته ڪهڙي دور ۾ جي رهيا آهيون. اطلاعات ۽ سڌ سماءَ سان جيترو ڪو به ويجهوآهي، کيس اپ ڊيٽ معلومات ملندي رهي ٿي.ٿورڙو عرصو به ميڊيا کان پرڀرو رهجي ته مارڪيٽ ۾هر شئي جو ملهه قدر/ ويليو) مٽيل ڏسڻ ۾ ايندو. بي خبر ۽ باخبر جي وچ ۾ ويهي ڏسبو ته پتو پوندو ته پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون. ڳوٺ ۽ شهر جي فيشن ۾ ڪيتري قدر مماثلت نظر اچي ٿي. شهري آبادي ۾ گهرن جي اڏاوت نقشي موجب ٿيندي آهي. گهر جو ليز ٿيڻ معنيٰ شهري (Urban) آبادي ۾ شامل آهي. ٻيون ڪچيون آباديون آهن. جيستائين ليز نه ٿيون ٿين، تيستائين اهي شهري ڊيزائن (Urban Design) کان ٻاهر رهنديون.
ڳوٺ ۾ ٽيليويزن جا جڏهن چويهه ڪلاڪ نشريات وارا ڊرجنن جي تعداد ۾ نه هئا. تڏهن ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊ وڏي وندر جو وسيلو هو. ڳوٺ ڊگهي عرصي کان پوءِ وڃڻ شروع ٿيڻ سان پتو پيو ته ڳوٺاڻا پڻ ڏيهي توڙي پرڏيهي واءَ سواءَ کان وقف آهن. ٽيليويزن ڄٽن کي ڄاڻو بڻائي ڇڏيو آهي. لکن ڪروڙن تائين اطلاعات ٽيليويزن ذريعي ترت پهچي وڃڻ جا فائدا به ملي رهيا آهن ۽ عبوري غير يقيني حالتن سان هنڪنار نه ٿي سگهڻ جا هاڃا پڻ رسي رهيا آهن. ان جي باوجود ڳوٺن ۾ ٽيليويزن جي هوندي به ريڊيو ٻڌڻ جو جنون ساڳئي ريت هلندڙ آهي. ڳوٺ ۾ جانڻ سان ملاقات ٿي. کانئس پڇيم، بي بي سي ٻڌندو آهين؟ جواب هائوڪار ۾ڏنائين. ساڻس ڳالهه ٻولهه جو سرسري تت هيٺ ڏجي ٿو.
جانڻ : ڪر خبر، دور ڪيئن ٿو ڀائين، (ٺڳڻ ۽ ٺڳجڻ جو دور آهي)
اهو ڪيئن؟
نقلي شين سان گڏ، ماڻهو به نج نه رهيا آهن.
سڀ ائين ڪونهن.
(نج به آهن، دنياجو هلي ٿي، ضرور الله وارا به آهن.....)
نج ناهي، معنيٰ ملاوت آهي، ڪوڙ ۽ سچ گاڏڙ خطرناڪ آهي.
مٿان کان هلندو اچي ٿو)
مٿان کان؟
(نصاب ۾ تاريخ من گهڙت (pseuds) پڙهائي وڃي ٿي، پاڻ سوچي سگهين ٿو ته اسان جو نئون نسل ڪوڙ ڏانهن مائل رهندو يا سچ ڏانهن؟)
ڳالهيون صحيح ٿو ڪرين. سچا ۽ کرا ماڻهو اقليت ۾ ايندا پيا وڃن.
(سڄي قوم اقليت ۾ بدلجي رهي آهي)سنڌين جو ڇا ٿيندو؟
(جيڪو سنڌي چاهيندا)
۽سنڌي ڇا ٿا چاهين؟
(ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڦٽاڪا ڇڏڻ، قوم تيار نه هئي ته اڳواڻ ڦٿڪندا هئا. قوم  ڦٿڪي ٿي ته اڳواڻ رلي وجهي سمهي رهيا آهن)
گرمي ۾ پگهر ٿو نڪري ۽ رلهي وجهي سمهڻ معنيٰ ته زماني جي ضرورت جي برعڪس سنڌي ستل پيا آهن.
(حاجي سڳورا حج تي پٿر جي شيطان کي پٿريون ٿا هڻن. اڙي هنن ٺڳيندڙن، چاهي سياستدان هجن، ڪامورا هجن، واپاري هجن، وڏيرا، اغوا ۽ ڪارو ڪاري جو ڪاروبار ڪندڙ هجن، جعلي قلمڪار يا ويڪائو ملا هجن. هنن مان بدڪردارن کي پٿر هڻي سنگسار ڪجي).
جذباتي نه ٿي. استاد بخاري جو ڪلام ٻڌو اٿئي. ايڏو نه ٿي جذباتي، سينو نه پوئي ڦاٽي..
(رڳو سينو.....)


No comments:

Post a Comment