Monday 9 March 2015

نظريا، ادب ۽ زندگي


         
نظريا،  ادب ۽ زندگي
نصير سومرو

جديديت ۽ جديديت پڄاڻان ۽ جديد ادبي نظريا سنڌي ۽ ترجمو ڪري پڙهائيندڙ مبارڪ علي لاشاري ۽  ٻيا قلمڪار آهن. هي لکت ۾ طبعزاد، يا ترجمو سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ پوري ڪرڻ جون همٿائيندڙ ڪوششون آهن. مبارڪ لاشاري جيئن، نظريي ( Theory) ۽ ضابطي (Ideology) کي ساڳي ڳالهه سمجهڻ جي مغالطي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، تيئن ڪيترائي مغالطا باربار سماعتن سان ٽڪرائيندا آهن. مثال طور چيو ويندو آهي ته نوجوان مطالعو نٿا ڪن. هي چوڻ سو سيڪڙو صحيح به ڪونهي ۽ غلط به ڪونهي. گهوٽالو، البت ويچار جو ڏيوالو چئجي، جو اها چٿر ۽ ٺٺول ڪندڙ علمي ۽ ادبي لکت ۽ بحث کي ”اڪيڊمڪ“ چئي پنهنجي ڳالهه جي نفي ڪندا آهن ڌيان ڇڪايو ته سينيئريارٽي جي ڍال آڏو ڪري بچاءُ جون تبدبيرون اختيار ڪندا.
          مبالغو معنيٰ ”وڌاءُ“ آهي، فڪشن رائيٽر جي سڀاءُ ۾ رواجي ڳالهيون پڻ مبالغي جي ور چڙهي وڃن ٿيون. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ طرفان رسول ميمڻ جي ناول ”قالو بليٰ“ انٽيلڪچوئل گروپ ڊسڪشن جي ويهڪ منعقد ڪئي وئي. هن ناول تي ڳالهائنيدڙن جي اڪيڊمڪ پهچ جو اندازو ڀلوڙ نموني ٿيو. سنگت جا ڪارڪن سڀ برابر تنهن ڏينهن ته سڀئي ” انٽليڪچوئل“ (؟) هئا، جو انٽيليڪچوئل گروپ، ڊسڪشن ۾ شريڪ هئا. ليکڪ رسول ميمڻ صدارت فرمائي رهيو هو. هن چيو ته ناول تي بنهه ڪو نه ڳالهايو ويو، جيترو ڳالهايو ويو، اهو ويهه سيڪڙو مس آهي... ناول اڃا تائين سنڌي ۾ لکيو ئي نه ويو آهي... قالو بليٰ سرئيلسٽ ناول آهي.“
          گڏجاڻين ۾ شاعريءَ جا اسم، ڪهاڻي، مضمون ۽ ناٽڪ جي ڀيٽ ۾ تنقيد لاءِ گهڻا پيش ڪيا ويندا آهن. هر ڏهن مان هڪ شاعر آهي. شعر ۾ نواڻ ڪانهي، لفظن جي چونڊ سٺي ۽ نڀاءُ ڀلوڙ ڪونهي ته چيو ويندو ته ”غزل روايتي آهي.“ روايتي هجڻ جهڙوڪ گهٽ معيار جي ادبي ڪاوش هجي، هاڻي ڏسڻو پوندو ته روايت ڇا هي؟ راويت ڪندڙ کي ”راوي“ Story letter چئبو آهي. روايت Tradition اسم ۽ روايتي (Traditional) صفت آهي. صفت پنهنجي وصف سان لاڳو ٿي اسم جو گڻ يا اوگڻ بيان ڪندي آهي. انگريزي ۾  Conventional راويتي ۽ Un-conventional غير راويتي مفهوم ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ پڻ آهن. روايت قائم ڪرڻ پنهنجي دور جي ريافت وانگر آهي. هي وڏو ڪارنامو آهي. روايت وسيع معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي. ثقافت وانگر ادب ۽ فن جون روايتون آهن. گهوٽ ڪنوار جو لباس، ڪاڄ جو ڀت ۽ پهت وغيره رڳو روايتون نه پر قومي سڃاڻپ جو درجو رکندڙ پيرويون آهن. ڪاڄ جي موقعي تي شادمان ڪرڻ، ۽ مولود ڳائڻ، ريجو (سڪا) گهوٽ مٿان ڇٽڻ سڃاڻپ سان گڏ، موقعي جي سونهن ۽ سوڀيا پڻ آهي.
تڪبندي ۽ لفاظي Rhetoric شعري روايت آهي. تبديليون آيون. سنڌي ۾ انگريزي، هندي، بنگالي ۽ اردو وانگر نثري نظم ۽ آزاد نظم جو ٻچ پوکيو ويو. ٻج ڦٽو ضرور، پر سلو ۽ ٻوٽو بڻجي اسري نه سگهيو. جدت جي مقابلي ۾ روايت سگهاري رهي آهي. نثري نظم (Prose Poem) ۽ آزادي نظم (Free verse) بي نسبت ۾ بلينڪ روس ڪي قدر واڌ ويجهه طرف گامزن صنف آهي.شاعريءَ ۾ موسيقي جو عنصر هڪ روايت آهي. قافين، رديفن جي بندش، بحر ۽ وزن جي پابندي ۽ صلحن ۽ سليس لفظن ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل استعارن جو استعمال سميت ڪيريون ئي شعري روايتون آهن، جيڪي پڙهيون ۽ پڙهايون وڃن ٿيون. ڪنهن تحريڪ يا نظريي جي تابع ادب فن ۾ تجربن ڪرڻ جو لاڙو پڻ روايت جي ذمري ۾ اچي ٿو. نظريي کانسواءِ ادب ۾ تجربن ڪرڻ جي تحريڪ اڀري. روسي هيئتي تحريڪ شاعري کي زندگيءَ جي ڪارج سان جوڙڻ بدران ساختياتي رنگ  ۾ نون لفظن ۽ نون اندازن کي ترجيح ڏني. ساختيات (Structuralism) کان پوءِ پس ساخيات جي تحريڪ ٻوليءَ ۾ نوان تجربا ڪيا. انگريزيءَ ادب تان اثرن جي اوڌر گوپي چند اردو کي وٺي ڏني. هن جي لٽريچر جو اثر نئين نسل جي اڀرندڙ شاعر ۽ اديب قبول ڪيو. سنڌي ۾ عالمي ادب جا ترجما گهڻو تڻو اردو جي ڪتابن معرفت ڪيا ويا آهن. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جا ترجمو ٿيل ڪتاب معياري ادبي ٻوليءَ ۾ آهن. پرڏيهي ٻولين مان ادب سنڌي ۾ الٿو ڪري معياري انداز ۾ ڏيڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مترجم دستاب ڪونهن ته ڪهڙا سبب آهن، اهو هن مضمون جو محور ڪونهي البت تحريڪن جي اثرن هيٺ تنقيد جا جيترا به رجحان آڏو آيا آهن اهي تنقيدي فارم يا روايتون چئبا.
          ادب ۾ اثر جي قوت پروپيگنڊا کان طاقتور آهي. ڪيترا به مفت لکرايل يا ڪجهه ڏيئي لکرايل ڪالم روزانو اخبارن ۽ شوبز مئگزين ۾ ڇپجندا رهن، پر آخرڪار مدي خارج ٿي بي اثر ثابت ٿيندا. دل ۽ دماغ جي اپٽار ۾ لهي پنهنجي جاءِ ماڻڪن ۽ موتين وانگر ملهائتي ٺاهيندڙ ئي ادب آهي. شخص سار ۽ سانڀر جو ڀاڱو بڻجندڙ احساس قوم جي تاريخ وانگر سينن ۾ سانڍيو ويندو آهي.
          جديد ۽ جديديت بظاهر هڪجهڙا اصطلاح آهن. پر حقيقت ۾ جديديت تحريڪ جو نالو آهي، جنهن تحت سرجندڙ ادب فطرت کان پري ڄڻڪ ڪونڊي ۾ لڳايل ڇانو جو ٻوٽو آهي، ڌرتيءَ ۾ پاڙون کتل نه هونديون ۽ ثقافتي ٻوليءَ ۽ انداز جو واس نه ايندو ته اسم مڪينيڪل (جڙتو/مصنوعي) ڀاسندو، هي نه وسري ته شاعري خالص تخليقي پورهيو آهي، تخليق صرف ۽ صرف تخليق آهي. ڪوڙي ۽ سچي تخليق ڪانه ٿيندي آهي، جو چئجي ته فلاڻي شاعر سچي ۽ فلاڻي ڪوڙي آهي. فڪشن ۾ زرعي سماج وکون وڌائيندي جڏهن پير مشني دور ۾ رکيا ته ڊگهن، داستانن ۽ ڏند ڪٿائن جي جاءِ مختصر  ڪٿا ”ناول“ ۽ مختصر ڪهاڻي والاري، ناول ۽ ڪهاڻي ٻئي افسانوي ادب جون نثراڻيون صنفون آهن. صنعتي دور جي ارڙهين صديءَ دوران شاھ عبداللطيف ڀٽائي زرعي دور ۾ شعر چئي رهيو هو ۽ انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر مشيني ماحول ۾ ناٽڪ لکي رهيو هو. ٻنهي جي ڪردارن جي هڪجهڙائي ڪي قدر پنهنجي هنڌ پر دور جو فرق نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته حالتون بيان ڪرڻ کانسواءِ شاعريءَ جو ناقداڻو اڀياس ڪرڻ ممڪن ڪونهي.
          تحريڪ جو ڌاتو ”تحرڪ“ آهي. قبل مسيح کان يورپي تنقيد يونان ۽ روم کان متواتر فرانس جي انقلاب ۽ صنعتي مانڊاڻ ۾ اٿل پٿل آندي. ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري جديديت جي چڻنگ ويهين صديءَ جي شروع ۾ انقلاب جا ڀنڀٽ ٻاري اوسي پاس کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. يورپ ۾ ڪليسيا جي مذهبي اثرن هيٺ آرٽ ۽ ادب يوٽرن ورتو عقيدي جي ڄگهه عقليت  Rationalism) والاري داخليت جي جڳهه سماجي حقيقت نگاريءَ ورتي، ان طرح ”ادب جو ڪارج ڇا هي“ جهڙن سوالن نقادن کي مٿاڪٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ سماج ترقي ڪئي. نِتُ نيون ايجادون ڪارخانن جي تيار ڪيل پيداوار جي شڪل ۾ منڊي (مارڪيٽ) تائين پهتيون، دور بدليو انداز فڪر بدليو انداز عمل بدليون چونڊ جي معاملي ۾ پسند ۽ ناپسند نئين حسيت کي جنم ڏنو
          ”جديد“ جو ذڪر تيستائين نامڪمل رهندو، جيستائين پراڻ کي زير بحث ته آڻبو، بحث جدلياتي روپ ۾ ڪنڊون پاسا متعارف ڪرايا، نظرين ۽ نظرياتي تضادن جي ٻوڏ اچي وئي. ٻوڏ ڪٿي آئي؟  اولهندي سماج (Western Society) ۾ جديد ڳٺجوڙ سرد جنگ کي هوا ڏني. دنيا بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. هي چوڻ ته ادبي تحريڪون جيڪي يورپ ۾ پڄاڻيءَ تي پهتيو، سي سنڌ ۾ پڻ پويون پساھ کڻي چڪيون، ايئن هر گز ڪونهي. روسي هيئت پسندي جي تحريڪ کي وٺو. روس مان نيڪاليءَ کان پوءِ يورپ ۾ آمريڪا ۾ ٿوري گهڻي فرق سان 1910 کان 1930ع تائين پنهنجو وارو وڄايو. سنڌ ۾ هيئت تحريڪ شروع ئي نه ٿي آهي ته پڄاڻيءَ جو سوال ڪيئن ٿو اڀاري سگهجي؟ سنڌ ۾ صنعتي دور جي پري پري تائين اولهندي  جي برابريءَ وارو نشان نظر نٿو اچي. شهري رٿابندي وارو هڪ ڪراچي شهر آهي، جتي صنعتون (بيمار هالت ۾ سهي) موجود آهن. ان ڪري آباديءَ جو دٻاءُ ان شهر تي پوڻ المياتي شڪل اختيار ڪئي آهي. سنڌ جي سڀني شهرن ۽ واهڻن وستين ۾ صنعتون لڳي وڃن ها ته جديديت جي وصف جهڙي ويسٽرن سوسائٽي سان لاڳو آهي، تهڙي پنهنجي سوسائٽي ۾ پڻ ڪارگر سمجهي وڃي ها.
          شاعري جي ڏات تخليقي صلاحيت، علم به آهي ته قوت پڻ. هي ”سلطاني سهاڳ“ آهي ۽ تڏهن ملندو آهي، جڏهن ڏات، علم يا تخليقي قوت کي سجاڳ ڪبو. علم اصولي يا نظرياتي به ٿئي علمي تنقيد جا پڻ ساڳيا قسم آهن. سنگت جون گڏجاڻيون اڪيڊمي“ وانگر آهن. پيريا ڊيڪلس، سڌسماءُ جا ادارا، ۽ اخبارن جا دفتر علمي سکيا جا ادارا آهن. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون اصولي تعليم جا امتحاني مرڪز آهن. سکيا جو سرشتو، هڪ، دستوري ۽ رواجي ۽ ٻيو غير رواجي آهي. شاعر پنهنجي طريقن سان طبع آزمائي ڪرڻ جو حق رکي ٿو. هن کي اهو حق ناهي ته پاڻ جيڪڏهن اڪيڊمڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو ته هو اڪيڊمي جي اهميت کان انڪار ڪري يا اهميت گهٽائي بيان ڪري.سنڌ مان بنگال ۾ رابند ناٿ ٽئگور جي اداري شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي پرلوڪ پڌرايو، پنجانوي سالن جي عمر ۾ فاني جهان ڇڏڻ واري سياسي سڃاڻپ ”ڪميونسٽ“ ساري حياتي هلچل ۾ گذاري، هو سياسي ڪارڪن هو ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيائين. آتم ڪٿا ڪتابي شڪل ۾ جمع ڪرائي ڇپرايو ويو آهي.سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي طرفان ڪامريڊ سوڀي جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. سيڪريٽري باري منگي جي ميزبانيءَ ۾ جن اديبن ڪامريڊ کي ڀيٽا ڏني انهن ۾ رحمت پيرزادو، اظهر ڀانڀڻ، نصير سومرو، خليل انصاري، واحد سومرو، زاهد ڄامڙو، غني ميمڻ، مظفر ميمڻ ۽ عبدالفتاح شامل هئا. جيتريقدر مهان شخصيت جي باري ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، اوترا سينيئر سنگت جا ميمبر اديب ۽ ادب دوست شريڪ نه ٿيا. (هلندڙ)
ماهوار ناٽڪ ڪراچي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي ڄاتل سڃاتل ڪهاڻيڪار ۽ ماهوار سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. صدارت نامياري ناول نويس غلام نبي مغل ڪئي. بادل جمالي، مدد علي سنڌي، سميع بلوچ، عبدالغفار تبسم، اڪبر لغاري، رحمت پيرزادي ۽ راقم طارق اشرف ۽ ماهوار سهڻي جي سنڌي ادب ۾ ڪردار تي روشني وڌي. غلام نبي مغل تفصيل بيان ڪندي ماهوار سهڻي تي امر جليل جي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ جي ڇپجڻ ڪري بندش پوڻ ۽ ايڊيٽر گرفتار ٿيڻ جي پسمنظر تان پردو کنيو ۽ ٻڌايو ته سٺ، ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتون ڪهڙيون هيون.
          شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو ٿي گذريو، ڀٽ شاھ تي معمول موجب عالمي ادبي ڪانفرنس (؟) منعقد ڪئي وئي. ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي. ٻاهران ڪهڙا عالم، اسڪالر ۽ محقق آيا، جن ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهيا، ان بابت ناز سهتي جي رپورٽ هڪ نمائندا اخبار ۾ ڇپي، جنهن مان ڀاسيو ته ڀٽ شاھ ڪانفرنس جون تياريون عالمي ڪانفرنس جي انعقاد جهڙيون نه ڪيون ويون هيون، ميلي جي سلسلي ۾ ستت ئي ڪراچي ۾ لطيف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هي سرگرميون روايتي انداز ۾ ڏسڻ ۾ آيون ۽ سوال اُڀريو ته ڪلاسيڪي شاعر، جي ڀٽائي کان پهريون جا آهن انهن کي ڇو وساريو ويو آهي؟
          ادب دل جي محسوسات جو لطيف فن آهي نثراڻو فن ۽ شاعراڻو فن پڻ ..... شاعري جي لهرن جا گهڻا تجربا ٿيا آهن. قبل مسيح ۾ شاعري ۽ ان سان جڙيل فنن بابت ارسطو جو ڪتاب بوطيقا اڄ سوڌو ڪارگر آهي. يورپ ۾ شايد ئي ڪنهن ڪتاب جا ترجما ۽ تشريحون ايترا لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن جيترا بوطيقا جا ڏسڻ ۾ ايندا، فزڪس يا طبيعات تي به ارسطو لکيو ته مابعد طبيعات Meta Physics  تي پڻ لکيو. ميٽا فزڪس جي اصطلاغ جو الاهيات سان ويجهو واسطو آهي. ۽ ان جو گهاڙيٽو يعني الهامي آيات شاعري جي هيئت لکيل آهي. حواسن کان مٿانهان خيال ۽ جن جي محسوسات پڙهندڙ جي احاطي ۾ نه اچي، سريئلسٽ جي اثر هيٺ تجربا ڪيل آهن. سريئلزم جي تحريڪ ادبي هئي. جيڪا اصل ۾ ماورايت جي ميدان ۾ شمار جي ٿي. ويهين صديءَ جي هن تحريڪ جا سڀ عڪس غير منطقي هئا. ان جو گهڻو واهپو مصوري Visual Artwork ۾ ڏسڻ ۾ آيو. شعر جي وهڪري هيٺ لاشعور جي گهوڙي جا لغام ڍرا ڪري ڇيڪ ڊوڙڻ وارا لکت ۾ تجربا ناول وغيره  ۾ عام جام ڪيا ويا. سنڌي ۾ رسول ميمڻ جو ناول ”قالو بليٰ“ سريئلزم جي تجربي مان هڪ آهي.
          ادب ۾ شاعريءَ جو شمار، تصورات جي دنيا ۾ ٿئي ٿو، شاعريءَ لاءِ نوان اصطلاح ميٽا آرٽ ۽ ميٽاريئلزم ۽ ٻيا استعمال ٿي رهيا آهن. شاعري تخيل جي جمالياتي ۽ موزون انداز ۾ صوتياتي اظهار آهي. لکڻ کان وڌيڪ شعر گوئي جي زباني روايت  Oral Tradition وڌيڪ اثرائتي ۽ ڪلاسڪس ۾ ڳڻي ويندي آهي. تصوريت  Conceptual-ism جي ڪري شاعري ٻڌي ۽ پڙهي ويندي آهي. طويل نظم ڪيڏاري (رزميه/Epic) لکيا ويا داستان بيان ڪيا ويا. ڀٽائي جي ڪلام ۾ پڻ داستان تمثيلي انداز ۾ آفاقي قدرن جا عڪاس آهن.
          آفاقي قدرن واري شاعري هر دور جو ادب آهي. آفافيت جي قدرن جي مڃتا جا ڪهڙا محرڪ آهن، ۽ انهن جي ماديت يا طبعات جي معاملات سان ڪيتريقدر ويجهڙائپ  Juxtaposition آهي. ان بابت گوگل تي موجود گهڻي معلومات موجود آهي. سن 1983 ۾ نئين ٽهي جو نقاد (The young critic) جي سري هيٺ ماسڪو ۾ مباحثي (Debuted) جو بندوبست ڪيو ويو ۽ هي پهرين ڀيرو هو، جو ماديت کان هٽي ميٽارئلزم ۽ ڪنسيپچوئلزم بابت سيمينار منعقد ڪيا ويا ۽ تشهير ڪئي وئي.
          ايڪهين صديءَ ۾ ادب کي زندگيءَ جي سڀني شعبن جي عڪاسيءَ جو وسيع تر ماديتي ۽ احساساتي ڪئنواس ملي ويو آهي. اين جي اوز ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ماڻهن  Peoples جي ترجماني جون دعويدار بڻيل آهن، پراڻيون بيٺڪون مارڪيٽ جا اهڙا هنڌ آهن، جتي هر رنگ، نسل، مذهب، ۽ ٻولي وارو اجنبي ماحول برپا آهي، سنڌ ان قسم جي تجربي جي ليبارٽري آهي. ڪراچي ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ڪئي وئي آهي. سنڌي وڃائجي ويا آهن. کين ڳولڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن سياسي، ثقافتي ۽ ادبي ميڙاڪا ۽ سرگرميون منعقد ڪيون وڃن ٿيون. سڃاڻپ جو بنيادي مسئلو آهي، جنهن هر شخص کي موجوده اجنبيت جي وايو منڊل ۾ بي چين ڪري ڇڏيو آهي. ”ادب جو واءُ سواءُ“ ادبي ڪاوش جو سلسلو آهي. هن سلسلي ۾ طبيعات، مابعد الطبيعات جا فڪري موضوع به اظهاريا ويندا ته ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي وقائتي گهرج ۽ چونڊ جي آزاداڻيءَ اختيار Option تحت واءُ سواءُ به پڙهڻ لاءِ ملندو.


No comments:

Post a Comment