Thursday 12 March 2015

an archive report compiled by the secretary sindhi adabi sangat karachi

سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي هفتيوار تنقيدي گڏجاڻي.سريلي شاعر،نقاد آفاق ڀٽيءَ جي صدارت ۾ ثي گذري21.04.11
ڪراچي (پ ر)سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوارتنقيدي گڏجاڻي سريلي شاعر،ليکڪ آفاق ڀٽيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ گڏ جاڻيءِ جي شروع ۾ ئي سنڌي قوم پرست اڳواڻن سرائي قربان کهاوڙ،روپلو چولياڻي ۽ سندن ساٿي جي قتل خلاف مزمتي ٺهراءُ پاس ڪيوويو.جنهن کان پوءِ سليم رند “نثري نظم” ۽ تاج بلوچ “غزل” تنقيد جي لاءِ پيش ڪيا.صدارتي راءِ ۾ آفاق ڀٽي چيو ته نثري نظم جا ٽي حصا هوندا آهن . شروعات ،  وچ ۽ آخر.نثري نظم پڙهڻ جي شيءِ آهي نڪي ٻڌڻ جي.هن نظم ۾ داخلي ڪيفيتن جو اظهارآهي. جنهن ۾ سگھاروخيال پيش ڪيل آهي. تخليقڪارجون سڀئي شيون شاهڪارناهن هونديون پرکيس ڪجھ جاندارشيون گھڻون اڳتي وٺي وينديون آهن.جڏهن ته تاج بلوچ جي غزل تي صدارتي راءِ ۾ چيوويوته فنڪارتجربا ڪندورهندوآهي هي مڪمل طورتي غزل آهي.اسان کي پنهنجي ٻوليءَ تي ڌيان ڏئي تخليقن ۾ نج سنڌي لفظ استعمال ڪرڻ گھرجن.اسان محبوب کي قيد نٿا ڪري سگھون ته ڪنهن سان تعلق رکي ۽ ڪنهن سان نه رکي کيس سماجي رابطن ۾ آزادي هجڻ گھرجي.غزل ۾ اردو ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آندل آهن.جنهن کان پاسوڪرڻ گهرجي ها.ممتازمهرتنقيد ۾ حصووٺندي چيوته آرٽ ۽ ادب اڪيلائپ جوشڪارويڪ ٿي ويا آهن.هي نظم عام انسان جي وارتا آهي.ٿورن لفظن ۾ زندگيءَ جي فلسفي کي بيان ڪيوويوآهي.الله بخش راٺوڙجوچوڻ هوته نظم ۾ جواني ۽ پوڙائپ جوذڪرموجود آهي. رسڻ ، پرچڻ ۽ پيار جوتعلق رڳو جوانيءَ سان ناهي پر پوڙائپ جي پيار۾ به ماڻهون ساڳي ڪيفيت مان گذري ٿو.هتي شاعرنظم جي ڪلائميڪس ۾ جلد بازيءَ کان ڪم ورتوآهي.تاج بلوچ چيوته نظم ۾ اڻ لکي مايوسي ڏيکاريل آهي.نظم ابلاگ نٿوڪري.اهو سچ آهي ته آرٽ ۽ آرٽسٽ ويڳاڻا ٿي ويا آهن.آرٽ لفظن جوکوڙو ناهي پرآرٽ اهوآهي جو پڙهندڙ۽ٻڌندڙ کي بيقرارڪري ڇڏي.تاج بلوچ جي غزل تي راءِ ڏيندي احمد آزاد چيوته هي غزل سنڌي ۽ اردوڪلاسڪ ۾ ورهايل آهي.غزل ۾شاعر جي موجودهه عمر جي حوالي سان ذڪرڪيل آهي.هي خوبصورت ۽ چست غزل آهي.الله بخش راٺوڙ چيوته شهري ڪلچرجوٻوليءَ تي اثرپوي ٿو.شاعرجواني جيان پيريءَ ۾ به ساڳي قوت سان پنهنجي اندر جي جولان کي زندهه رکيون پيواچي.اهڙواظهارغزل ۾ موجود آهي.مظفرميمڻ چيوته هي غزل تاج بلوچ جي پروقارشاعري ۾ ڏارٿووجھي.غزل ۾ اردو لفظ استعمال ٿيل آهن.جهڙوڪ روح کي بتڪدوٺاهي ڇڏڻ اهڙيون شيون سمجھ کان ٻاهرآهن.شاعريءَ مان اندرواري اڇل محسوس نٿي ٿئي.ڊاڪٽرعاشق حسين البدوي چيو ته تاج جي شخصيت غزل مان جھلڪي رهي آهي.ڏاڍوخوبصورت ۽جاندارغزل آهي.رکيل مورائيءَ چيوته غزل ۾ نئواڻ ڪانهي.شاعر جوغزل سان رويوغزلاڻوپرڀرپورتوانائي موجود ناهي.نصيرسومري چيوته ڪڏهن ڪڏهن خيال ايڏوخوبصورت ۽ طاقتورهوندوآهي جو شاعرگرامر۽ وزن بحرجي پابندي قربان ڪري ڇڏيندوآهي.سوچ جواولڙوئي شاعري آهي.سوچ بدلجي ٿي ته رويوبه بدلجي وڃي ٿو. مٿين کانسواءِ رحمت الله ٻررڙو، آغاثناءُ الله خان پٺاڻ ،رزاق سهتو، مصطفى انڙ ۽ ٻين تنقيدي بحث ۾ حصو ورتو.

رزاق سهتو       
سيڪريٽري        
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي.
 21.04.11


No comments:

Post a Comment