Sunday 22 March 2015

اوسر جي گھڙيال جا ٻه طرفا رخ

اوسر جي گھڙيال جا ٻه طرفا رخ                                                                                                        

                                                                                         نصير سومرو
روين جا رخ به عجيب آهن. هڪ دائري جي ٽي سو سٺ رخن مان تخيل جي سئي ڪڏهن ٿي هڪ کان ٻي ڪنڊ تي ٽپو ڏيئي پڄي اهو اڃ بک بي گهرج ٿي ٻڌل آهي.
اڃ بک بدن جي عضون جي فطرتي گهرج به آهي ته تهذيبي ۽ ثقافتي پڻ. سماج جي اندر رهندي معاملن  جون گهرجون پوريون ڪرڻ اڻٽر آهن، رواج  جي دٻاءَ  هيٺ ڀرم رکندي ائين ئي ڪرڻو پوي ٿو جيئن درڪار هجي، پنهنجي دل مڃي، يا نه مڃي ، دباءَ هيٺ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو.
ظرف، يعني ”ڪرڻ“ جي پٺيان سبب جو هجڻ لازمي آهي . هڪ سبب جا نتيجا چڪر جي ٽي سو سٺ درجن مان ڪنهن به حد تائين ڦهليل نڪري سگهن ٿا. جيئن ڀانئجي ته،  ستر سيڪڙي تائين ڪنهن  دڪان ۾ سيل لڳل هجي ۽. ٻاهران بينر پڙهي اندر گهڙڻ سان خبر پئي ته ستر سيڪڙو سيل هر وکر تي نه، پر ستر سيڪڙي تائين آڇيل آهي. اُڃ بک جي هيءَ سيل واري شدت مختياري ((optional آهي.
 گهرج جون  شيون،  جيئن روزاني کائڻ لاءِ خوارڪ ،  پائڻ لاءِ پوشاڪ، ۽ رهڻ لاءُ گھر وغيره گهربل آهن،  تيئن هوا، پاڻي، باھ  جهڙن قدرتي وسيلن جي گھرج پڻ آهي. هوا مان آڪسيجن،  هر شخص ايتري ماتر ۾ ئي ساھ کڻندي استعمال ڪندو آهي، جيتري لوڙ  اٿس. گھڻي لوڙ اٿس؟  هي معلوم ڪرڻ جي گهرج به دڪار ڪانهيس. هي آپيدان  (آٽوميشن/(automation آهي. آٽوميشن مان مراد, خودڪاريت يعني پاڻمرادو سرشتي جوط ريقيڪار آهي، جيڪو سرشتي ((nature جي ماتحت آهي، ساھ کڻڻ ۽ هوا ۽ روشني وغيره مان گڌيل گهرجون پوريون ڪرڻ جو سماجي ڪارج شعور/وجدان سان سلهاڙيل آهي.سماج جي اڏاوت انسان پاڻ ڪئي آهي. پورهئي کي پيداوار ۾ بدلائيندي ” اضافي طلب ۽ رسد“ جا اڻ ڳڻيا امڪان پيدا ڪيا اٿائين. منڊيون ڪارخانن مان ٺهيل شين سان سٿيون پيون آهن، ۽ نه پهچي سگهڻ جو ڏوھ به اسان ڀاڳ کي ڏيندا آهيون.. اهليت ۽ نااهليت جا معيار بدلجي ويا آهن، گڏيل ذهانت ۽ ڏاهپ جي هم آهنگي جي بلندي (   sublime )کي ڇهڻ جي ڏات  ٿورڙي تعداد ۾ سجاڳ ذهن رکندڙ آهن.. سجاڳ ذهن، لاءُ   فطرت جي مڪتب مان سکڻ  ۽ پرائڻ سان گڏ،  سماج جي اندر انسان جي اڏيل  مڪتبن مان  سکڻ به  اڻٽر ٿي پيو آهي. هي تهذيبي گھرج، انسان جي فطرت سان  هم آهنگي ۾ به آهي ته ساڻس ٽڪر ۾ به آهي.
 جادو ۽ ٽوڻن کان ڪم ٽپي ويو آهي. صحت ۽ تعليم جي معياري حالت  اُتم معياري بڻائڻ خاطر وڌ کان وڌ  سکيا ۽ مسلسل مشق کي نه هجڻ مان هجڻ ۾ آڻڻ سان گڏ، تنهن کي هڪڪرو (uniform ) بڻائڻ به گھربل آهي. ان اڳڀرائي کي ترقي جي شڪل ۾ نظر  اچڻ گھرجي. اهو تڏهن ٿي سگھي جڏهن ترقي جي عمل ۾ سڀئي شهري ڀاڱي ڀائيوار هجن. پورهيو  سڀني کي لازمي ڪرڻ سان، چاهي اهو جسماني هجي يا ذهني پورهيو هجي،. تخليقي ۽ سجاڳ ذهنن کي اڳتي وڌڻ ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جا موقعا ملي پوندا.  اهي ماڻهو جيڪي سماج دشمن سرگرمين ۾ رڌل آهن، ۽ جن جي آمدني جو ذريعو پورهيي جي بدران ڪنهن نه ڪنهن ڌر جو ٽشو پيپر بڻجي،  سازشن سان واڳيل آهن، ضابطي هيٺ آڻي سگھبا.. پورهيي سان ئي،  بک مٽائڻ خاطر پن ۽ پٽ، لٺ ۽ چٺ جو  خاتمو آڻي صحتمند ۽ ترقي يافتا سماج اڏي سگھنداسين. اوائل کان وظيفا ڏيئي پنڻ جي صنعت ۽ آبياري ڪئي وئي آهي.. جيتوڻيڪ،  فني خدمتون ڏيندڙ تخليقڪار  ڪنهن نه ڪنهن شرح ۾ وظيفو وٺندي،  سماج جي اڏاوت ۾هاڪاري گهرج جو پورائو ڪندا آهن، پر غير پيداواري رٿائن جي بار هيٺيان،  رياست دٻيل رهندي ته ترقيَ جو ثمر هيٺين طبقي تائين نه پهچي سگهندو، . وزير، ڪامورا ۽ سڌسماءُ جي ذريعن سان جڙيل پرويشنل ذهن پاڻ کي عوام جوخادم سمجهڻ بدران انهن جو ڌڻي سمجهن ته. هي رويي جو رخ ئي ابتو آهي.
سماجي اوسر ۾ هڪجهرن موقعن  جي دستيابي جو  سوال اٿارڻ دانشمنداڻو وڙ آهي. فطرت سڀني انسانن کي هڪجهرا موقعا ڏيندي آهي. ڪير رتبي ۾ وڏو آهي، ڪير ننڍو، وقت جا چوويهه ڪلاڪ گزارڻ لاءَ يڪسان ملندا آهن. رياست کي فطرت جو عڪس چئجي ته بنهه  غلط ڪونهي. فطرت  ۾ پورهيو آهي، محنت آهي، مستقل مزاجي آهي، ۽ نظر ايندڙ ڪارڪردگي آهي.فطرت جي اوسر جو رخ هڪ طرفو آهي. اهو آهي جبر وارو. جبر جو ٻيو نالو طبيعات جا اٽل قاعدا ۽ قانون آهن. پولار ۾ نکتن جو ڦيٿو گھڙيل جي ابتڙ، يعني، انٽي ڪلاڪ وائيز آهيي.  تهذيب جو ڦيٿو،  گهڙيال جي موافق ۽ پڻ مخالف ٻنهي رخن وارو آهي. ٻنهي قسمن جي رخ جو ڪارڻ شعور جي گهرج آزاد خيال يا آزاد مرضي جي ماتحت آهي. اها اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ڪانهي ته انساني ذهن ڪهڙي مهل ٿو بلٽ کائي ۽ موافق ۽ مخالف رخن مان ڪهڙي رخ ڏانهن ٿو پنهنجي تخيل جي سئي ڦيرائي.
ابتو سبتو کاٻو ساڄو ۽ اهڙا ٻيا ٻٽا لفظ هڪ خيال جي ترجماني ڪندڙ آهن. انجنيئر هجڻ جي ناتي، اهو سمجهڻ نهايت سولو هو ته اسڪرو (چوڙيندار ڪوڪو) اندر دٻائڻ (ٽائيٽ ڪرڻ) لاءِ پيچڪش ساڄي طرف ۽ ٻاهر ڪڍڻ يا کولڻ لاءِ کاٻي طرف گهمائڻو پوندو آهي.
يعني right-tighty ۽
Lefty-losey
هن کاٻڙيي ۽ ساڄڙيي اصول کي ”ڍٻريءَ جو اصولو“ به ڇئي سگهجي ٿو. ”نٽ بلٽ جي ڊرائي ۽ ڀرائي پڻ چوڙيدار وڍن واري آهي. رياضيءَ جي استاد سمجهاڻي ڏيندي ٻڌايو هو ته اينٽي ڪلاڪ وائيز ڦيرو هاڪاري ڪنڊ مجموعي طور متفق ٿيڻ اهي.
A positive angle of rotation
پر رت جي چڪاس واري ليب ٽيسٽ جو پازيٽو هجڻ خطري جي علامت آهي. زمين  اينٽي ڪلاڪ وائيز يعني هاڪاري ڪنڊ واري رخ ۾ ڦرندي آهي. انهن ماڻهن لاءِ زمين جو اينٽي ڪلاڪ وائيز ڦرڻ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، جي مڃيندا هجن ته زمين سج جي چوڌاري نه ٿي ڦري پر سج زمين جي چوڌاري ٿو ڦري.
جيڪي قوتون ”ڪتاب“ جي لکيل فلسفي تحت سماج مٿان راڄ ڪن ٿيون ۽ سدائين هڪ طرف ڏانهن جهڪيل آهن، اهي هاڪاري ڪنڊ ڏي مائل به آهن قائل به آهن. بنا ڪتاب جي پڌرنامي وارا گهڻن ڪتابن مان رهنمائي وٺندڙ ۽ ڪنهن به هڪ طرف جا پيروڪاري گهٽ ۽ ڦرندڙ گهرندڙ وڌيڪ آهن. هي اوائلي دڳ (مذهب) بت پرستيءَ وارو Paganism  آهي. انهن بت پرستن نسل انساني کي برقرار رکڻ خاطر تخليق جي ويجهو رسمن ۽ انهن جو بنياد ڏند ڪٿائن تي رکيو، جو اڃا سائنسي علم ۽ فن ترقي يا فتا شڪل ۾د ريافت نه ٿيا هئا. گهڻ رخي تخيل جي ڦهلاءُ وارو مذهب، ڪثرتي ويساهن جي صورت ۾ هنوز پڻ رواج ۾ آهي. ادارا ۽ صنعتون ٺهڻ سان بت پرستي ايڪهين صديءَ ۾ ملٽاءِ نيشنل جي شڪل ۾ دنيا مٿان حڪومت ڪري رهي آهي. ان ڪثرت جي وحدت جو دنيا جي گڏيل واپاري ٽولو WTO آهي. ان کان اڳ ۾ گڏيل قومن جي وحدتي حيثيت هئي جڏهن دنيا ۾ ٻن سانن (ٻن سپر پاورن) ۾ سرد جنگ جوٽيل هئي. يوني پولر (هڪ طرفي) طاقت جو محور معاشي هڪ هٽيءَ جي شڪل ۾ پنهنجي پوڄا پاٺ ڪرائي رهيو آهي. هن پوڄا پاٺ جي آڏو الهامي ڪتابن جي پوئلڳن جا ويساھ ۽ پوڄا جا طور طريقا محدوم ٿيندا پيا وڃن


No comments:

Post a Comment