Tuesday 3 March 2015

جڳ مشهور فرينچ ڪهاڻيڪار موپاسان

سانگي پکي سار جا 
جڳ مشهور فرينچ ڪهاڻيڪار موپاسان
نصير سومرو


ڪيڏي نه، ڇرڪائيندڙ ڳالهه آهي، جڏهن هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار جهڙن القابن وارو سنجيدو شخص پنهنجو ڳلو ڪپي آپگهات جي اڻپوري ڪوشش ڪندو هجي. واقعو ٻڌڻ سان ئي لڱ ڏڪي وڃن ٿا ته پاڻ خود آپگهاتي روح ڪهڙي ڪيفيت مان گذريو هوندو. هيءَ جڳ مشهور ڪهاڻيڪار جي ذاتي ڪهاڻي آهي، جنهن ٽن سو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون، ڇهه ناول لکيا، سفر جا وچور قلمبند ڪيا هڪ شعري مجموعو ڏنو يارنهن سالن جو ٻارڙو هو ته ماڻس هن جي پيءَ کان ڌار ٿي وئي. هي پنهنجي ماءُ سان گهڻو مانوس ۽ محبت ڪندو هو، جنهنجي سرپرستي ۾ جيون چرتر گهاريو، هوءَ پڙهي لکي عورت ڪلاسيڪي ادب سان خاص چاھ رکندي هئي.
                هن جو نالو مو پاسان آهي. فرينچ ادب جو ديو قامت ليکڪ جنهن اڻويهين صديءَ جي افق تي يڪتا وهائو تاري جيان ڏات جي خداداد لاٽ سان چمڪي ڏيکاريو.
                مو پاسان هاءِ اسڪول جي ڏينهن ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو ورتو ۽ انهيءَ سرگرميءَ مان شاعريءَ جو اُتساھ مليس، شاعري به اها جيڪا پڙهندڙ پسند ڪندا هجن، هن جي دوستاڻن تعلقات ۾ تڏهڪو ناميارو ليکڪ گستاف فلابرٽ جو اچڻ ڇهڻي ڪنڊ (Tangential Angle) ثابت ٿيو. فلا برٽ جي ڪتاب ميڊم  ”مادام باوري“ کان سنڌي اديب ۽ شاعر پڻ واقف آهن.
موپا سان ارڙهين سالن جو هو ته هن شاعر چارلس سوئن برن جي ايٽريٽاEtretat ڪناري سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان ڪڍي حياتي بچائي هئي. پر بدقسمتيءَ سان جنسي بيماري سفلس کان پاڻ کي بچائي ڪو نه سگهيو.
                هي مرض هن جي عمر جو روڳ بڻيو رهيو. ذهني مونجهارن ۽ ڊپريشن جو سبب پڻ هي معاملو هو. اهڙي حالت ۾ سڄي عمر شادي نه ڪيائين. هن جا سوانح نگار ان خيال جا آهن ته 1880ع کان 1886ع تائين گيسل اسٽوڪ Gisele Estoc نالي ناريءَ سان تعلقات هيس. تنهن کان علاوه ٻي عورت، نالي جوزفين ليزلمئن Josephine litzelmann هئي. جنهن سان پريم جي پيچري تي هيو.
                جڳ مشهور ليکڪ، جنهن جي ڪهاڻي جو چرچو ڪتابن ۽ فلمن جي ذريعي هڪ کنڊ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين کنڊ تائين، منجهن فطرتي عڪاسي جي سبب چرچو ٿيڻ لڳو، ڏکاري حال ۾ رهندي به غير معمولي ادبي پورهيو ڏنو. ٻائيتاليهن سالن جي ڄمار ۾ ڏکن مان جان ڇڏائي مٽيءَ ڀيڙو ٿيو. سن 1894ع ۾ ٽالسٽاءِ جي ڪتاب ”موپاسان جي ڪليان“ (The works of Guy de moupasant) جو موضوع بڻيو چون ٿا ته موپاسان انهن ڇائيتاليهه فرينج اديبن ۽ آرٽسٽن ۾ پاڻ به هو، جن تڏهوڪي پبلڪ ورڪس جي وزير کي ايفل ٽاور جي اڏاوت خلاف خط لکيو هو.


No comments:

Post a Comment