سانيٽ
نصير سومرو
ڦلدائڪ وڻ جي
لام ۾
ٻه ناشپتيون پڪل
پريمڪا
لڏندي لمندي پئي پسائي
نِوڙي در جي وَنگ
جيان
صبح سويري اڱڻ ٻوهاري
ور ور وَرَ تان
تن من واري
سهرا ڳائي
کٽ تي ويٺل راڻل
آڏو
پريم پچاري
سار سنڀاري
نيڻ ملائي
ڪيئن نه ڏيئي
اوڙڪون
ساوڻ رُتِ جو
مينهن وُُٺو هو رات ڀر.
...................
No comments:
Post a Comment