سمان
نصير سومرو
ڪثافتن جي ڪثرتي
لقائن مان
نجپڻي جا نشان
ته ڳولي لڌاسين
پر اهي الڳ الڳ ڪري
هر نشان يڪتا بڻائڻ ممڪن ناهي
ڪجھھ به هجي
سڀ ناممڪن ناهي
ناممڪن کي ممڪن
ڪرڻ وارو
پاڻ اهو انسان وڏو لاهُه آهي
پوڄا ڪري ڪري
پاڻ ديوتا ٿيو پوي
هڪڙا ديوتا
جي ٻه في صد آهن ته
ٻيا پوڄاري لوڪ
انهن مان به مها
پوڄاري
ٻه في صد ديوتائن جا دادلا
باقي ڪُت خلق
مٿو ٽيڪيندڙ ٻين کي
ڪُت پٽڻ ۾پاڻ کي پاڻ آهه هوشيار
لوڪ نٿو ڄاڻي
ته
ڏات ڏاهپ سان سلهاڙيل جيڪڏهن ته
اها پورڻتا جنم
ڏيندڙ آهه جوت کي
جوت اوندهه ۾
هجي يا
روشني ۾
پر انڌي جي ڪاڻ آهي لٺ سمان .
.
No comments:
Post a Comment