نئين
وچن جي آسري نصير سومرو
هوا جي سرسراهٽ
۾
نه ڄاڻ! انيڪ
احساس جون اناد چميون
چپن جي چائنٺ تي
لمس جا نشان
پريم پانڌيئڙن
جا پار پڇائن پيا
چپن جا وڍ ۽
منجھن اسرت سگھه
ٻاڦ جي ڪوساڻ
جيان
سرت جي صورت
ڌاري
برف جهڙا ٿڌا
جذبا
کنوڻ جي کجڪار ۾
بدلائي ڇڏيندڙ
لپسٽڪ جي تهن ۾دٻجي
ويا
سرءَ هجي يا
بهار
ساوڻ وسي يا رسي
سج وهي جو نيٺ
لهڻو آ
مند اثر ڌيکاري
به ڇا!
هوا ۾ سرسراهٽ
آهه
پر لمس جي ڪوساڻ
کان ماورا
چپن جي چاشني جا
هيراڪ چپ
اناد چمين جي
آسري
نئين وچن جي
آسري.
No comments:
Post a Comment