Sunday 15 March 2015

اڪبر لغاري سان انٽرويو/ An Interview with Akber Laghari



نامياري فيلسوف نقاد اڪبر لغاري سان ڪهاڻي بابت گالهه ٻولهه

اڪبر لغاري فلسفي، ادب، آرٽ ۽ نفسيات جي مطالعي ۾ خاص سڃاڻپ رکندڙ نقاد آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو باقاعده ڪارڪن ۽ همعصر اديبن ۽ شاعرن کي پڙهندڙ ۽ مئن غير جانبداراڻي ٽيڪا ٽِپني ڪندڙ کليل ذهن جو اديب جيڪو عالمي ادب پڙهي ئي نه ٿو پر پرڏيهي ڪلچر کان به واقف آهي. ڪهاڻيءَ جي متعلق ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه جو تت پڙهندرن جي خدمت ۾ حاضر آهي
.
ليکڪ: اڪبر صاحب ڪهاڻي کي ڪيئن بيان ڪندا.؟

نصير سومرو: ڪهاڻي ڪردار ۽ ڪردارن جي چوگرد ڦرندڙ واقعي جي فني اڻت آهي. مک ڪردار ”اصل ڪردار“ آهي ۽ ٻيا ڪردار جيڪي اصل ڪردار جا مددگار يا ٻانهن ٻيلي آهن پيادا ڪردار سڏبا آهن. خبر ۽ ڪهاڻي ۾ فرق ڪرڻو پوندو. ان کان سواءِ ڪهاڻي بابت ڳالهائڻ اڌورو شمار ٿيندو. يعني خبر ڪهاڻي ڪانهي ۽ ڪهاڻي خبر ڪانهي، توڙي جو واقعو ٻنهي ۾ آهي.
خبر، تاثر ۽ ڪهاڻيءَ ۾ تفاوت ڪرڻ سان مٿس ڳالهائي سگهجي ٿو.

نصير سومرو: اڪبر صاحب خبر جي برعڪس ڪهاڻيءَ جي واقعي کان اڳ ۽ واقعي کانپوءِ به روداد جي اپٽار گهربل آهي، سو اها روداد ڇاهي؟

اڪبر لغاري: اهو مونجهارو آهي، جنهن کي تڪرار (conflict) يا تضاد ۽ ڪرائيسس چئون ٿا، ڪردار جي تبديل ٿيڻ جو موجب بڻجي ٿو. خبر ۾ هيءَ شي ڪانهي. اطلاع ڪردار جي تبديل ٿيڻ جو ڪارڻ نٿو بڻجي.

ليکڪ: ڪهاڻي جا قسم ڪهڙا ڪهڙا آهن؟

اڪبر لغاري: تڪرار ۽ تضاد جي روشني ۾ ڏسبو ته ڪردار ڪهڙي شي يا هستيءَ سان جهيڙي واري حالت ۾ آهي؟ پهريون هڪ شخص جو ٻي شخص سان تضاد، ٻيو، ڪردار جو سماج سان تضاد. ٽيون، ڪردار جو پنهنجي ذات (داخليت) سان تضاد ۽ چوٿون قسم آهي ڪردار (انسان) جو فطرت سان تضاد. پنجون قسم به آهي پر اهو ڪهاڻيءَ ۾ شمار نٿو ٿئي، جو ڪهاڻي جا ڪردار سماج سان واسطو رکندڙ انسان آهن. يعني مافوق الفطرتي ڪهاڻي

نصير سومرو: ڪهاڻيءَ جا اهي قسم مغربي يا پرڏيهي نقادن جا مقرر ڪيل آهن ؟

اڪبر لغاري: شارٽ اسٽوري يا فڪشن مغرب کان متعارف ٿيو. انگريز هند سنڌ ۾ آيا ته هنن پاڻ سان گهڻيون شيون آنديون. فن هجي يا فڪر، انساني تجربو هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ سفر ٿو ڪري. مختصر ڪهاڻي جا ماڻ ماپا معربي تجربن هيٺ آيل ڪهاڻين جي روشني ۾ اخذ ڪيل آهن. سنڌي ۾ آکاڻي هئي لوڪ آکاڻيون آهن. انهن ۾ ڪردار جن، ڀوت، ديوَ، پريون ۽ فرشتا وغيره اهڙا آهن جو انهن جو جيون چرتر انساني سمجهه ۾ اچڻ کان قاصر آهي، تڏهن اهي ڪهاڻي جي کيتر ۾ شمار نه ٿا ڪري سگهجن. ماورائي ڪردار جهڙا هوندا، تهڙا رهندا ۽ ڪهاڻي ۾ ڇڪتاڻ ۽ مونجهاري جي ولوڙ کان پوءِ ڪردار بدلجڻو پڻ آهي.

نصير سومرو: مونجهارو يا تڪرار (conflict) تي وڌيڪ روشني وجهندا. خاص طور سان ته هڪ ڪهاڻيءَ ۾ مونجهارو يا مک معاملو به هڪ ئي هجي؟

اڪبر لغاري: ضروري ڪونهي ته مونجهارو هڪ ئي هجي. گهڻا تڪرار به هڪ مک تڪرار جي چوڌاري گهمندي ڦرندي ڏيکاري سگهبا آهن. تضاد جي نوعيت تي دارومدار آهي. هڪ حوالو ڏيندس. ڪتاب آهي، ”دي ڪيمبرج انٽروڊڪشن ٽو نيريٽوِ (The Cambridge Introduction to Narrative) ايبٽ پورٽر چوي ٿو:

 There may be multiple prints of conflict in a single story, as characters may have more than one desire or may struggle against more than one opposing force.

يعني، هڪ متضاد قوت جي مقابلي ۾ هڪ کان وڌيڪ تڪرار ڪردار جي خواهش يا هلچل تحت اپٽار ڪرڻ مختصر ڪهاڻي جي زمري ۾ شمار ڪبا.

نصير سومرو: ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جو نه بدلجڻ به ته ممڪن آهي يا نه؟

اڪبر لغاري: ڪردار کي هلائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ توانائي گهربل آهي. جيستائين ڪردار کي توانائي يعني سگهه ملندي رهي ٿي تيستائين اهو ساڳي حالت ۾ رهندو اچي ٿو، تڏهن به انهن حالتن جي عڪاسي ڪرڻي پوندي ته آخرڪار ڪردار ڇو نه ٿو بدلجي. ممڪن آهي ته ٻاهران ڪردار ساڳيو هجي پر اندر ۾ بدلجي چڪو هجي پر ان جو اظهار نه ٿئي... ڦاسي پوڻ يا ٽريپ (trap) ٿي وڃڻ، يا دٻاءُ ۾ ڪردار ٻٽي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو. هتي نفسيات کان مدد وٺڻي پوندي. سگمنڊ فرائيڊ چوي ٿو ته انسان جي اندر ٽي انسان يعني هڪ چهري پٺيان ٽي چهرا موجود آهن. ۽ يونگ چوي ٿو ته اهي چهرا ڏهه يا ڏهن کان به گهڻا ٿي سگهن ٿا. چهري پٺيان چهرن جو وجود دراصل اُڻ تڻ ۽ اُلجهن يا احساس ڪمتري يا محرومي آهي. انگريزي لفظ complex آهي ۽ ان جي معنيٰ ۽ وصف به گهڻن سوالن جو جواب ڏيندڙ آهي.

نصير سومرو: نفسياتي اصطلاح ڪامپليڪس Complex تي وڌيڪ روشني وجهندا، جيئن اڀرندر قلمڪارن کي ڄاڻ پيرائتي انداز ۾ ملي سگهي؟

اڪبر لغاري: پاپولر اصطلاح احساس ڪمتري Inferiority Complex استعمال هيٺ رهندو آهي. ان جو ضد احساس برتري به آهي. ڪردار جڏهن بدلجي ٿو ته ڪمتريءَ مان برتريءَ ۽ برتريءَ مان ڪمتريءَ ۾ هليو وڃي ٿو. هن احساس مان مراد ذهني مونجهارو ۽ الجهاءُ آهي. پوڍاپيي جي نفسيات جو چرچو گهڻن ليکڪن ڪيو آهي. شيخ اياز پڻ ان بابت لکيو آهي. عبدالحسين سانگي تي جڏهن زوال جا ڏينهن آيا ته هن جي زندگيءَ بدلجڻ سان سندس شاعريءَ تي به تهڙا اثر پيا، شاهاڻي حال مان غريبيءَ ۾ اچڻ سان ڪردار ڇا ٿو سوچي اهو ڪهاڻي جو اصل ڪردار آهي. سانگي جو مشهور ۽ گداز ڀريو شعر آهي:
ڏسندي ئي نو دولتن جون دولتون
اصل خانن جا خانا ياد آيا.

نصير سومرو: ڪهاڻي يا ناول ۾ ٿيم (Theme) يا مک خيال (Mao idea) جي ڪيتري افاديت آهي.؟

اڪبر لغاري: ٿيم وڏي خيال جو نالو آهي جيڪو پنهنجي پکيڙ ۾ جڳت کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏي ٿو. فلم ڏسڻ سان، ناول پڙهڻ سان، ڪهاڻي پڙهڻ سان ان جي مک خيال جو اثر سامعين جي حواسن کي پنهنجي وٺ ۾ آڻي ڇڏي ٿو. ڪهاڻي، فلم يا ناول جو موضوع ڇاهي، اهو ٿيم يا مک خيال آهي. انسان جي طرز فڪر تي اثر وجهندڙ ڪهاڻين جي موضوعن جو وڏو دخل آهي. دل کي ڇهندڙ، احساس کي جنجهوڙيندڙ ڪهاڻي جي موضوع شعور جو حصو بڻجڻ سان پڙهندڙ جو تخيل ۽ انسان دوستي ڏانهن لاڙو اوچو (uplift) ٿئي ٿو. سوچ جو ڪئنواس ڪشادي ٿيڻ سان برعڪس يا ٻي سوچ (Second Thought) ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي سگهه ۽ سهپ فڪشن جي مطالعي جي حاصلات آهي.

نصير سومرو؛ سائين اڄڪلهه ڇا پيو پڙهو؟

اڪبر لغاري: هڪ انگريزي ناول آهي فرينڪسٽائن، جيڪو انگريز ساعر شيلي جي زال جو لکيل آهي پڙهي رهيو آهي. اڄ کان ٻه سئو سال اڳ ڇا ته ناول لکيو ويو هو. شلي جي زال جو ناتو ميري شيلي (Mary Shelly) آهي. ڪمال جي ٻولي اٿس. هي ناول انگريزي ٻولي مان مزو وٺڻ خاطر به پڙهڻ گهرجي. ناول وڪٽر هينري فرينڪسٽائن جي ڪردار چوڌاري ڦري ٿو. هي ڪردار ميري شيلي جي تخليق آهي. فرينڪسٽائن ڊاڪٽر آهي ۽ بنهه جنوني .(crazy) هن ڊاڪٽر ۽ سائنسدان جي ڀيٽ جديد پروميٿيس سان ڪري سگهجي ٿي. ڪلوننگ جو تجربو اڄ حقيقت بڻجي چڪو آهي. پر حياتي پيدا ڪرڻ جو تصور هن ناول ۾ ٻه سو سال آڳاٽو ڏنو ويو هو. ڇا ته ناول نگار تخيل جي اپٽار ڪئي آهي
.
نصير سومرو: سائين توهان جي نظر ۾ موضوع جي نسبت ۾ خيال جا ڪيترا قسم آهن؟

اڪبر لغاري: عالمن ۽ نقادن ٿيم جا ڏهه قسم ڄاڻايا آهن. هي مشهور قسم آهن. انهن کان علاوه به آهن ۽ آئينده تخليق به ٿي سگهن ٿا. مثال طور طوفان کان پوءِ اجهي جي تلاش يا لڏپلاڻ جي حالت ۾ جياپي جو سوال ته گهر ڪڏهن به وڃي سگهو ٿا. يا ڪڏهن به واپس گهر نٿا وڃي سگهو.
You can always go home again.
يا
You never go home again.
جيڪڏهن ان خيال جي هڪ رخ ۾ ڪهاڻي جو ڪردار گهڙي سگهجي ٿو ته ان جي برعڪس به ڪردار اڀاري سگهجي ٿو. ناول نگار جو ارادو ڪيڏانهن جهڪيل آهي، اهو مٿس منحصر آهي. اهڙيون ڪهاڻيون به امڪان جي دائري ۾ اچن ٿيون، جن جي ڪردار جي قسمت کي معجزي سان ڀيٽيو ويندو آهي. جيئن مسافر جهاز تباهه ٿي ويو. سو کان مٿي مسافرن مان رڳو هڪ معصوم نينگري زنده بچي وئي. بالا ڪوٽ جي زلزلي پڻ ڪيترين معجزاتي ڪهاڻين کي جنم ڏنو. ملبي هيٺ دٻيل ڪو شخص اهڙو به هو، جيڪو ڏهن ڏينهن کان پوءِ زنده سلامت نڪتو
.
نصير سومرو: سائين پوئتي ٿا هلون، اهو ٻڌائيندا ته ڪردار ۾ اها ڪهڙي شي آهي، جا بدلجي ٿي؟

اڪبر لغاري: انسان جو فڪري وجود خودي تي بيٺل آهي. هيءَ هلچل، ڀڄ ڊُڪَ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي جستجو، خودي جي ڪري آهي. مان، توهان سان هي جيڪو ڳالهايان پيو سو به خودي، يا انا آهي. انا جي تسڪين انسان جي جذبي جي تڪسين آهي. خودي مسلسل آهي پر مستقل ڪانهي. علامه اقبال وٽ خودي مستقل (Constant) آهي. خودي ڪيترن ئي مونجهارن ۽ الجهنن ۽ محرومين جو مجموعو، پر عڪس ۾ مِرر اميج (Mirror Image) آهي. فوٽو ۾ ساڄو ڪن کاٻو ۽ کاٻو ڪن ساڄو ڏسڻ ۾ ايندڙ مِرل اميج يا آرسيءَ جو ابتو عڪس آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار پهريون بڇڙو ۽ بد آهي پر آخر ۾ نيڪ ۽ ناماچاريءَ وارو ٿيو پوي. ائين نيڪ ڪردار ڦري بڇڙو ٿيو پوي. هي ڪردار جا ابتا عڪس آهن. جيڪي تبديل ٿيندي ڪهاڻي ۾ ڏيکاريا ويندا آهن. خودي جو ٺهڻ ۽ ٽٽڻ يعني بي خوديءَ جو لباس پائڻ وڏي ڇڪتاڻ ۽ تضاد ۾ رهڻ کانپوءِ ئي ممڪن بڻجندو آهي. شاعر ۽ سماج سڌارڪ رشي ۽ پيامبر ۽ ولي سجاڳ ۽ خبردار رهڻ تي ان ڪري زور ڏيندا آهن، جو انسان جو اندر ۾ همزات (همزاد) جي شڪل ۾ ابتڙ ڪردار (مرر اميج) همه وقت تاڙ ۾ ويٺو  هوندو آهي. خودي جيئن ته بدلجندڙ انساني قدر آهي، ان ڪري ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار چڱو، چڱي سان به تضاد ۾ اچي آڏو بيهندو آهي ته بڇڙو، بڇڙي سان به مهاڏو اٽڪائيندو آهي. ماڻهوءَ جو ٽڪر پنهنجي ذات سان به آهي
.
نصير سومرو: سائين اهو ٻڌائيندا ته اهو ڪهڙو عنصر آهي، جيڪو ڪهاڻي ۾ بنهه ضروري هجي؟

اڪبر لغاري: واقعو- انگريزيءَ ۾ چئبو Happening نه ته جذبات اُڀارڻ وارو عنصر ته شاعريءَ ۾ به آهي. واقعو به اهو جيڪو ڪرائيسز  يا  conflict مان گذريو هجي

نصير سومرو:. ڪهاڻي، ڪهاڻيڪار ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو پهلو هڪ جهڙو آهي جيڪو نقاد ٻڌائيندو هجي

اڪبر لغاري: اثر جي پنهنجي وحدت آهي. ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪردار کان روئڻ جي تقاضا ڪندي ڏيکاري ٿو ته ڪهاڻرڪار پاڻ به محسوسات جي انهيءَ پد تي هجي، جو واقعي ئي رنو هجي ته پڙهندڙ به تڏهن روئندو. والٽيئر جي لکڻ مهل اها ڪيفيت هوندي هئيئ سنڌي ۾ ممتاز مهر جي،جا ڪهاڻي انهيءَ معيار جي تخليق چئجي سا آهي، ”جڏهن مان چوهٺ جو هوندس“.پڙهندڙ جي ليول مٿاهين آهي. ته کيس ڪهاڻيڪار به اهو متاثر ڪندو جنهن جي ليول هن جي ليول کان مٿاهين، يا برابر درجي جو هوندي. سن 1990 ع کان پوءِ معلومات ۽ اطلاعات جي آيل ٻوڌ ۾ پڙهندڙ جو آءِ ڪيو ۽ ذوق بين الاقوامي موضوئن سان سلهاڙجي ويو آهي، ان لاءِ هن جي ٽيسٽ جا عنوان ۽ موضوع به مطابقت ۾ هجڻ کپن هيءَ مطابقت ڪم conformity پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهاڻيڪار کي پنهنجي فني ۽ فڪري تجربن ۾ نواڻ ۽ بلندي آڻڻي پوندي.فڪشن ۾ ڪولڊ وار، ڪيپيٽل پنشمينٽ، نشي جي لت drug addiction ، ٻٽا معيار، (ڊبل اسٽينڊرڊس) ۽ ٻيا آڻڻ سان گڏ انهن جي باري ۾ ڪهاڻيڪار جي راءِ ڏيڻ جي صلاحيت به درڪار آهي ته جيئن هو ذڪر ڪيل موضوئن بابت اوچي معيار جي موضوع کي ڪهاڻيءَ جي لاڳاپيل جذيات کي سٺي انداز ۾ نڀائي سگهي. ڪهاڻي جي جي اڻت treatment واقعي جي لازميت کان مٿاهين آهي. ۽ هيءَ ڳالهه ڪهاڻيڪار جي ذاتي مشاهدي،تجربي ۽ لسانيات جي پختگيءَ سان سڌي نسبت direct  proportional ۾ آهي. پڙهندڙ تڏهن پنهنجي فڪر جي طرز ۾ تبديلي آڻيندو.جڏهن هو شديد تر محسوس ڪندو ۽ اتساهه وٺندو. دانتي جي ڊوائين ڪاميڊي پڙهڻ سان قاري پنهنجي اخلاقيات جو جائزو وٺڻ تي مجبور ٿو ٿئي. مرتيي کانپوءِ واري حياتي after life  بابت ميڊيول medieval دور جي ماڻهن جي خدا ۾  ويساهڪ حياتيءَ جو نقشو چٽيل آهي جيڪو اولڙو اسان شيخ اياز جي نثر ۾ ڏسون ٿا. اهو ته خدا کي مڃڻ وارا ته مرڻ کانپوءِ جنت ۾ ويندا پر نه مڃڻ وارا يعني ناستڪ ڪيڏانهن ويندا. ” موت جو منظر“ طرز جي ڪتابن ۾ پڻ اظهار تخيل جي آڌار تي آهي، ائين، بهشت ۾ حورن ۽ غلمانن جو تذڪرو ڪو ڪهنه مشق داستان گو ڪري ته محسوس ائين ٿيندو ته جهڙوڪ بهشت ۾ ويٺل هجون.. بهشتي زيور ڪتاب اهڙي ڪاوش آهي. چوڻ جو مطلب هي آهي ته ڪهاڻيڪار جيڪا آکاڻي ٻڌائي ته ان جو ابلاغ به ٿئي. ابلاغ نه ٿيندو ته پڙهندڙ يا ٻڌندڙ لطف جي ساڳي ليول کي ڇهي نه سگهندو. ساڳي طرح سان خوف جو وايومنڊل به اهڙو ڇرڪائيندڙ هجي جو پڙهندڙ کان وسريو وڃي هو ڪو فڪشن پڙهي رهيو آهي.مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته دانتي جڏهن دوزخ بابت لکي رهيو هو ته هن جي واقعي ئي اهڙي ڪيفيت ٿي وئي، جو کيس ڏسندي ماڻهو چوندا هئا ته هي آهي دانتي،  جيڪو دوزخ ۾ رهي آيو آهي. هي ڪيفيت جي سبليميشن آهي.يعني تخيل کي ظاهر ڪندي علامتن ۽ اشارن کان اهڙيءَ ريت سهارو ورتو وڃي،  جو محسوس ٿئي ته ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي جي واقعي جي اپٽار  depictionنه ڪئي پر ڪيفيت جي عڪس بندي ڪئي آهي. 

  حوالوـ ڇپيل ماهوار پرک، ڪراچي شمارو جنوري/فيبروري 2015ع                                                                                                                                                   

1 comment: